پاڪستان ۾ بي حساب شمسي توانائيءَ جي باوجود بحران ڇو؟ عوام سان ٺڳي!
شمسي توانائيءَ جي وڌ ۾ وڌ استعمال سبب نيشنل گرڊ تان ٻوجھ گھٽجي رھيو آھي پر ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون پنھنجي انھيءَ نقصان جو بار عوام تي وجھي رھيون آھن. هڪ طرف عوام پنهنجي سيڙپ سان توانائيءَ جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آڻي چڪو آهي ۽ ٻئي طرف پاليسي سازي اڃا تائين پراڻي مرڪزي ماڊل جي گرد گھمي رهي آهي. جيڪڏھن حڪومت جو جواب صرف بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ ۽ شمسي واپرائيندڙن جي حوصلي شڪني ڪرڻ رهيو ته وڌ کان وڌ ماڻهو گرڊ کان پري ٿيندا ويندا. پر اگر ورچوئل پاور پلانٽس، بيٽري اسٽوريج، سمارٽ گرڊ، لچڪدار ٽيرف ۽ جديد بجلي مارڪيٽ جي ذريعي ان پکڙيل شمسي صلاحيت کي منظم ڪيو وڃي ته اهو ئي نظام پاڪستان لاءِ سڀ کان سستو، قابلِ اعتماد ۽ پائيدار بجلي گھر ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحرير: عمران سعيد باغپتي
پاڪستان ۾ توانائيءَ جو بحران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان معيشت، صنعت ۽ گهريلو زندگيءَ تي بار بڻيل آهي. مهانگي بجلي، پيٽروليم جي درآمد، گردشي قرض ۽ وڌندڙھٿ ٺوڪين ڪئپيسٽي چارجز بجليءَ جي شعبي کي ان موڙ تي پهچائي ڇڏيو آهي جتي هر نئين پاليسي عوام لاءِ وڌيڪ ٻوجھ بڻجندي پئي وڃي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن لکين شهرين پنھنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گهرن، دڪانن، فيڪٽرين ۽ ڪاروباري مرڪزن جي ڇتين تي شمسي توانائيءَ جا نظام (Solar Systems) لڳايا ته اهو صرف ذاتي فائدي جو معاملو نه هو، بلڪه ملڪ جي توانائيءَ بحران لاءِ هڪ متبادل رستو پڻ سامھون آيو.
ھلندڙ سال نيپرا (NEPRA) نيٽ ميٽرنگ تحت گرڊ کي وڪرو ڪئي ويندڙ واڌو بجليءَ جي قيمت لڳ ڀڳ 26 رپيا في يونٽ مان گھٽائي 8 کان 11 رپيا في يونٽ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ پهرين کان نيٽ ميٽرنگ سان جڙيل ماڻھن کي ان تبديليءَ کان ڇُوٽ ڏني وئي، پر نوَن واپرائيندڙن لاءِ اهو واضح پيغام هو ته حڪومت شمسي توانائيءَ جي حوصلي افزائي ڪرڻ بجاءِ ان جي رفتار کي محدود ڪرڻ چاهي ٿي. حڪومت جو موقف آهي ته شمسي نظام واپرائيندڙ گرڊ جي مستقل خرچن ۽ ڪئپيسٽي ادائگين ۾ مناسب حصو نٿا وجهن، جنهن جو بار ٻين واپرائيندڙن تي منتقل ٿي وڃي ٿو. پر ان بحث جو ٻيو پاسو اهو آهي ته عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت توانائيءَ جي شعبي ۾ اهڙي تبديلي آڻي ڇڏي آهي جنهن سڄي نظام جي معاشيات بدلائي ڇڏي آهي.
ھڪ اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 38 گيگاواٽ شمسي صلاحيت (Distributed Solar Capacity) موجود آهي، جيڪا قومي گرڊ جي مجموعي صلاحيت جي ويجهو پهچي چڪي آهي. ان سيڙپ جو تقريبن 96 سيڪڙو خرچ عوام پنهنجي کيسي مان ڪيو. گذريل مالي سال اهي ئي شمسي نظام تقريبن 51 ٽيراواٽ ڪلاڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، جيڪا قومي گرڊ جي وڪرو ٿيندڙ بجليءَ جو هڪ وڏو حصوآھي.
ان ڪاميابيءَ سان گڏ هڪ نئون مسئلو پڻ پيدا ٿيو. ڏينهن جي وقت سج جي روشنيءَ سبب گرڊ مان بجليءَ جي گهرج ۾ نمايان گھٽتائي اچي وڃي ٿي، جڏهن ته شام ٿيندي ئي سڀ واپرائيندڙ ٻيهر گرڊ تي منتقل ٿي وڃن ٿا. توانائيءَ جي دنيا ۾ ان کي “ڊڪ ڪرو” (Duck Curve) چيو ويندو آهي. نتيجي طور مهانگا ٿرمل بجلي گھر گھٽ استعمال ٿين ٿا پر انهن جي دستيابيءَ جي عوض ڪئپيسٽي ادائگيون حسب معمول جاري رهن ٿيون، جيڪي بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب آهن.
