Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

60000 کان 70000 اوورلوڊيڊ ٽرڪون ۽ ٽريلر روز ڪراچيءَ مان روانا ٿين ٿا

مقرر حد کان وڌيڪ مال کڻي بنا روڪ ٽوڪ ملڪ جي مختلف علائقن ڏانھن ويندڙ ٽرڪون ۽ ٽريلر سنڌ جي شاھراھن کي برباد ڪن ٿا. اھي شاھراھون گھڻو دٻاءُ برداشت ڪرڻ مطابق ٺھيل ناھن ۽ انھن تي پئسو بہ گھٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو   

اسٽاف رپورٽر

ڪراچي

ڪراچي پاڪستان جو نہ رُڳو سڀ کان وڏو پر اھڙو ڪاروباري ۽ صنعتي شھر آھي جتان  بندر گاھن ۽ صنعتي مرڪزن مان روزانو سٺ کان ستر ھزار ٽرڪون ۽ ٽريلر سامان سان ڀرجي مُلڪ جي مختلف علائقن ڏانھن نڪرن ٿيون.

”ايتري وڏي تعداد ۾ پنھنجي گنجائش کان وڌيڪ سامان کڻي نڪرندڙ ٽرڪن ۽ ٽريلرن جي ڪري مُلڪ جي شاھراھن، ۽ خاص طور سنڌ جي ساھراھن کي وڏو نقصان پھتو آھي،“ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ جي ڏکڻ زون جي ميمبر انجنيئر رميش راجا تازو ھڪ بريفنگ ۾ اھي ڳالھيون ڪيون.

شاھراھن کي بھتر حالت ۾ رکڻ لاءِ ھُن لوڊ ڪنٽرول تي زور ڀريندي چيو تہ  پاڪستان جي مالبرداريءَ کي ريگيوليٽ ڪرڻ واري پاليسيءَ ۾ تبديليءَ جي سخت ضرورت آھي.  ”قومي شاھراھن کي وقت کان اڳ ئي تباھ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اھو قدم نھايت ضروري آھي.“

قومي شاھراھن تي گاڏين جي وزن لاءِ قائم ڪيل ڪانٽن تي گھڻو دارومدار رکڻ واري پاليسيءَ تي تنقيد ڪندي رميش راجا چيو تہ جيستائين گنجائش کان وڌيڪ سامان ڀريل گاڏيون وزن ڪرڻ وارن ڪانٽن تائين پھچنديون اھن، تيستائين شاھراھن کي نقصان پھچي چُڪو ھوندو آھي. ”اھڙين گاڏين تي ڏنڊ وجھڻ سان پئسو تہ ملندو آھي پر شاھراھن جي حالت بھتر ڪانہ ٿيندي آھي.“   

رستن جي تباھيءَ جي عالمي پئماني International Roughness Index  جو حوالو ڏيندي انجنيئر رميش راجا رستن جي جلد تباھيءَ جو بنيادي ڪارڻ بنا روڪ ٽوڪ اوورلوڊنگ آھي، ۽ خاص طور سنڌ انھيءَ سبب گھڻو مُتاثر ٿي آھي ڇو تہ سموري ملڪ لاءِ ڳري ٽرئفڪ سنڌ جي شاھراھن تان ئي لنگھي ٿي. ”عالمي پئماني کي نظر ۾ رکندي اسان کي انھيءَ ھنڌان ئي اوورلوڊنگ کي روڪڻو پوندو جتان اُنھيءَ جي شروعات ٿئي ٿي.“

رميش راجا چيو تہ ڪراچي مالبرداريءَ جو مرڪز آھي جتي ٻہ بندرگاھ  ۽ ڇھ صنعتي ايريا آھن ۽ اُتان ئي مقرر حد کان وڌيل مالبرداري ٿئي ٿي جنھنن جي ڪري شاھراھن تي گھڻو دٻاءُ پوي ٿو، جيڪي حقيقت ۾ ايتري دٻاءَ برداشت ڪرڻ جي قابل ناھن. ھُن چيو تہ نيشنل ھاءِ وي سيفٽي آرڊيننس موجب سنگل ايڪسل لوڊ جي حد 10.2 ٽن ۽ ٽينڊم ايڪسل لوڊ جي  حد 18 ٽن آھي پر اڪثر ٽرڪون چاليھن کان سٺ ٽن مال کڻي نڪرن ٿيون ۽ شاھراھن کي برباد ڪن ٿيون. ”انھيءَ سان نہ رُڳو شاھراھن جي عمر گھٽجي وڃي ٿي پر انھن جي سار سنڀال ۽ مرمت تي تمام گھڻو خرچ ٿئي ٿو.“

انجنيئر رميش راجا تجويز ڏني تہ رُڳو ٽرانسپورٽرن کي سزا ڏين بدران مال تيار ڪري موڪليندڙ صنعتن کي بہ ذميوار بنايو وڃي. ”سمورن صنعتي مرڪزن ۽ بندرگاھن توڙي اھڙن ھنڌن تي جتي مال گڏ ٿيندو ھجي، وزن ڪرڻ وارا ڪانٽا قائم ڪيا وڃن، ڊجيٽل لوڊ سِلپس متعارف ڪيون وڦن جيڪي ھر ٽرپ سان لاڳاپيل ھجن، ڀڃڪڙيءَ جي حالت ۾ صنعتن توڙي لوڊرن تي ڏنڊ وڌا وڃن ۽ قانون تي عمل ڪندڙن کي ھمٿائڻ ۽ ساراھڻ لاءِ سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن،“ ھُن تجويز ڏني. 

انجنيئر رميش راجا چيو تہ سنڌ کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوي ٿو ڇو تہ ھتي صرف ھڪ ئي مُکيہ شاھراھ  اين 5آھي، جڏھن تہ پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ  صورتحال مختلف آھي. ”سنڌ جي شاھراھن تي بار بہ گھڻو آھي تہ اُن تي پئسو بہ گھٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو. ”سِول انجنيئرن جي حيثيت ۾ اسان مضبوط روڊ ڊزائن تہ ڪري سگھون ٿا پر ڪنھن بہ نظم ضبط کانسواءِ ڪو بہ رستو صحيح سلامت نہ رھندو.

_______________      

.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button