سِنڌي ۽ سُوٽ ڪيس: سنڌي پنھنجي کٽ ھيٺان بيگ تيار رکندا ھئا تہ متان وري لڏڻو پوي
ڪيريبين آئلينڊس تي سنڌي خاندانن جي ڪيتري به ڪاميابي، ۽ ڪيريبين ٻيٽن کي پنهنجو نئون گهر سمجھڻ جي باوجود، اتي ڪيترائي وڏڙا سنڌي ڏاڏا ۽ ڏاڏيون ھيون جيڪي پنهنجي کٽن جي هيٺان مڪمل طور تي پيڪ ٿيل ۽ احتياط سان چيڪ ڪيل سوٽ ڪيس رکندا ھئا.

رابرٽ جيمس
(ليکڪ جو نوٽ: هي هڪ سچي ڪهاڻي آهي جنهن کي دنيا کي ياد رکڻ گهرجي. هي هڪ اڳوڻي ايڊيشن مان ٻيهر شايع ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ماڻهن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ٻين ملڪن ۾ ٻين ماڻهن سان به ٿي سگهي ٿو. مان وقت به وقت هيءَ ڪهاڻي ٻيهر ٻڌائيندو رهندس. هي ڪيريبين ۾ منهنجي انهن دوستن جي ڪهاڻي آهي جن سان مون کي گڏ ڪم ڪرڻ ۽ انهن سالن دوران دوستي قائم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جڏهن مان ٻيٽن تي هئس.)
اهو هڪ پراڻو سُوٽ ڪيس هو جيڪو هُن کٽ جي هيٺان کان ٻاهر ڪڍيو. هُن ان کي کوليو ۽ جلدي اندر موجود سامان جو جائزو ورتو، پوءِ ان کي واپس کٽ جي هيٺان سيري ڇڏيو. سندس حرڪت لڳ ڀڳ ميڪانيڪي هئي، ڄڻ ته هن ايئن سوين ڀيرا اڳي به ڪيو هجي. سچ پڇو ته هن ايئن ئي ڪيو هو. هُن اهو پراڻو سُوٽ ڪيس احتياط سان بند ڪري پنهنجي کٽ جي هيٺان رکيو هو، ته جيئن ڪنهن به وقت روانو ٿيڻ لاءِ تيار رهي.
سندس پوٽو، جنهن وٽ مان اوچو ريوس (Ocho Rios)، جميڪا ۾ سندن گهر گهمڻ ويو هئس، تنهن مون کي ٻڌايو ته سندس ڏاڏو ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سُوٽ ڪيس کي چيڪ ڪندو هو ته جيئن پڪ ٿي سگهي ته سڀ ڪجهه تيار آهي.
”ڪهڙي شئي لاءِ تيار؟“مون پڇيو.
” جيڪڏهن کيس اوچتو ٻيهر ڪيڏانھن وڃڻ لاءِ چيو وڃي،“جواب مليو.
”ڪاڏي وڃڻ لاءِ؟“مون پڇيو.
”بس ڪيڏانھن بہ وڃڻ لاءِ،“هن جواب ڏنو. ”هُو تيار آهي ته جيڪڏهن کيس چيو وڃي ته کيس ٻيهر وڃڻو پوندو ته هو نڪري پوي.“
”پر توهان سڀ هتي 50 سالن کان رهو ٿا، توهان جو هيءُ گهر ۽ ان جي چوڌاري زمين آهي، جنهن ۾ توهان جا دڪان به شامل آهن،“ مون سوال ڪيو، ”پوءِ هُو هميشه وڃڻ لاءِ ڇو تيار رهي ٿو؟“
جواب هو: ”اسان سنڌي آهيون، ۽ منهنجا ڏاڏا ورهاڱي جي وقت سنڌ ۾ رهندا هئا.“
مون کي اندازو نه هو، پر مون تاريخ جو هڪ اهڙو ننڍڙو ٽڪرو ڏٺو هو جنهن بابت تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا. هي ٻي عالمي جنگ جي ان ٻئي هولوڪاسٽ (عام قتل عام) بابت آهي، جيڪو جرمنن نه، پر برطانوي حڪومت جي جنگ کان پوءِ هندستان مان تڪڙ ۾ نڪرڻ جي ڪري ٿيو هو. ان جو نتيجو هڪ اهڙي نسل ڪشي هئي جنهن ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا. هن تاريخي واقعي جي بلڪل وچ ۾ ”سنڌي ۽ سُوٽ ڪيس“ جي ڪهاڻي آهي.
