دِي رفارمرز The Reformers کان دِي فارمرز The Formers تائين ھڪ سفر
مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ شرط رفارمرز جو اصل ڪردار به شروع ٿيو. نثار ميمڻ سنڌ مان وفاقي وزارتن لاءِ ماڻھو ڏيڻ شروع ڪيا. انھن ۾ آڪٽوبر ۾ ئي سڀ کان پھريون کنيل وزير خير محمد جوڻيجو ھو جنھن کي زراعت ۽ امداد باھميءَ واري وزارت ڏني وئي ھئي.
ڪجھ وقت کانپوءِ نثار ميمڻ وزير اطلاعات جو عھدو سنڀالي ورتائين. سندس وزارت سنڀالڻ کان پوءِ دي رفارمرز به ايئن گم ٿي وئي ڄڻ ان جو ڪو وجود ئي ڪونه ھو.
چوڏھين آگسٽ 1999 تي رفارمرز جي آفيس ٻاھران ھڪ جلسي ٽائيپ پروگرام رکيو ويو ھو. ان جلسي کي خطاب ڪرڻ وارو مکيه ماڻھو رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر ھو جنھن پنھنجي تقرير ۾ جيڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي، اھا ڪنھن ٻئي نوٽ ڪئي يا نہ پر مان اڄ تائين اھا وساري نه سگھيو آھيان. معين حيدر چيو: تبديلي اچڻ واري آهي. پلان تيار آھي.

نصير اعجاز
ڪجھ ڏينھن کان محترما ماروي ميمڻ، سندس جوڙيل ھڪ فورم ھسٽارينز وِدآئوٽ بارڊرز، ماضيءَ ۾ اي بي سي ڊي، ق يا ن مسلم ليگ ۽ آمر جنرل مشرف سان سندس تعلق جي حوالي سان خبرون ۽ تبصرا سوشل ميڊيا تي ڇانيل رھيون آھن. مختلف ماڻھن جي مختلف راءِ آھي. ڪن ماروي ميمڻ جي ارادن تي شڪ ڏيکاريندي ماضيءَ ۾ سندس والد نثار ميمڻ جي جوڙيل تنظيم دي رفارمرز جا حوالا ڏنا آهن ته ڪن وري ماروي ميمڻ سان ملندڙ ڪجھ سنڌي دانشورن تي به ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان تنقيد ڪئي آھي. ڪنھن ڇا لکيو، ڇو لکيو، مان ان ڊيگھ ۾ نٿو وڃڻ گھران. ان تي مان نه سرھو آھيان ۽ نه ارھو. ڪير ڪنھن سان ملي ٿو، نٿو ملي، ان جو ذاتي عمل آھي جنھن تي اعتراض جو حق ايستائين ڪنھن کي ڪونھي جيستائين اھو عمل سنڌ جي مفادن ۾ ناھي.
پھرين ته سوچيم ته ڪجھ نه لکان پر ضروري سمجھيم ته ڪجھ تاريخي حقيقتن کي رڪارڊ تي آڻجي جن جو مان اکين ڏٺو شاهد آھيان.

منھنجو محترما ماروي ميمڻ سان ڪڏھن ڪو تعلق ڪو نہ رھيو. ڪڏھن ساڻس ملڻ به ڪو نہ ٿيو. پر سندس والد نثار ميمڻ سان گھڻي ويجھڙائي ھئي. نثار ميمڻ اسان جي صحافي دوست مرحوم مشتاق ميمڻ جو ڀاءُ ھو جيڪو ڊان اخبار جو سينئر صحافي ھو. مرحوم سوشلسٽ خيالن جو ماڻھو ھو. سٺي خوشحال گھراڻي جو ھوندي بہ ھو گھر کان آفيس يا پريس ڪلب پنڌ يا رڪشائن ۾ ايندو ويندو ھو. مون سان سندس ياري ھئي. سنھڙو سيپڪڙو، دل جو صاف ۽ کرو انسان ھوندو ھو. سندس شادي ٿيل ڪانه ھئي ۽ ڇڙو ئي رھيو. سندس معرفت ئي ڀاڻس نثار ميمڻ سان منھنجي ملاقات آسي واري ڏهاڪي ۾ ٿي جڏھن نثار ميمڻ ڪنھن پرڏيھي اداري ۾ وڏي عھدي تي لڳل ھو. کيس سنڌ جي حوالي سان ڪجھ اھم دستاويز گھربل ھئا جن لاءِ ھو مون وٽ پريس ڪلب آيو وري اتان برنس روڊ وياسين جتان دستاويزن جون فوٽو ڪاپيون ڪرايوسين. اھو ڏينھن ۽ وري اسان جي ملاقات 1999 تائين ڪانه ٿي.
