Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھٿ ٺوڪي غيرت جو جنون ۽ نياڻين جو مقتل بڻيل سنڌ

اهو ئي سماج، جيڪو عورت جي عزت جو دعويدار رهيو آهي، هاڻي عورتن خلاف ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ بي رحماڻن قتلن جي واقعن سان سڃاتو پيو وڃي. غيرت جي نالي تي قتل، ڪاري جهڙيون ظالماڻيون رسمون ۽ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد، سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ تي وڏو سوال اٿارين ٿا.

پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 800 کان 1000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جن مان وڏو انگ سنڌ سان تعلق رکي ٿو. اهي انگ اکر رڳو انگ نه آهن پر هر هڪ انگ پويان هڪ انساني زندگي، هڪ خاندان جو درد ۽ هڪ ٽٽل خواب لڪل آهي.

ليکڪ: مُشتاق ٽانوري

سنڌي سماج کي تاريخي طور انسان دوستي، رواداري ۽ عورت جي عزت جو امين سمجهيو ويندو رهيو آهي. سنڌ جي تهذيب ۾ نياڻيءَ کي رڳو هڪ فرد نه، پر عزت، رحمت ۽ امن جي علامت طور ڏٺو ويو آهي. ”ست قرآن“ جهڙيون روايتون، پناهه وٺندڙ نياڻيءَ کي ”سام“ بڻائي تحفظ ڏيڻ ۽ نياڻيون ميڙ ٿي اچڻ تي دشمنيون ختم ڪرڻ جهڙا مثال، هن سماج جي اعلي اخلاقي قدرن جا زنده شاهد رهيا آهن. انهن روايتن نه رڳو سنڌي سماج کي هڪ منفرد سڃاڻپ ڏني، پر دنيا آڏو هڪ مهذب، باوقار ۽ انسان دوست قوم طور پيش ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو صدين تائين سنڌي سماج کي امن، احترام ۽ اخلاقيات جي علامت طور سڃاتو ويو.

هتي عورت کي عزت ڏيڻ رڳو هڪ سماجي فرض نه پر هڪ مذهبي ۽ ثقافتي ذميواري سمجهي ويندي هئي. نياڻيءَ کي گهر جي برڪت ۽ رحمت قرار ڏنو ويندو هو ۽ ان جي حفاظت کي پنهنجي غيرت سان جوڙيو ويندو هو. پر جڏهن اڄ جي حالتن تي نظر وجهجي ٿي ته هڪ انتهائي ڏکائيندڙ تضاد سامهون اچي ٿو. اهو ئي سماج، جيڪو عورت جي عزت جو دعويدار رهيو آهي، هاڻي عورتن خلاف ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ بي رحماڻن قتلن جي واقعن سان سڃاتو پيو وڃي. غيرت جي نالي تي قتل، ڪاري جهڙيون ظالماڻيون رسمون ۽ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد، سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ تي وڏو سوال اٿارين ٿا. اهي عمل نه رڳو قانوني طور ڏوهه آهن، پر اخلاقي طور به سماج جي بنيادي قدرن جي مڪمل ابتڙ آهن. افسوس جو اهڙا واقعا هاڻي الڳ الڳ حادثا نه رهيا آهن، پر هڪ تسلسل اختيار ڪري چڪا آهن، جيڪي سماجي بگاڙ جي نشاندهي ڪن ٿا.

خيرپور ضلعي جي  ٽنڊومستي ويجھو ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ خالده چانڊيو ۽ هالا ويجهو ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ شمائلا چانڊيو جا دل ڏاريندڙ قتل، ان ئي تلخ حقيقت جا عڪس آهن. خالده چانڊيو کي سوين ماڻهن جي سامهون بي رحمي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هوءَ زندگي جي التجا ڪندي رهي. اهو منظر رڳو شخص جي درندگي نه، پر پوري سماج جي بي حسيءَ جو عڪس آهي. جڏهن ماڻهو ظلم کي پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ پوءِ به خاموش رهن ته اها خاموشي به ڪنهن حد تائين ان ظلم ۾ شريڪ بڻجي وڃي ٿي. ساڳئي طرح شمائلا چانڊيو جو ڪهاڙين جي وار سان ٿيل قتل، ان سوچ جو تسلسل آهي، جتي عورت کي شڪ، الزام يا روايتي دٻاءَ جي بنياد تي موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. اهڙن واقعن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”غيرت“ جو تصور ڪيئن بگاڙجي چڪو آهي. جتي اصل ۾ غيرت جو مطلب عزت جي حفاظت هجڻ گهرجي، اتي ان کي انساني جان وٺڻ سان جوڙي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ جهالت آهي.

