Editor's pickMain Slideسياست

سنڌ دشمن منصوبن خلاف حيدرآباد ۾ سُجاڳ ٻار تحريڪ جي ريلي

احتجاج دوران “سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور”، “28هين آئيني ترميم نامنظور”، “ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي سخت سزا ڏيو”، “پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي کي بازياب ڪيو”، “تعليم ۽ صحت تي ڌاڙا بند ڪريو” ۽ “ڪاري ناهي ڪا به نياڻي، ڪارو آهي هي سماج” جا نعرا هنيا ويا.

حيدرآباد

سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان 28هين آئيني ترميم، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين، تعليم جي تباهيءَ خلاف ۽ معصوم نياڻين پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي سميت گم ٿيل سمورن ٻارڙن جي بازيابي لاءِ آچر 19 جولاءِ تي اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

احتجاج جي اڳواڻي سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر سرمد خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري شعيب ڀٽو، سينئر نائب صدر توڪل کوسو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فاضل بلاول لاشاري، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري دانش ڪمار، ضلعي صدر امجد ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ٻارڙن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

احتجاج دوران “سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور”، “28هين آئيني ترميم نامنظور”، “ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي سخت سزا ڏيو”، “پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي کي بازياب ڪيو”، “تعليم ۽ صحت تي ڌاڙا بند ڪريو” ۽ “ڪاري ناهي ڪا به نياڻي، ڪارو آهي هي سماج” جا نعرا هنيا ويا.

احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي پنهنجي آئيني حصي موجب پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب فصل تباهه ٿي رهيا آهن، غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ هاري سخت معاشي بحران جو شڪار آهن.

هنن چيو ته 28هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت ۽ جمهوري ادارن کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي اغوا، قتل ۽ جنسي زيادتين جا واقعا روزاني جو معمول بڻجي ويا آهن. پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪري جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال انتهائي خراب آهي. 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ ٻار غربت سبب جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. سرڪاري اسڪولن جي نجڪاري غريب عوام جي ٻارڙن کان تعليم جو حق کسڻ جي برابر آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي نااهلي سبب ارڙي، پوليو، غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي معصوم ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سرڪاري اسپتالون سهولتن جي کوٽ ۽ ڪرپشن سبب عوام لاءِ سخت تڪليف جو سبب بڻيل آهن.

سجاڳ ٻار تحريڪ مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي آئيني حصي جو پاڻي فوري فراهم ڪيو وڃي، تڪراري ڪينال منصوبن کي ختم ڪيو وڃي، ٻارڙن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪيو وڃي، اسڪولن جي نجڪاري روڪي وڃي ۽ تعليم ۽ صحت جي شعبن مان ڪرپشن جو خاتمو آڻي سنڌ جي ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي. (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button