سنڌ جي ڌرتي ان علائقي ۾ آهي جيڪو هاڻي پاڪستان آهي. سوين سالن تائين، هي گڏيل هندستان جو هڪ حصو هو ۽ اتي سنڌي ماڻهو رهندا هئا. اتي ڪيترائي واپاري طبقي جا ماڻهو هئا جيڪي مختلف قسمن جي مارڪيٽن سميت ڪامياب ڪاروبار جا مالڪ هئا ۽ اهي هلائيندا هئا. اهي سنڌي ماڻهو پنهنجي زمينن، گهرن ۽ ڪاروبار جا مالڪ هئا. اهي برطانوي نوآبادياتي راڄ جي تحت به خوشحال هئا، جيڪو 14 آگسٽ 1947ع تائين قائم رهيو.
ٻي عالمي جنگ کانپوءِ، انگريز هندستان جي مسئلن مان جان ڇڏائڻ لاءِ بيتاب هئا، جن ۾ مسلمان ۽ هندو آبادي جي وچ ۾ اندروني ويڙهه شامل هئي. جيئن ته برطانوي فوج جنگ دوران گهڻو ڪري مسلمان هندستانين کي ملازمت ڏني هئي، ان ڪري برطانوي حڪومت سمجهيو ته مسلمان آبادي تي هڪ قرض واجب الادا آهي. نتيجي طور، ملڪ مان ٻاهر نڪرڻ وقت (جنهن کي مهاتما گانڌي ۽ ٻين جي ڪوششن تيز ڪيو هو)، لارڊ مائونٽ بيٽن جي ماتحت برطانوي حڪومت هندستان کي ورهائڻ جي اجازت ڏني جيڪو هاڻي هندستان ۽ پاڪستان آهي. هڪ اهڙو قدم جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن جي جان وئي ۽ سنڌي ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو.
برطانوي حڪومت 100 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هندستان تي قبضو ڪيو هو. جڏهن اهي وڃن پيا ته هنن هندستاني ماڻهن کي رڳو ايترو چيو: ”توهان ماڻهن لاءِ توھان جي ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ٺيڪ آهي، ۽ ها، اسان وڃي رهيا آهيون تنهنڪري توهان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو.“ برطانوي قدم تباهي ڪندڙ هئا.
جيڪو هاڻي پاڪستان آهي، اتي جي مسلمان آبادي اتي موجود هندن جي هڪ منظم نسل ڪشي شروع ڪري ڏني. هندستان ۾ هندو آبادي پنهنجي ڌرتيءَ تي مسلمانن لاءِ به اهو ئي شروع ڪيو. پاڪستان مان هندن جي لاشن سان ڀريل ٽرينون سرحد پار موڪليون ويون، ته جيئن انهن ٽرينن ۾ مليل مسلمانن جا لاش واپس پاڪستان موڪليا وڃن. اهو رڳو مارڻ جي بدلي مارڻ هو. هڪ مذهبي جنگ جيڪا سچ پڇو ته اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ڪنهن زماني ۾ ٻي عالمي جنگ کان اڳ، هي سڀ ماڻهو پاڙيسري هئا، جيڪي گڏ رهندا هئا، پر انگريزن جي نڪرڻ ۽ هندستان جي ورهاڱي سان اهو سڀ ختم ٿي ويو.
هڪ ورهاڱي جي لڪير مقرر ڪئي وئي جنهن ذريعي هندستان جي ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو: هندستان ۽ پاڪستان. سنڌي آبادي جيڪا ورهاڱي جي لڪير جي اولهه ۾ رهندي هئي، تنهن کي گهر ٻار ڇڏڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو، ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه جيڪو سندن مالڪي ۾ هو، اتي ئي ڇڏڻ جو چيو ويو. گهر، فرنيچر، گاڏيون، ڪاروبار، زمين جي مالڪي. سڀ ڪجهه ڇڏيو ۽ نڪري وڃو. سنڌين جي مالڪيءَ جي هر شيءِ، جيڪا اهي ورهاڱي جي لڪير پار ڪرڻ لاءِ اوڀر ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا، سا انهن مسلمانن کانئن کسي ورتي جيڪي هاڻوڪي هندستان مان اولهه ڏانهن وڃي رهيا هئا. جيڪڏهن سنڌين ڪا شئي پاڻ سان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها رستي تي ئي کانئن کسي وئي.
