ڪراچيءَ ۽ سکر وچ ۾ ٽرين هلائڻ جي رِٿا
ڪراچيءَ کان سکر تائين سب اربن ريلوي سروسز متعارف ڪرائڻ جو منصوبو، لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا. پاڪستان ريلوي جي وفد سنڌ جي توانائي وزير ناصر شاھ سان ملي رٿا تي غور ڪيو
ڪراچي
سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لاهور جي طرز تي پاڪستان ريلوي ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچيءَ کان سکر تائين سب اربن ريلوي سروسز شروع ڪرڻ جي تجويز تي غور ٿي رهيو آهي.
هي منصوبو عوام جي سفري سهولتن ۾ وڏي واڌارو آڻيندو، جنهن مان روزانو لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا. ان سان گڏوگڏ انٽراسٽي بس سروسز تي به دٻاءُ گهٽبو ۽ رَش جي ڪري عوام کي ٿيندڙ تڪليفن ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ريلوي نظام ۾ سڌارن ۽ عوام لاءِ سفري سهولتن ۾ واڌ لاءِ حڪومت اهم قدم کڻندي روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ شارٽ روٽ تي ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ريلوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ توانائي کاتي جي آفيس ۾ ناصر شاھ سان ملاقات ۾ انھيءَ رٿا بابت ڳالھيون ڪيون . وفد جي اڳواڻي چيئرمين/سيڪريٽري پاڪستان ريلوي سيد مظھر الاسلام ڪري رهيو هو. ٻين ميمبرن ۾ سي او ريلوي عامر علي بلوچ، ڊي ايس ريلوي ڪراچي ريحان لاکو شامل هئا. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي طرفان سيڪريٽري توانائي مشتاق احمد سومرو، ايم ڊي ٿر ڪول انرجي بورڊ طارق علي شاهه، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪول ڊاڪٽر وقاص راجپوت، چيف ٽيڪنيڪل آفيسر شارق رضا ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
ريلوي سيڪريٽري ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي پنجاب حڪومت سان گڏجي لاهور ۾ عوام لاءِ سب اربن ريلوي سروسز جو منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن مان 8 ڪروڙ آبادي فائدو وٺي رهي آهي. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا منصوبه آهن، جيڪي اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، جن لاءِ سنڌ حڪومت جو سهڪار ضروري آهي.
ناصر حسين شاهه چيو ته ان لاءِ اسان هر اهڙي اداري سان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪو عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. اسان ريلوي سان به گڏجي عوامي مفاد وارن منصوبن ۾ نه صرف شراڪت ڪنداسين پر هر ممڪن سهڪار به مهيا ڪنداسين.
هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم مڪمل ڪري چڪي آهي، ريلوي لائن جي آس پاس کان تجاوزات هٽائڻ جو ڪم جاري هو پر نامعلوم سببن جي ڪري ريلوي انتظاميا طرفان اهو عمل روڪيو ويو.
ناصر شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مختلف منصوبن تي تيزي سان ۽ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته روهڙي کان ڪراچي تائين ٽريڪ منصوبو بهترين هوندو. پاڪستان ريلوي جو ايم ايل ون منصوبو ترجيحي بنيادن تي ورتو ويندو ۽ سنڌ حڪومت طرفان اين او سي سميت هر حوالن سان پورو سهڪار ڪيو ويندو.
هن چيو ته ريلوي انتظاميا جي ڪري سنڌ حڪومت جا ڪيترائي منصوبا التوا جو شڪار آهن، جيڪي حل طلب آهن، تنهن ڪري گڏيل طور تي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا سمورن مسئلن جو حل ڪڍي. ان موقعي تي سنڌ صوبي ۾ واقع ريلوي اسٽيشنز ۽ حساس ريلوي ڪراسنگس جي بهتري لاءِ به تجويزون زير غور آيون. مختلف ريلوي اسٽيشنز کي گود وٺڻ ۽ ريلوي لائن جي چوڌاري صفائي ۽ سائي بيلٽ جي قيام لاءِ به تجويزن تي غور ڪيو ويو.
_____________
بدقسمتي سان وفاقي حڪومت جون وزارتون سنڌ ۽ بلوچستان کي سهولت ڏيڻ لاءِ سنجيده نه آهن…… اهي جيڪو چون ٿا اهو ممڪن ناهي…….. سنڌو درياءَ جي اولهه ڪناري تي ريلوي ذريعي ڪا به سهولت ناهي. بدقسمتي سان لاهور ريلوي صرف انهن تي ڌيان ڏئي رهي آهي….. بدترين تجربو اهو آهي ته جڏهن سنڌي وفاقي حڪومت اقتدار ۾ آئي ته انهن سنڌ ۽ بلوچستان کي به ڪا ترجيح نه ڏني.