بل گيٽس جو نئون موقف: موسمي تبديلي انسانن جي تباهيءَ جو ڪارڻ نه بڻجندي
موسمي خطري کي انساني وجود لاءِ ھڪ للڪار سڏيندڙ بِل گيٽس جو چوڻ آهي ته دنيا کي ڊپ ۽ خوف بدران حقيقت پسندي، اميد، ۽ انساني بهتريءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي
موسمي تبديلي هڪ وڏي چيلينج آهي، پر اها قيامت نه آڻيندي. انسانن وٽ علم، ٽيڪنالاجي ۽ حڪمت عمليءَ وسيلي ان سان وڙهڻ جا وسيلا موجود آهن
مُشتاق ٽانوري
دنيا جي سڀ کان مشهور ڪاروباري دماغن مان هڪ مائڪروسافٽ جي باني، دنيا جي چوٿين امير شخص ۽ دنيا جي اهم ترين سيڙپڪارن مان هڪ بل گيٽس موسمي تبديليءَ بابت پنهنجي موقف ۾ حيرت انگيز تبديلي آندي آهي. هو، جيڪو اڳي موسمي خطري کي انساني وجود لاءِ وڏي چيلينج سڏيندو هو، هاڻي چوي ٿو ته ”موسمي تبديلي انساني تباهيءَ جو ڪارڻ نه بڻجندي، ۽ دنيا اڃا به رهڻ جي قابل رهندي.“
گيٽس جو چوڻ آهي ته دنيا کي ڊپ ۽ خوف بدران حقيقت پسندي، اميد، ۽ انساني بهتريءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. بل گيٽس پنهنجي تازي ميمو (يادداشت) ۾ لکيو آهي ته موسمي تبديلي يقيناً سنجيده مسئلو آهي، پر ڪجهه حلقا ان کي ”قيامت جهڙي صورتحال“ بڻائي پيش ڪن ٿا، جيڪا حقيقت کان وڌيڪ خوف پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. هن چيو ته ڌرتيءَ جي گرمي وڌڻ جا اثر ضرور ٿيندا، خاص ڪري غريب ملڪن تي، پر اها صورتحال اهڙي نه هوندي جو انسانذات ختم ٿي وڃي.

پنهنجي تازي بيان سان هُن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. اهو بيان ان دور ۾ آيو آهي، جڏهن ڌرتيءَ جي گرمي، قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي بحران بابت خوف وڌي رهيو آهي. بل گيٽس اڳ ۾ موسمي تبديليءَ کي انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندو رهيو آهي. سندس ڪتاب ”هائو ٽُه اوائيڊ اي ڪلائيميٽ ڊزاسٽر“ (موسمي تباهيءَ کان ڪيئن ٿو بچي سگهجي) ۾ هن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن تُرت قدم نه کنيا ويا ته ڌرتيءَ لاءِ تباهيءَ جا در کُلي ويندا. پر هاڻي، ڪجهه سالن بعد، گيٽس جو لهجو بدلجي چڪو آهي. هو چوي ٿو ته ”ها، موسمي تبديلي هڪ وڏي چيلينج آهي، پر اها قيامت نه آڻيندي. انسانن وٽ علم، ٽيڪنالاجي ۽ حڪمت عمليءَ وسيلي ان سان وڙهڻ جا وسيلا موجود آهن.“ هن مطابق، خوف ۽ دهشت پيدا ڪرڻ بدران، ماڻهن کي حقيقت پسندي، اميد ۽ حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. گيٽس جو چوڻ آهي ته جڏهن هر ڳالهه کي ”خطرناڪ، ناقابلِ واپسي“ يا ”انتهاپسند تباهي“ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ته ماڻهو مايوس ٿي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. تنهنڪري، مسئلي کي ڊپ بدران اميد ۽ عمل سان ڏسڻ ضروري آهي. گيٽس پنهنجي تازي يادداشت ۾ لکي ٿو ته موسمي تبديلي جا اثر يقيناً سخت ٿيندا، خاص طور تي انهن ملڪن ۾ جيڪي اڳ ئي غريب ۽ غير مستحڪم آهن، پر دنيا مڪمل طور ختم نه ٿيندي. انساني تاريخ ۾ ڪيترائي دور آيا آهن، جڏهن وڏا خطرا موجود هئا، پر هر ڀيري انسان پنهنجي علم ۽ همت سان انهن مان نڪري آيو.