انھيءَ سال نثار ميمڻ ھڪ آمريڪي ڪمپني جو ڪنٽري ھيڊ ھو. سندس تعلقات سياستدانن، وڏن واپارين، صنعتڪارن ۽ ڪامورن سميت تمام مٿين ليول تائين ھئا. ھڪ آمريڪي ڪمپني جي سربراھ ھجڻ سان کيس جيڪي مالي فائدا ھوندا، اھي ڪير سوچي به نٿو سگھي، پر ھن اھو عھدو ڇڏي دي رفارمرز The Reformers نالي سان تنظيم جوڙي جنھن کي ماڻھو The Formers چوڻ لڳا ھئا ڇو ته ان ۾ گھڻو ڪري اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي شامل ھئا. نئين تنظيم جي سيڪريٽريٽ لياقت نيشنل اسپتال جي ڀرسان پراڻي سبزي منڊيءَ ڏي ويندڙ گھٽيءَ ۾ ھڪ مسواڙي بنگلي ۾ ھئي.
انھن ڏينھن ۾ جڏھن رفارمرز جي سيڪريٽريٽ جو اڃان رنگ روپ ھلي رھيو ھو تہ ڪنھن دوست جي معرفت نثار ميمڻ مون سان رابطو ڪيو. ھن مونکي سندس تنظيم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا قبول ڪيم جو مان پاڻ بيروزگار ويٺو ھيس.
ڳالھ کي کٽائيندو ھلجي. ستت ئي تنظيمي دوري جو پروگرام ٺھيو جنھن ۾ نثار ميمڻ مون کي به ساڻ ھلڻ جو چيو. اسان جو ٻن ٽن گاڏين جو قافلو روانو ٿيو. مان ڪراچيءَ جي مشھور صنعتڪار ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ شخصيت ناظم ايف حاجيءَ سان سندس ڪار ۾ ھيس. اسان حيدرآباد کان ٿيندا سڪرنڊ تائين ڪن ھنڌن تي سياسي زميندارن سان ملندا نيٺ سڪرنڊ مان سيد بشير احمد شاھ، اڳوڻي ايم پي اي يا ايم اين اي، کي ساڻ کڻندا سڌو وڃي درٻيلي سيد ظفر علي شاهه جا مھمان ٿياسين. نثار ميمڻ ۽ ظفر شاھ جي الڳ ميٽنگ به ٿي ته اسان سان ڊنر تي ڪچھري به جاري رھي. رات جو مقامي فنڪارن جي محفل رکي وئي ھئي. صبح جو نيرن تي وري شاھ صاحب سان ڪچھري ٿي جنھن کانپوءِ موڪلائي روانا ٿياسين. نثار ميمڻ جون موري، دولتپور ۽ ٻين ھنڌن تي سياسي وڏيرن سان گڏجاڻيون رکيل ھيون جن ۾ منھنجي ڪا دلچسپي نه ڏسي، نثار ميمڻ ۽ بشير شاھ ھڪ ڪار منھنجي حوالي ڪئي ته مان وڃي سڪرنڊ ۾ بشير شاھ جي اوطاق تي سندن انتظار ڪريان. ايئن مان سڪرنڊ روانو ٿي ويس. رات اتي رھي صبح جو روانگيءَ مھل ناظم ايف حاجيءَ واپس ڪراچي وڃڻ چاھيو ڇو ته نثار ميمڻ سعيد آباد ۽ ڀرپاسي جي وڏيرن سان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو ھو. ناظم ايف حاجيءَ مون کان پڇيو ته مان به ساڻس وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. اسان ٻئي سعيدآباد ويجھو ھڪ ڳوٺ ۾ سنڌي ثقافتي اوطاق تي ھڪ ڪچھري مان ٿي روانا ٿي وياسين.
تنظيمي دوري تان واپسيءَ تي بشير شاھ ڊفينس م پنھنجي بنگلي تي وڏي دعوت رکي جنھن ۾ سياسي وڏيرا توڙي حاضر ۽ اڳوڻا ڪامورا ۽ ڪي اڳوڻا وزير شريڪ ٿيا جن ۾ ايم ڪيو ايم جو ھڪ وزير به شامل ھو. اھو شخص اصل ۾ صنتڪار ھيو جيڪو الطاف حسين کي پئسا ڏئي سنڌ جو وزير ٿيو ھو. ان دعوت ۾ ھُو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمن ايم ايم عثماني ھڪ ڪُنڊ ۾ بيھي ڪچھري ڪري رھيا ھئا. تِن ڏينھن ۾ بشير خان قريشيءَ واري جيئي سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪالا باغ ڊيم مخالف اتحاد ٿيو ھو. مون ايم ڪيو ايم واري سابق وزير کان پڇيو تہ اھي اتحاد گھڻو وقت ھلندو؟ ھُن وراڻيو ھو: ايترو ئي وقت ھلندو، جيترو وقت اُھي چاھيندا، جن اتحاد ڪرايو آھي.
