Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

ڊاڪٽر نجمہ نور جي ڪتابن ”ڪڪر ڪي وسائج“ ۽ ”آنءُ اَڀاري آھيان“ جي مھورتي تقريب

نجمہ نور جي شاعريءَ ۾ ترنم ۽ زندگيءَ جي جدوجهد جو عڪس ملي ٿو. سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ادبي ميڙاڪو: ڊاڪٽر نجمہ نور جي تخليقي سفر کي ڀيٽا پيش.

”مون پنهنجي زندگيءَ جي ڏکن کي لکڻين ۾ محفوظ ڪيو آهي:“ ڊاڪٽر نجمہ نور

خيرپور

ڊاڪٽر نجمہ نور سنڌي ادب جي دنيا جي گهڻ رخي شخصيت آھي. ھن نظم توڙي نثر ۾ منفرد تخليقي ڪم ڪيو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار مختلف ساڃاھہ وندن سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعرا ۽ ليکڪا ڊاڪٽر نجمہ نور جي ٻن ڪتابن ”ڪڪر ڪي وسائج“ ۽ ”آنءُ اَڀاري آھيان“ جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. 

پوپٽ پبلشنگ ھائوس پاران سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ٿيل ھن تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نجمہ نور چيو تہ زندگي مسلسل جدوجھد ۾ گذاري اٿم، ان سفر ۾ جيڪي ڏک مليا، انھن کي شعرن ۽ لکڻين جي صورت ۾ محفوظ ڪيو اٿم.

شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ چيو تہ نجمہ نور جي شاعري مترنم آھي، مون سندس گيت ”پکيئڙا! مارن جا ڏي ڏس“ سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ھو.

ھڪ ٻئي شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي چيو تہ ”چنڊ ۽ اجرڪ“، ”صبح جو سلام“، ”نورالوري“ کان پوءِ ھي ٻہ ڪتاب نجمہ نور جي اھم سڃاڻ بڻيا آھن.

سفرنامہ نگار قربان منگيءَ چيو تہ نجمہ نور جا ٽي ڪتاب پوپٽ پبليڪيشنس ڇاپيا آھن. ھوءَ عام ماڻهن جي دلين جي ترجمان ليکڪا آھي.

پروفيسر شاھہ محمد لھراڻيءَ چيو تہ لطيف يونيورسٽيءَ جي پروفيسر کان وٺي ھڪ ماءُ جي حيثيت تائين، نجمہ نور ھڪ ڪامياب زندگي گذاري آھي. ڊاڪٽر امداد سھتو چيو تہ نجمہ نور لطيف يونيورسٽي ۾ ھڪ ھر دل عزيز استاد رھي آھي.

ڪتابن جي حوالي سان خيالن جو اظھار ڪندڙن ۾ ڊاڪٽرابراھيم کرل، ڊاڪٽر اعجازسمون،  حبدارجاگيراڻي، ميرصوبدار سعيد، منظور خاموش، فھيم يحيي ڀٽو، الطاف ابڙو، ديدار معصوم، ضميرلاشاري، علي حسن سرڪي، فقيرڦليو، افسانہ چنا ۽ غفار ٿھيم بہ شامل ھئا. تقريب ۾ شريف عباسيءَ ۽ سالار سنڌيءَ ڊاڪٽر نجمہ نور جي شاعري جهونگاري. تقريب جي ڪاروائي نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر امراقبال ھلائي.

امتياز ملڪ، ڊاڪٽر زبيدہ عباسي، اطھر پٺاڻ، تاج سروھي، گل ميراڻي، محمد علي سھتو، مسرت علي منگي، اظھر شاھہ، ڪليم شيخ، روشن شيخ، خادم منگي، آزاد انصاري، ھاشم ڀٽي، صلاح چنا، ساگر صفي الله شر، ڪفايت گل، گلبانو ٻرڙو، آسيہ ٻرڙو، رخسانہ منگي، زاھد منگي، گلزار منگي، ڪليم عباسي، نذير پتافي، ساجد جمالي، پرويز مھر، عزيز ميمڻ، انور چنا، حفيظ عباسي، راحيل بڙدي، ڊاڪٽر عرفان منگي، عباس ميتلو، طاھر ترابي، مجيد ڪٽوھر، بشارت سھرياڻي، خليق ڀنڀرو، فرحت ڦلپوٽو، نذير پتافي، امتياز مھيسر، ضمير منگي، اي ڪي جويو، سلمان رند، نثار سومرو، فياض خميساڻي، شاھد قريشي، ظھيرسومرو، احسان سومرو، گلبھار ڪٽوھر سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل مھمانن جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button