هو لکي ٿو ته ”گرمي پد جي انگ اکرن نه پر ماڻهن جي بهتريءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن صرف ڪاربان اخراج گهٽائڻ تي ڳالهائجي ۽ انساني ترقي کي وساري ڇڏجي ته اصل مقصد وڃائي ويهبو.“ بل گيٽس جو نئون موقف صرف ڳالهين تائين محدود نه آهي،گذريل ڏهاڪي دوران هن موسمي تبديليءَ سان لاڳاپيل رٿائن تي اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن. 2015ع ۾ هن ”بريڪ ٿرو انرجي“نالي فنڊ قائم ڪيو، جيڪو صاف توانائيءَ جي نون منصوبن ۽ ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿو. سندس مدد سان،گهٽ اخراج واري سيمينٽ، هائيڊروجن ٻارڻ ، ڪاربان ڪيپچر ٽيڪنالاجي ۽ جديد شمسي توانائيءَ جي ماڊل جهڙين نئين ٽيڪنالاجيز تي ڪم ٿيندو پيو رهي. سندس ”ٽيراپاور“ ڪمپني جديد نيوڪليئر ريڪٽرز تي ڪم ڪري رهي آهي، جن مان هڪ کي آمريڪي حڪومت تازو منظور ڪيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ گهٽ فضائي آلودگي سان توانائي پيدا ڪندو.
بل گيٽس جي گيٽس فائونڊيشن پڻ موسمي اثرن سان وڙهندڙ غريب ملڪن لاءِ سرگرم آهي. هن فائونڊيشن تازو ئي 1.4 ارب ڊالرن جو فنڊ مختص ڪيو آهي، جنهن جو مقصد خاص طور تي آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا جي زرعي نظام کي مضبوط بڻائڻ آهي، جيئن مقامي هاري وڌندڙ گرمي ۽ خشڪيءَ جي باوجود فصل حاصل ڪري سگهن پر هرڪو بل گيٽس جي هن نئين موقف سان متفق ناهي. ”پرنسٽن يونيورسٽي“ جي ماحولياتي ماهر ”ڊاڪٽر مائيڪل اوپنهائمر“ چيو آهي ته گيٽس جو اهڙو بيان انهن ماڻهن لاءِ جواز بڻجي سگهي ٿو، جيڪي موسمي تبديليءَ کي سنجيده نٿا سمجهن. اوپنهائمر موجب، جڏهن هڪ عالمي اثر رکندڙ شخص چوي ٿو ته ”دنيا ختم نه ٿيندي“، ته پاليسين ۾ لاپرواهي وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ، ڪجهه ماهر چون ٿا ته گيٽس جو مقصد خوف گهٽائڻ ۽ عمل لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. سماجي نفسيات جي ماهر ڊيوڊ ڪالهن مطابق، تحقيق ٻڌائي ٿي ته ”جيڪو پيغام اميد، جدت ۽ امڪانن سان ڀريو هجي، اهو ڊپ ڀريو پيغام ڀيٽ ۾ ماڻهن کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ٿو.“
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٿي سگھي ٿو بل گيٽس جي اميد ڏياريندڙ ڳالهه صحيح هجي، پر حقيقت اڃا به خطري سان ڀريل آهي. 2024ع ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرم سال رهيو رُڳو يورپ ۾ گرمي سبب 63 هزار ماڻهو فوت ٿيا. فوسل ٻارڻ جي وڌندڙ استعمال سبب سمنڊن جي سطح بلند ٿي رهي آهي، برفاني ڇپون ڳري رهيون آهن ۽ ٻيلن ۾ باهيون لڳي رهيون آهن. جيڪڏهن گرين هائوس گيسز ۾ گهٽتائي نه آندي وئي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ زرعي پيداوار گهٽجڻ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ لڏپلاڻ جو بحران شدت اختيار ڪندو. تنهنڪري، گيٽس جي ڳالهه کي بي پرواهيءَ سان نه پر اميد جي صورت ۾ ڏسڻ گهرجي.