اصل سوال اهو آهي ته ڇا ان مسئلي جو حل صرف شمسي بجلي واپرائيندڙن کي گھٽ قيمت ڏيڻ آهي؟ دنيا ان جو وڌيڪ اثرائتو جواب ورچوئل پاور پلانٽ (Virtual Power Plant) جي صورت ۾ ڳولي چڪي آهي. اهو ڪو نئون بجلي گھر ناهي بلڪه هڪ سافٽ ويئر تي ٻڌل نظام آهي جيڪو هزارين گهرن جي شمسي تنصيبات، بيٽرين، برقي گاڏين (EVs) ۽ ٻين ننڍن توانائي ذرائع کي هڪ مربوط بجلي گھر وانگر هلائيندو آهي. ڏينهن جو واڌو بجلي بيٽرين ۾ محفوظ ڪئي ويندي آهي ۽ شام جو وري گرڊ کي فراهم ڪئي ويندي آهي، جنهن سان مهانگن ٿرمل پلانٽس تي انحصار گھٽجي وڃي ٿو.
برطانيه ۽ آمريڪا سميت ڪيترائي ملڪ ان تصور تي عملي ڪم ڪري رهيا آهن. اتي هزارين برقي گاڏين ۽ گهريلو بيٽرين کي هڪ مربوط نظام تحت هلائي بجليءَ جي گهرج کي متوازن بڻايو پيو وڃي. جيتوڻيڪ اهي منصوبا اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهن، پر انهن جا نتيجا ان تصور جي افاديت ثابت ڪري رهيا آهن.
پاڪستان به ان پاسي قدم وڌائي سگهي ٿو. شروعات ڪنهن هڪ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (DISCO) جي محدود پائلٽ منصوبي سان ڪري سگهجي ٿي، جتي شمسي نظام ۽ بيٽري رکندڙ واپرائيندڙ رضامنديءَ سان شامل ٿين. پوءِ سمارٽ ميٽرن، وقت جي حساب سان ٽيرف (Time-of-Use Tariff) ۽ جديد سافٽ ويئر جي ذريعي ان نظام کي سڄي ملڪ ۾ وسعت ڏئي سگهجي ٿي. ان لاءِ واضح قانون، مختلف ڪمپنين جي سامان ۾ مطابقت ۽ اهڙو مارڪيٽ گهربل هوندو جتي واپرائيندڙن کي صرف بجلي وڪرو ڪرڻ بجاءِ گرڊ کي استحڪام فراهم ڪرڻ جي پڻ ادائيگي ڪئي وڃي.
تازي شنوائيءَ ۾ نيپرا آڏو ايندڙ حقيقتن ان بحث کي وڌيڪ تقويت ڏني آهي. ڊسٽريبيوشن ڪمپنين 33.78 ارب رپين جي ٽہ ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڏيندي اعتراف ڪيو ته شمسي توانائيءَ جي وڌندڙ استعمال، زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن ۽ بجليءَ جي وڪري ۾ گھٽتائيءَ سبب سندن آمدني متاثر ٿي آهي. ان هوندي به واپرائيندڙن جي شمسي توانائيءَ ڏانهن منتقلي نه رڪجي سگهي. ڪمپنين اهو به تسليم ڪيو ته ڏينهن جو گرڊ جي گهرج گھٽجڻ ۽ رات جو مهانگي بجلي وڪرو نہ ٿيڻ سبب ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪرڻي پوي ٿي. بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن گرڊ تي دٻاءُ پڻ نمايان طور گھٽايو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته مسئلو شمسي توانائي ناهي بلڪه اهڙو بجليءَ جو نظام آهي جيڪو بدلجندڙ حالتن مطابق پاڻ کي ٺاھي نہ سگهيو آهي.
جيڪڏھن مستقبل ۾ پاڪستان ۾ برقي گاڏين جو تعداد تيزيءَ سان وڌي ٿو ته اهي ئي گاڏيون گھمندڙ ڦرندڙ بيٽريون بڻجي سگهن ٿيون. مناسب رٿابنديءَ ذريعي انهن کي ڏينهن جو چارج ۽ شام جو گرڊ کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان مهانگي بجلي گهرن تي انحصار وڌيڪ گھٽجندو.
پاڪستان اڄ هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي. هڪ طرف عوام پنهنجي سيڙپ سان توانائيءَ جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آڻي چڪو آهي ۽ ٻئي طرف پاليسي سازي اڃا تائين پراڻي مرڪزي ماڊل جي گرد گھمي رهي آهي. جيڪڏھن حڪومت جو جواب صرف بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ ۽ شمسي واپرائيندڙن جي حوصلي شڪني ڪرڻ رهيو ته وڌ کان وڌ ماڻهو گرڊ کان پري ٿيندا ويندا. پر اگر ورچوئل پاور پلانٽس، بيٽري اسٽوريج، سمارٽ گرڊ، لچڪدار ٽيرف ۽ جديد بجلي مارڪيٽ جي ذريعي ان پکڙيل شمسي صلاحيت کي منظم ڪيو وڃي ته اهو ئي نظام پاڪستان لاءِ سڀ کان سستو، قابلِ اعتماد ۽ پائيدار بجلي گھر ثابت ٿي سگهي ٿو. وقت اچي ويو آهي ته شمسي توانائيءَ کي مسئلو نه بلڪه قومي اثاثو سمجهي ان مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.
_________________
عمران سعيد باغپتي ڪراچيءَ جو ھڪ واپاري ۽ فري لانس لکندڙ آھي