جيتوڻيڪ سنڌين سان اهو واعدو ڪيو ويو هو ته کين نئين هندستان ۾ نيون زمينون ڏنيون وينديون، پر جڏهن اهي اتي پهتا ته اهي انسانن جي هڪ اهڙي هجوم جو حصو بڻجي ويا جن جي پٺيءَ تي رڳو قميصون هيون. نيون زمينون موجود ئي نه هيون، کين وڃڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي، هنن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو ۽ غربت جي زندگيءَ جو مقابلو ڪيو.
خير، سنڌين جي باري ۾ اهو مڪمل طور تي درست ناهي، سندن ڪهاڻي اتي ختم نه ٿي.
ايئن لڳي ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪافي وسيلن وارا ۽ همت وارا ماڻهو آهن. ڪيترن ئي احوالن موجب، سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي جوهري هئا، ۽ جواهرن کان وڌيڪ کڻڻ آسان ڪا به شيءِ ناهي، خاص طور تي جيڪڏهن توهان وٽ هڪ گهر واري ۽ ڌيئرون هجن جيڪي تمام سٺيون درزي هجن. هوشيار سنڌي عورتن پنهنجي خاندان جي ميمبرن جي ڪپڙن ۾ شاهي خزاني جيترا هيرا جواهر سبي ڇڏيا. هڪ ڀيرو جڏهن اهي نئين هندستان ۾ پهتا، ته سنڌي ماڻهو ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر تيار هئا، کين ٻيهر شروعات ڪرڻ لاءِ بس هڪ جڳهه جي ضرورت هئي.
سنڌين وٽ نسلن کان ڪاروباري بصيرت ۽ دستياب وسيلا هئا، پر رهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي ۽ نوان ڪاروبار قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ وارو ڪو به نه هو. هندستان ۾ سنڌي برادري جي ڪجهه ماڻهن جو ڪيريبين ٻيٽن جهڙوڪ ٽرينينڊيڊ ۽ جميڪا جي سرڪاري ماڻهن سان تعارف هو. اهي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ هڪ خيال پيش ڪيو ته اهي سنڌي جيڪي هندستان ۾ بي گهر ٿي ويا آهن، اهي ڪيريبين اچي سگهن ٿا ۽ ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا. اهي مقامي ويسٽ انڊين ماڻهن کي تربيت ڏيندا ۽ روزگار فراهم ڪندا ۽ ڪيريبين ٻيٽن ۾ پنهنجا نوان گهر ٺاهيندا. ڪيريبين ٻيٽن جون حڪومتون ٻيهر آبادڪاري ۽ ڪاروبار جي قيام ۾ مدد ڪنديون.
ان رٿا ڪم ڏيکاريو. سنڌي برادري ۽ ويسٽ انڊين برادري جي گڏيل محنت سان، ڪيريبين ٻيٽ مغربي اڌ گول (Western Hemisphere) جي ڪجهه انتهائي ترقي يافته ملڪن ۾ تبديل ٿي ويا. سينٽ ڪروڪس (St. Croix) ڪڏهن هوونسا ريفائنري (Hovensa Refinery) جو گهر هو، جنهن بابت چيو ويندو هو ته اها مغربي اڌ گول جي سڀ کان وڏي تيل جي ريفائنري آهي. سينٽ ڪروڪس جي ڪروزان رم فيڪٽري، جميڪا جي ايلپلٽن رم، ڊومينيڪن ريپبلڪ ۾ امبر ۽ لاريمار جي مائننگ (کاڻيون)، سڄي ڪيريبين ۾ صنعتون قائم ٿي ويون. ڊيوٽي فري شاپنگ سينٽر جيڪي ڪروز شپ ۽ وڏن سياحتي هوٽلن کي عالمي معيار جي شاپنگ فراهم ڪن ٿا، بشمول ٻيٽ جي سياحتي صنعتن جي ترقي، انهن سڀني جا پاڙ ان لاڳاپي ۾ آهن جيڪي 1947ع جي هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ وسيلن وارن سنڌي ۽ ويسٽ انڊين ماڻهن جي وچ ۾ قائم ٿيا.