تجزيي نگارن جو خيال آهي ته بل گيٽس جو نئون موقف سياسي حڪمت عمليءَ جو حصو به ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ۾ جڏهن ”ريپبلڪن پارٽي“ حڪومت ۾ اچي ٿي، ته ماحولياتي پاليسين جي مخالفت وڌي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ گيٽس جو نرم موقف شايد ٻنهي ڌرين کي هڪ وچولي نقطي تي موسمي قدمن کي اقتصادي نقصان بدران ترقيءَ جو موقعو بڻائڻ جي ڪوشش هجي. هن ڳالهه کي پڻ وسارڻ نه گهرجي ته موسمي پاليسيون صرف اخراج گهٽائڻ تائين محدود ناهن، بلڪه اهي توانائيءَ جي دستيابي، نوڪرين ۽ عالمي واپار سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. گيٽس جو موقف اهو ڏيکاري ٿو ته جيڪڏهن موسمي قدمن کي انساني بهتريءَ سان جوڙي ڏٺو وڃي، ته دنيا کي گڏجي اڳتي وڌڻ ۾ آساني ٿيندي.
بل گيٽس جي سوچ جو مرڪز ٽن بنيادن سائنس ۽ تحقيق وسيلي مسئلن کي سمجهڻ، صاف توانائي، جديد زراعت، ۽ پاڻيءَ جي بچاءَ وارا نظام جوڙڻ ۽ سماجي حوصلا افزائي ۽ عالمي همدردي تي آهي. سندس خيال آهي ته جيڪڏهن دنيا گڏجي ڪم ڪري، ته موسمي تبديليءَ کي روڪڻ بدران ان سان ايڊجسٽ ڪرڻ وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. گيٽس لکي ٿو ته ”انساني تاريخ ۾ ڪنهن به وقت ايتري صلاحيت موجود نه هئي، جيتري اڄ آهي. اسان وٽ علم، وسيلا ۽ خواهشون آهن، صرف همٿ ۽ گڏيل فيصلو گهرجي.“ سندس نظر ۾ موسمي تبديليءَ کي صرف ماحولياتي مسئلو نه پر انساني انصاف ۽ برابريءَ جو سوال به سمجهڻ گهرجي. ڇو ته موسمي اثرن جو سڀ کان وڏو بار انهن ملڪن تي پوي ٿو، جيڪي گهٽ ذميوار آهن، پر سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ آهن. تنهنڪري، امير ملڪن کي غريب ملڪن جي مدد ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪرڻ ۽ زرعي سڌارن ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
بل گيٽس جو هي نئون موقف شايد ڪيترن لاءِ حيران ڪندڙ هجي، پر ان ۾ هڪ اهم فڪري تبديلي موجود آهي. هو چوي ٿو ته خوف انسان کي منجمد ڪري ٿو، پر اميد حرڪت ۾ آڻيندي آهي. جيڪڏهن دنيا ان پيغام کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي، ته موسمي تبديليءَ جو مقابلو ڪرڻ سان گڏوگڏ غربت، بک ۽ انساني عدم برابريءَ جهڙن مسئلن لاءِ به نوان حل پيدا ٿي سگهن ٿا. گيٽس جو پيغام موسمي تبديليءَ سان وڙهڻ جو مطلب صرف گرمي گهٽائڻ نه، پر انساني زندگيءَ کي وڌيڪ بهتر، ذميوار ۽ باوقار بڻائڻ آهي سڀني لاءِ يادگار آهي.
_______________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.



