يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جو سنڌ جي وحدت خلاف بيان: پُڇاڻو ٿيڻ گھرجي!
ڇا هڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي اهڙي حساس سياسي معاملي ۾ پنهنجو عهدو استعمال ڪندي ڪنهن ڌر جي موقف جي ترجماني ڪرڻ گهرجي؟ ان سلسلي ۾ اصل بيان جي تصديق، وائيس چانسلر کان وضاحت ۽ لاڳاپيل قانونن ۽ يونيورسٽيءَ جي ضابطن جو جائزو وٺڻ گھرجي. جيڪڏهن ثابت ٿئي ته سرڪاري عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي اداري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ته پوءِ قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پر جيڪڏهن بيان غلط منسوب ٿيو آهي ته ان جي واضح ترديد ۽ اصل حقيقت سامهون آڻڻ به ضروري آهي.

نسيم بخاري
سنڌ رڳو هڪ انتظامي وحدت جو نالو ناهي، پر اها هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت، اجتماعي سڃاڻپ ۽ ماڻهن جي احساسن سان جڙيل ڌرتي آهي. سنڌ جي وحدت جو سوال جڏهن به سياسي بحث جو موضوع بڻجي ٿو، تڏهن اهو رڳو سياسي پارٽين جي موقف تائين محدود نٿو رهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي شعور ۽ اجتماعي وجود سان به ڳنڍجي وڃي ٿو. اهڙي حساس معاملي تي ڪنهن به ذميوار شخص، خاص ڪري ڪنهن سرڪاري يونيورسٽيءَ جي سربراهه جي راءِ يا بيان کي عام سياسي تبصري جيان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
تازو ڊاڪٽر سمرين حسين، وائيس چانسلر دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي جو سنڌ جي ورهاڱي جي حمايت ۾ بيان منظر عام تي آيو آھي ۽ خاص طور سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان سخت تنقيدي ردعمل ڏيکاريو ويو آھي.
ڇا هڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي اهڙي حساس سياسي معاملي ۾ پنهنجو ادارتي عهدو استعمال ڪندي ڪنهن ڌر جي موقف جي ترجماني ڪرڻ گهرجي؟
هي سوال ان وقت وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 27 آڪٽوبر 2026ع تي ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي ۾ تاريخي اسپينسر آءِ اسپتال جي بحالي ۽ جديد سهولتن جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي گهٽ ۾ گهٽ ست يا اٺ ڀيرا پنهنجو موقف واضح ڪري چڪي آهي، سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي چونڊيل نمائندن پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي هن بحث تي فل اسٽاپ لڳڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي مستقبل جو فيصلو سنڌ جا ماڻهو پاڻ ڪندا، ٻاهران ڪو به ماڻهو اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي.
بلاول جي ان بيان ۾ هڪ اهم سياسي پيغام به موجود هو ته سياستدانن جو ڪم ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست کي هٿي ڏيڻ نه.
بلاول جو اهو موقف پنهنجي جاءِ تي واضح آهي، پر ان سان گڏ هڪ ٻيو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن پارٽيءَ جو سربراهه سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث کي بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته پوءِ ان پارٽيءَ جي حڪومت هيٺ ڪم ڪندڙ هڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي سربراهه جو سنڌ جي ورهاڱي جي حمايت وارو موقف ڇو پيش ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏھن اھڙو ڪو بيان جاري ڪيو ويو آھي تہ ڇا اهو سندس رڳو ذاتي خيال آهي، يا ڪنهن سياسي بحث جو حصو آهي ؟ بھرحال، ڪنھن بہ لحاظ کان ھن محترما کي ان عھدي تي ويھي اھڙو بيان ڏيڻ جو اختيار ڪونھي، ۽ سندس انھيءَ عمل تي قانوني طور پُڇاڻو ٿيڻ گھرجي.
ڊاڪٽر سمرين حسين بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر ۽ اروڙ يونيورسٽيءَ جي قيام ۽ انتظامي مرحلن سان به لاڳاپيل رهي آهي. ھُوءَ فيبروري 2023ع کان دائود يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور ڪم ڪري رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ڊاڪٽر سمرين حسين جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو جائزو آزاد ۽ غيرجانبدار انداز ۾ ورتو وڃي، نه ته رڳو يونيورسٽيءَ جي پنهنجي تشهيري بيانن جي بنياد تي حتمي راءِ قائم ڪئي وڃي.
هتي هڪ ٻيو پاسو به بحث طلب آهي. ڊاڪٽر سمرين حسين جو نالو اڳ به اعليٰ تعليم جي انتظامي معاملن ۾ بحث هيٺ رهيو آهي. سال 2022ع ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ سندن مقرريءَ بابت شفافيت ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جا سوال اخبارن ۾ اٿاريا ويا هئا. ان وقت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان به مقرريءَ جي عمل بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا. انهن اعتراضن کي به ان دور جي رپورٽ ٿيل اعتراضن طور ڏسڻ گهرجي. ڪنهن به شخص جي قابليت ۽ ڪارڪردگيءَ جو فيصلو ثبوت، قانوني ضابطن ۽ شفاف جاچ سان ئي ٿيڻ گهرجي.
ڊاڪٽر سمرين حسين ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين جو نالو ئي اھڙو آھي جنھن جي ٻُڌڻ سان ميڊيا ۾ ڇپيل ان ڳڻت رپورٽون ذھن تي اچي وڃن ٿيون.
