حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻين عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو
بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۾ ”ڳوٺاڻين عورتن جي عالمي ڏينھن“ جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ ٻھراڙيءَ جي عورتن جي ڪردار، جدوجهد ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
حيدرآباد
بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۾ ”ڳوٺاڻين عورتن جي عالمي ڏينھن“ (انٽرنيشنل ڊي آف رورل وومين) جي عنوان سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻھراڙي جي عورتن جي ڪردار، جدوجهد ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔
تقريب ۾ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، مهتاب اڪبر راشدي، نورالهدى شاهه، ڪرشنا ڪمارِي، ڊاڪٽر رضوانه انصاري، ايران جي ثقافتي اتاشي رضا پارسا، شمش الحق ميمڻ، امر سنڌو، حسينه مسرت ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي۔

ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي بسنت هال طرفان ٻھراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان منفرد خيال کي اجاگر ڪرڻ تي آرگنائيزر ثوبيہ علي جي تعريف ڪئي۔ هن چيو ته مون مختلف علائقن ۾ خدمتون انجام ڏنيون آهن پر اهڙي موضوع تي اڃا تائين ڪو سيمينار ناھي ڏٺو. هن چيو ته ٻھراڙيءَ جون عورتون مردن جي جبر ۽ تڪليفن باوجود حوصلي ۽ استقامت جي علامت آهن۔ ”عورتن کي تعليم ۽ هنر ذريعي بااختيار بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي تہ جيئن اهي معاشرتي ناانصافين جي خلاف بيهي سگهن،“ ھُن چيو.
اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪمارِيءَ پنهنجي ٻھراڙيءَ واري پسمنظر کان پارليامينٽ تائين جي سفر بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ٻھراڙيءَ جي عورتن جو ڪردار رڪجي وڃي ته معيشت جو ڦيٿو به رڪجي ويندو۔ هن چيو ته اسان جي زندگين جو دارومدار انهن عورتن جي محنت تي آهي۔

سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر ۽ روشن خيال خاتون مھتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي تقرير ۾ ٻھراڙيءَ جي عورتن کي درپيش سماجي مسئلن تي تفصيل سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم ئي انهن کي بااختيار بڻائڻ جو اهم ذريعو آهي۔ هن چيو ته ٻھراڙيءَ جون عورتون شهري طبقن جي رويي جي پرواه نه ڪندي پنهنجي هنر ۽ محنت سان سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن۔
مھتاب راشديءَ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (EFT) جي ڪوششن کي ساراهيو، جن ٻھراڙيءَ جي عورتن کي پنهنجي دستڪاري ۽ هنر ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو۔ هن ٿر جي هُنرمند عورتن جي تعريف ڪندي چيو ته انهن جي هٿن سان تيار ڪيل شيون اسان جي ثقافتي سڃاڻپ آهن جن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي۔
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتن سان سخت رويو رکيو وڃي ٿو۔ انهن عورتن جا هٿ محنت سان ڦٽجي وڃن ٿا، ڪپھ چُنڻ آسان ڪم ناهي پر ھُو اهو ڪم صبر ۽ خوشيءَ سان ڪن ٿيون۔

هن مردن ۽ جاگيردارن جي استحصالي روين جي به نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن عورتن جي بي مثال خدمتن کي تسليم ڪري کين برابريءَ جو درجو ڏنو وڃي۔
تقرير جي آخر ۾ مهتاب راشدي چيو ته ٻھراڙيءَ جون عورتون فطري طور تي هنر ۽ صلاحيت سان مالا مال آهن تنهنڪري اسان جو اخلاقي فرض آهي ته انهن جي هنر کي ساراهيون، ان کي هٿي ڏيون ۽ انهن جي ڪم کي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرايون۔
ان موقعي تي نورالهدى شاهه چيو ته ميڊيا ۽ ادب ۾ ٻھراڙيءَ جي عورت جي حقيقي تصوير ڏيکارڻ جي ضرورت آهي۔ اهي عورتون مٽيءَ سان جڙيل آهن، انهن جو روح زمين سان ايترو ته ڳنڍيل آهي جو انهن کي ڌار نٿو ڪري سگهجي۔

ڊاڪٽر رضوانه انصاريءَ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ عورتن کي درپيش صحت جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته وِيم ۽ ذهني صحت جا مسئلا فوري ڌيان جا طلبگار آهن۔ هن پاڪستاني مائرن جي شرح فوتگي جي ڀيٽ ملائيشيا سان ڪندي چيو ته بهتريءَ جي سخت ضرورت آهي۔
تقريب جي آخر ۾ مشهور شاعره فاطمه حسن ٻھراڙيءَ جي عورتن جي محنت ۽ قربانين تي ٻڌل نظم پيش ڪيو، جڏهن تہ بسنت هال جي ڊائريڪٽر ثوبيہ عليءَ مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ادارو ثقافتي هم آهنگي ۽ صنفي برابري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو۔پروگرام جو اختتام شاهه لطيف جي وائيءَ سان ڪيو ويو۔ (پريس رليز)
____________



