آء نه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو: ڏکڻ ايشيا، سنڌ جو نوجوان ۽ بدترين حالتون
سنڌ جو نوجوان سائوٿ ايشيا جي ٻين نوجوانن جي ڀيٽ ۾ بدترين صورتحال ۾ رھي ٿو انڪري عدم تحفظ جو شڪار ۽ بي صبرو ٿي پيو آھي
آھي ڪو رھبر يا ليڊر جيڪو نوجوانن کي بچائي ۽ معاشري لاء ڪارائتو بڻائي ھنرمند ۽ غير ھنرمند سنڌي نوجوان کي پيداوراري قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
ادريس چانڊيو
سنڌ پاڪستان ۽ سائوٿ ايشيا جي ملڪن اندر آبادي جو وڏو تعداد نوجوانن جو آھي جيڪي مختلف ملڪن جي ڪل آبادي جو 60 کان 65 سيڪڙو آھن . جنھن ۾ به آئيڊيل يوٿ جيڪا 18 سالن کان 25 سالن جي ڄمار ۾ موجود آھي تنھن جي اڪثريت آھي . سائوٿ ايشيا جيان , چين ۽ روس وغيرھ کان وڌيڪ خوش نصيب آھن ڇو ته مٿيان ملڪ آبادي جي واڌ ۾ مائينس جو شڪار آھن ۽ ڪراڙا وڌي ويا آھن پر اسان جي نوجوانن لاء ھيٺيان مسئلا ۽ چيلينجز موجود آھن جيڪي ھي آھن: ماحول جي گدلاڻ , ايٽمي ھٿيار, پراڪسي وار , سونامي , جنونيت ۽ فرقاپرستي , زھريلا کاڌا , ھائبرڊ ڪلچر , ويڳاڻپ , خراب حڪمرانيون , رشوت خوري ۽ اھليت جي لتاڙ , انفرادي سوچ , جنسي لذت , نشو , دولت ھٿ ڪرڻ جي خواھش , فطرت ۽ فطري ماحول کان دوري , ميڊيا جي ڪوڙي رھنمائي , ڪاپي ڪلچر , انساني قدرن کان لاتعلقي, قومي ۽ طبقاطي غلامي , علم ۽ ڏاھپ جي کوٽ.

سنڌ جو نوجوان سائوٿ ايشيا جي ٻين نوجوانن جي ڀيٽ ۾ بدترين صورتحال ۾ رھي ٿو انڪري عدم تحفظ جو شڪار ۽ بي صبرو ٿي پيو آھي. جھڙي ريت ھو زندگي کي بي معني سمجھڻ شروع ڪيو آھي . آھي ڪو رھبر يا ليڊر جيڪو نوجوانن کي بچائي ۽ معاشري لاء ڪارائتو بڻائي ھنرمند ۽ غير ھنرمند سنڌي نوجوان کي پيداوراري قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
______________
ادريس چانڊيو ھڪ سينئر سياسي ڪارڪن آھي