Editor's pickMain Slideنساني حَقَ

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمن کي ھڪدم ھٽايو وڃي: وومن ايڪشن فورم ڪراچي

ڪميشن جي 2024 واري امتحان جا نتيجا رد ڪري امتحان شفاف طريقي سان ٻيهر ورتا وڃن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بنيادي سڌارا آندا وڃن، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائي ميرٽ، ايمانداري ۽ اهليت جي بنياد تي نوان آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

وومن ايڪشن فورم جو وفد حيدرآباد ۾ احتجاجي شاگردن سان گڏ سندن ڪئمپ تي

وومن ايڪشن فورم جي وفد جو حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات کانپوءِ ساڻن يڪجهتيءَ جو اظھار

ڪراچي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) پاران ورتل گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE-2024) جي نتيجن کانپوءِ سنڌ جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سخت مايوسي، ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. شاگردن جو چوڻ آهي ته امتحاني نتيجن ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪري سفارش، اثر رسوخ ۽ مبينا ڪرپشن جي بنياد تي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته قابل، محنتي ۽ اهل شاگردن ۽ شگردياڻين کي ناڪام ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته هي ڪو نئون واقعو ناهي، پر سالن کان هلندڙ هڪ منظم ناانصافي جو تسلسل آهي. 2013ع ۾ پڻ اهڙين ئي بيقاعدگين خلاف عدالتن جو در کڙڪايو ويو، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي امتحان ٻيهر ورتا ويا. ساڳيءَ ريت CCE-2020/24 جي امتحان بابت به هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٻيهر امتحان منعقد ڪيا ويا. ان هوندي به، سندن چوڻ موجب، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سفارشي ثقافت جو خاتمو نه ٿي سگهيو.

شاگردن جو موقف آهي ته هن ڀيري صورتحال وڌيڪ افسوسناڪ آهي، جتي وفاقي سطح تي CSS جهڙي انتهائي مقابلي واري امتحان ۾ نمايان ڪاميابي ماڻيندڙ ڪيترائي مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جا اميدوار CCE-2024 ۾ يا ته لکت واري امتحان ۾ يا انٽرويو جي مرحلي ۾ ناڪام قرار ڏنا ويا. ٻئي طرف، انهن جي دعويٰ آهي ته ڪيترائي اهڙا اميدوار، جيڪي بااثر بيوروڪريٽن، جاگيردار خاندانن يا سفارش رکندڙ حلقن سان لاڳاپيل آهن، کين ڪامياب قرار ڏنو ويو. شاگردن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ انهن اميدوارن جي تعليمي رڪارڊ ۽ ٻين ثبوتن سان گڏ موجود آهن.

6 مئي تي جاري ڪيل نتيجن موجب لڳ ڀڳ پنج هزار اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي، پر صرف ستر اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. شاگردن موجب انهن مان وڏي انگ ۾ اهي اميدوار شامل آهن، جن بابت سفارش ۽ اثر رسوخ جا سوال اٿاريا پيا وڃن. ان کانسواءِ، امتحان ڏيندڙن ۾ لڳ ڀڳ ٽيهه سيڪڙو شاگردياڻيون هيون، پر صرف پنج شاگردياڻيون ڪامياب ٿي سگهيون، جنهن پڻ نتيجن بابت ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.

شاگرد هن معاملي کي عدالت ۾ پڻ کڻي ويا آهن، پر ادارن تي اعتماد جي کوٽ سبب هنن 13 مئي کان پرامن احتجاج جو سلسلو جاري رکيو آهي. 24 جولاءِ کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حيدرآباد واري آفيس آڏو لڳاتار احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، جيڪو “Movement for Restoration of Meritocracy (MRM)” جي نالي سان هلي رهيو آهي. هن تحريڪ کي مختلف شاگرد تنظيمن جي مڪمل حمايت حاصل آهي.

افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته احتجاج ڪندڙ شاگردن موجب، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا هن وقت تائين سندن موقف ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري احتجاج باوجود ڪنهن ذميوار آفيسر شاگردن وٽ اچي سندن شڪايتون ٻڌڻ جي زحمت نه ڪئي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ وومن ايڪشن فورم ڪراچيءَ جي هڪ وفد احتجاجي ڪيمپ جو دورو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. وفد سندن مطالبن کي جائز قرار ڏيندي SPSC جي ذميوارن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اداري پهتو، پر کين اداري جي دروازي تي ئي روڪيو ويو. وفد کي ٻڌايو ويو ته چيئرمين سميت سمورا بااختيار آفيسر ڪراچي ۾ هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ موجود آهن.

گهڻي بحث کانپوءِ اداري جي هڪ اهلڪار، شاهد مستوئي، جنهن پنهنجو تعارف قانوني صلاحڪار (Legal Advisor) طور ڪرايو، وفد سان ملاقات ڪئي. وومن ايڪشن فورم سندس سامهون اهو واضح مطالبو رکيو ته اداري جا ذميوار آفيسر فوري طور احتجاجي ڪيمپ تي پهچي شاگردن جو موقف ٻڌن، پر جواب ۾ اهو چيو ويو ته في الحال ڪو به بااختيار آفيسر موجود ناهي، البت شاگردن ۽ وفد جو پيغام مٿن پهچايو ويندو.

وومن ايڪشن فورم هن رويي کي غيرسنجيده ۽ غير ذميواراڻو سمجهي ٿي، ۽ ان تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. وفد شاگردن جي نمائندگي ڪندي ۽ پنهنجي طرفان به مطالبن جو چارٽر اداري جي نمائندي حوالي ڪيو.

وومن ايڪشن فورم جو واضح موقف آهي ته شاگرد ڪنهن به قوم جو مستقبل ۽ سڀ کان قيمتي سرمايو هوندا آهن. جيڪڏهن ميرٽ، محنت ۽ ايمانداري کي قربان ڪري سفارش، ڪرپشن ۽ ناانصافي کي هٿي ڏني ويندي ته ان جو نقصان صرف فردن تائين محدود نه رهندو، پر سڄي سماج ۽ رياست کي ڀوڳڻو پوندو. هزارين خاندان پنهنجو سمورو وسيلو پنهنجي ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪن ٿا، تنهنڪري انهن جي سالن جي محنت جو صلو صرف ميرٽ جي بنياد تي ملڻ گهرجي.

وومن ايڪشن فورم ڪراچي جا مطالبا

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين کان ھڪدم استعيفا ورتي وڃي.

CCE-2024 جا نتيجا رد ڪري امتحان شفاف طريقي سان ٻيهر ورتا وڃن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بنيادي سڌارا آندا وڃن، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائي ميرٽ، ايمانداري ۽ اهليت جي بنياد تي نوان آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

وومن ايڪشن فورم ڪراچي سنڌ حڪومت، خاص طور تي سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذميوار عملدارن کان مطالبو ڪري ٿي ته هو بنا دير احتجاجي ڪيمپ تي پهچي شاگردن سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪن، سندن خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌن ۽ جائز مطالبن کي ترت تسليم ڪري، سنڌ جي نوجوانن جو اعتماد بحال ڪن. ڇو ته انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر آهي، ۽ ميرٽ جو تحفظ ئي هڪ باوقار، جمهوري ۽ ترقي يافته سماج جي بنياد آهي. (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button