ان ڪهاڻيءَ ۾ زيورات جي اها وڏي صنعت به شامل آهي جيڪا سڄي ڪيريبين ٻيٽن تي موجود آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي ته توهان کي ڪيترائي سنڌي نالا نظر اچن ٿا جهڙوڪ داسواڻي، دادلاڻي, علواڻي، کياٽاڻي، سامتاڻي، ميلواڻي، بحراڻي، بجلاڻي، مهتاڻي، خياڻي، ميرپوري، مهواڻي، ۽ هي فهرست اڃا به وڌي سگهي ٿي. مان هر ان شخص کان معافي چاهيان ٿو جنهن جو نالو مون هن نيوز ليٽر ۾ شامل ناهي ڪيو، پر انهن بهادر سنڌي روحن جن کي 1947ع ۾ سنڌ ۾ سڀ ڪجهه ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ اهي ڪيريبين ۾ وڃي آباد ٿيا، تن اهڙيون سختيون برداشت ڪيون آهن جيڪي ناقابل برداشت هيون، اهڙين حالتن مان زنده نڪتا جن مان نڪرڻ ناممڪن هو، ۽ اتي ڪامياب ٿيا جتي ٻيا ڪيترائي ناڪام ٿي وڃن ها.
سينٽ مارٽن ۽ سينٽ ٿامس تي ڪجهه سال رهڻ کانپوءِ، مان فلوريڊا واپس آيس ۽ ڪيريبين جيملوجيڪل انسٽيٽيوٽ (Caribbean Gemological Institute) شروع ڪيو، جنهن ۾ هر سال 28 مختلف ٻيٽن جو سفر شامل هو. مون جميڪا ۾ ڪجهه بهترين ۽ پيشه ور سونارن سان گڏ ڪافي وقت گذاريو جن کي مان سڃاڻان ٿو. اهي سنڌي آهن.
هڪ ڏينهن، اوچو ريوس ۾ پنهنجي هڪ سنڌي دوست جي گهر گهمڻ دوران، مون سندس ڏاڏي کي هڪ پراڻي سيوٽ ڪيس جو سامان چيڪ ڪندي ڏٺو جيڪو هو پنهنجي کٽ جي هيٺان رکندو هو.
مون کي بعد ۾ ٻڌايو ويو ته خاندانن جي ڪيتري به ڪاميابي جي باوجود، ۽ هو ڪيريبين ٻيٽن کي پنهنجو نئون گهر ڪيتري به حد تائين سمجهندا هجن، پر اتي ڪيترائي وڏا سنڌي ڏاڏا ۽ ڏاڏيون آهن جيڪي اڃا تائين پنهنجي کٽن جي هيٺان مڪمل طور تي پيڪ ٿيل ۽ احتياط سان چيڪ ڪيل سوٽ ڪيس رکن ٿا.
بس ان صورت ۾، تہ ڪنهن ڏينهن…
جميڪا جي چولاني ڊيوٽي فري (Chulani Duty-Free) جي منهنجي مرحوم دوست، گل مهتاڻي جي اعزاز ۾. 1997ع ۾ ميامي کان مونٽيگو بي تائين آمريڪن ايئر لائنز جي هڪ فلائيٽ ۾ مون کي مسٽر مهتاڻي جي ڀرسان ٻه ڪلاڪ ويهڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. هن مون کي هندستان جي ورهاڱي دوران سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪهاڻي ٻڌائي. هن مون کي ڪيريبين ٻيٽن ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪاميابين جي ڪهاڻي ٻڌائي.
اهو جهاز ۾ صرف هڪ ٻن ڪلاڪن جو وقت هو، پر ان مون تي هڪ تمام گهڻو گهرو اثر ڇڏيو، جيئن سڀني سنڌي ماڻهن ڇڏيو آهي. توهان سڀني لاءِ پيار ۽ احترام سان.
__________________
رابرٽ جيمس، صدر، انٽرنيشنل اسڪول آف جيملوجي
ھيءُ مضمون لنڪڊ اِن تان کنيو ويو جنھن تي 13 اپريل 2020 تي شائع ٿيو. انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ، ايڊيٽنگ: نصير اعجاز