يونيورسٽيون علم، تحقيق، دليل، اختلافِ راءِ ۽ شعوري تربيت جا مرڪز هونديون آهن. انهن جو ڪم شاگردن کي سياسي نعرا ياد ڪرائڻ نه، پر کين سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، تاريخ سمجهڻ ۽ مختلف خيالن کي برداشت ڪرڻ سيکارڻ آهي. وائيس چانسلر جو بنيادي فرض اداري کي علمي ۽ انتظامي طور مضبوط ڪرڻ، استادن ۽ شاگردن لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪرڻ، ميرٽ جي حفاظت ڪرڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. ذاتي حيثيت ۾ هر ماڻهوءَ کي سياسي راءِ رکڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو حق حاصل آهي، پر سرڪاري عهدي جي ذميوارين ۽ ذاتي سياسي راءِ جي وچ ۾ فرق برقرار رکڻ به لازمي آهي.
سنڌ جي ورهاڱي جو سوال ڪو معمولي انتظامي بحث ناهي. ان سان لکين ماڻهن جا احساس، تاريخي يادگيريون، ٻولي، ثقافت ۽ اجتماعي سڃاڻپ لاڳاپيل آهن. ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آهي، پر جڏهن اها راءِ ڪنهن اهڙي سرڪاري اداري جي سربراهه سان منسوب ٿئي، جنهن جي ذميواري شاگردن کي تعليم ڏيڻ ۽ کين غيرجانبدار علمي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، تڏهن ان جي اثرن تي ڳالهائڻ به جائز آهي. تعليمي ادارن کي سياسي ڇڪتاڻ جو ميدان بڻائڻ سان شاگردن جي علمي ماحول کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
هتي هڪ خدشو اهو به آهي ته ڇا سنڌ ۾ نون صوبن يا انتظامي يونٽن بابت سياسي بحث کي ڪنهن ٻئي رستي سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟ ڇا سياسي فورمن تي گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ کان پوءِ اهڙن بحثن کي تعليمي ادارن جي سربراهن يا ٻين غيرسياسي عهدن تي ويٺل شخصيتن جي بيانن وسيلي نئين رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ ، پر جيڪڏهن اهڙو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته ان کي ختم ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي آهي.
سنڌ جي ورهاڱي بابت پيپلز پارٽيءَ جو موقف به رڳو بيانن تائين محدود نه رهڻ گهرجي. جيڪڏهن پارٽيءَ جو چيئرمين چوي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بحث بند ٿيڻ گهرجي، ته پوءِ پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن بابت اٿندڙ سوالن جو جواب ڏيڻ به سياسي ذميواري بڻجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، يونيورسٽين ۽ بورڊن واري صوبائي وزير حاجي اسماعيل راهو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي هن معاملي تي پنهنجو واضح موقف ڏيڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ پهريون قدم شوڪاز نوٽيس يا معطليءَ جو اعلان نه، پر اصل بيان جي تصديق، وائيس چانسلر کان وضاحت ۽ لاڳاپيل قانونن ۽ يونيورسٽيءَ جي ضابطن جو جائزو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ثابت ٿئي ته ڪنهن سرڪاري عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي اداري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ته پوءِ قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پر جيڪڏهن بيان غلط منسوب ٿيو آهي ته ان جي واضح ترديد ۽ اصل حقيقت سامهون آڻڻ به ضروري آهي. بنا جاچ ڪنهن کي سزا ڏيڻ انصاف ناهي، جيئن بنا وضاحت حساس بيان کي نظرانداز ڪرڻ به ذميواريءَ کان پاسو ڪرڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ جي اسپينسر اسپتال واري بيان ۾ هڪ اهم ڳالهه هئي ته سياستدانن جو ڪم ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ نفرت جي سياست کان پاسو ڪرڻ آهي. سنڌ جي وحدت بابت به ساڳيو اصول لاڳو ٿئي ٿو. ڪنهن به سياسي يا سرڪاري شخصيت کي اهڙي ٻولي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو ماڻهن کي ويجهو آڻي، نه ڪي کين وڌيڪ ورهائي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت بابت پنهنجي موقف ۾ سنجيده آهي ته پوءِ ان موقف جو اثر حڪومت جي انتظامي ادارن ۾ به نظر اچڻ گهرجي.
سنڌ جي وحدت ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي ملڪيت ناهي. اها سنڌ جي ماڻهن جي تاريخ، شعور ۽ اجتماعي سڃاڻپ جو حصو آهي. ان جي حفاظت لاءِ سياسي نعرا ڪافي ناهن؛ شفاف حڪمراني، مضبوط ادارا، تعليم جي بهتري، روزگار، انصاف ۽ عوامي مسئلن جو حل به ضروري آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ بابت هر سياسي موقف تي سوال ڪن، هر سرڪاري عهديدار کان وضاحت گهرن ۽ هر اداري کي ان جي اصل ذميواري ياد ڏيارين.
هڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ اهڙي سياسي بحث ۾ حصو وٺڻ جو مقصد ۽ اداري سان ان جو ڪهڙو تعلق آهي. ساڳي وقت پيپلز پارٽيءَ کي به اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي وحدت بابت سندس موقف رڳو سياسي جلسن ۽ ميڊيا بيانن تائين محدود ناهي، پر ان تي حڪومتي ادارن ۾ به عمل ٿئي ٿو.
يونيورسٽيون علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ آهن، سياسي تڪرارن کي هوا ڏيڻ لاءِ نه. سنڌ جي ماڻهن کي رڳو يقين ڏيارڻ نه، پر عمل سان ڏيکارڻ جي ضرورت آهي ته سندن ڌرتي، تاريخ ۽ اجتماعي سڃاڻپ ڪنهن جي سياسي مصلحت کان مٿانهين آهي.
_________________

سيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