اھي ڳالھ تہ ھلندي ڪيم، پر ھاڻي ھڪ اھم ڳالھ ٻڌائيندس. چوڏھين آگسٽ 1999 تي رفارمرز جي آفيس ٻاھران ھڪ جلسي ٽائيپ پروگرام رکيو ويو ھو. ان جلسي کي خطاب ڪرڻ وارو مکيه ماڻھو رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر ھو جنھن پنھنجي تقرير ۾ جيڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي، اھا ڪنھن ٻئي نوٽ ڪئي يا نہ پر مان اڄ تائين اھا وساري نه سگھيو آھيان. معين حيدر چيو: تبديلي اچڻ واري آهي. پلان تيار آھي.
اھو آگسٽ جو مھينو ھو ۽ جڏھن ٻارھين آڪٽوبر تي جنرل مشرف نواز شريف جو تختو اونڌو ڪيو ته مونکي ھڪدم معين الدين حيدر جا اھي لفظ ياد اچي ويا. ھو رٽائرڊ فوجي جنرل ھو ۽ کيس سموري خبر ھئي ته اندر ئي اندر ڇا پچي رھيو آھي. مشرف اقتدار سنڀالڻ شرط معين حيدر کي ملڪ جو وزير داخلا مقرر ڪيو ھو ۽ انھيءَ عھدي تي ھو 2002 تائين رھيو.
مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ شرط رفارمرز جو اصل ڪردار به شروع ٿيو. نثار ميمڻ سنڌ مان وفاقي وزارتن لاءِ ماڻھو ڏيڻ شروع ڪيا. انھن ۾ آڪٽوبر ۾ ئي سڀ کان پھريون کنيل وزير خير محمد جوڻيجو ھو جنھن کي زراعت ۽ امداد باھميءَ واري وزارت ڏني وئي ھئي.
ھڪ ڏينھن نثار ميمڻ مون.کي پنھنجي آفيس ۾ سڏي حال احوال اورڻ شروع ڪيو. چيائين: مشرف مونکي وزارت جي آڇ ڪئي آھي، پر مان في الحال لنوايان پيو. تنھنجي ڪھڙي صلاح آھي.
مون کيس چيو ته تڪڙ نه ڪجو. صورتحال ڏسو ڪجھ وقت. ھڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي وزارت ۾ شامل ٿيڻ سان توھان جي ساک کي ڌڪ لڳندو.

ھن منھنجي ڳالھ سان اتفاق ته ڪيو پر ڪجھ وقت کانپوءِ وزير اطلاعات جو عھدو سنڀالي ورتائين. سندس وزارت سنڀالڻ کان پوءِ دي رفارمرز به ايئن گم ٿي وئي ڄڻ ان جو ڪو وجود ئي ڪونه ھو. نثار ميمڻ سان به ڪو رابطو نه رھيو، سواءِ ڪراچي ۾ ڪنھن سرڪاري پروگرام جي ڪوريج دوران ملاقات جي. ھُو سال 2002 تائين وزير رھيو. ورھين کانپوءِ وري ڇھ ست سال اڳ 2019 ۾ فون تي ٻه ٽي ڀيرا اسان جي ھيلو ھاء ٿي.
جڏھن دي رفارمرز وجود ۾ آئي تڏھن نثار ميمڻ جي ڌيءَ محترما ماروي ميمڻ منظر تي ڪانه هئي. مُشرف واري دور ۾ سندس ڪھڙو ڪردار ھو؟ ھُوءَ آءِ ايس پي آر ۾ ھُئي يا نہ؟ خدا کي خبر، پر منھنجي آڏو ماروي ميمڻ جو اھو ڪردار آيو جڏھن نواز شريف پنھنجي پارٽي منشور ۾ ان ڳالھ جو واڌارو ڪيو تہ اقتدار ۾ اچي مقامي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويندو. جڏھن مسلم ليگ نُون اقتدار ۾ آئي تہ ماروي ميمڻ سنڌيءَ سميت ڪجھ ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪري ھڪ بل جو مُسودو تيار ڪيو جنھن کي جڏھن پارليمينٽ ۾ پيش ڪيو ويو تہ پارليامينٽ اھو بل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو جتي بل جي قسمت جو فيصلو اھو ئي ٿيو، جنھن جي توقع ھئي. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اڪثر ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي جن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو عيوضي بہ شامل ھو. اھڙي طرح قومي ٻولين واري بل تي ڊگھي خاموشي ڇائنجڻ کانپوءِ ھاڻي وري ماروي ميمڻ سياست لاءِ انھيءَ معاملي کي چونڊيو آھي.
________
نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