انساني حقن جي مختلف رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 800 کان 1000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جن مان وڏو انگ سنڌ سان تعلق رکي ٿو. اهي انگ اکر رڳو انگ نه آهن پر هر هڪ انگ پويان هڪ انساني زندگي، هڪ خاندان جو درد ۽ هڪ ٽٽل خواب لڪل آهي. جڏهن هڪ عورت کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿين ٿيون. انهن واقعن جو سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ پهلو”تماشائي سماج“ جو وجود آهي. جڏهن سوين ماڻهو هڪ نياڻيءَ جو قتل ڏسن ۽ ڪو به اڳتي وڌي ان کي بچائڻ جي جرئت نه ڪري، ته اهو رڳو قانون جي ناڪامي نه، پر سماج جي اخلاقي موت جي علامت آهي. اهڙي بي حسي ان ذهني بيماري جي نشاندهي ڪري ٿي، جيڪا آهستي آهستي سماج جي رڳن ۾ ڦهلجي رهي آهي. ماڻهو ظلم کي ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ آواز اٿارڻ کان ڊڄن ٿا جيڪو هڪ خطرناڪ رجحان آهي.

قانوني طور پاڪستان جو آئين عورتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ ڪيترائي قانون به موجود آهن جيڪي اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ٺاهيا ويا آهن پر عملي طور انهن قانونن تي صحيح نموني عملدرآمد نه ٿيڻ سبب اهڙا واقعا بار بار پيش اچن ٿا. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ بااثر ماڻهو قانون جي گرفت کان بچي وڃن ٿا، جنهن سان نه رڳو ڏوهارين کي همٿ ملي ٿي، پر مظلومن کي انصاف کان به محروم ڪيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ رڳو حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ذميوار قرار ڏيڻ ڪافي ناهي. سماج جي هر فرد تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي صحيح اخلاقي تربيت ڏين، استادن کي گهرجي ته هو شاگردن ۾ انسانيت، احترام ۽ انصاف جا قدر پيدا ڪن، جڏهن ته مذهبي عالم ۽ سماجي اڳواڻن کي پنهنجي اثر رسوخ کي مثبت تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. انهن کي گهرجي ته اهڙن واقعن کي اجاگر ڪن، متاثر ماڻهن جي آواز کي اڳتي آڻين ۽ سماج ۾ شعور پيدا ڪن ته ”غيرت“ جو اصل مطلب ڪنهن جي زندگي وٺڻ نه، پر ان جي حفاظت ڪرڻ آهي. جڏهن سماج ۾ شعور وڌندو، تڏهن ئي اهڙن ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. حڪومت، پوليس ۽ عدليه کي به سنجيده قدم کڻڻا پوندا. اهڙن ڪيسن ۾ تيز رفتار انصاف فراهم ڪرڻ، جوابدارن کي سخت سزائون ڏيڻ ۽ اڳواٽ روڪٿام جا موثر نظام قائم ڪرڻ ضروري آهن. جيڪڏهن هر واقعي کان پوءِ رڳو نوٽيس وٺڻ يا بيان ڏيڻ تي گُذارو ڪيو ويندو ته پوءِ اهڙا الميا جاري رهندا ۽ ماڻهن جو قانون تي اعتماد ختم ٿيندو ويندو.

خالده چانڊيو، شمائلا چانڊيو ۽ ڪارنهن جي ڪڌي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ ٻين ڪيترين ئي نياڻين جا نالا رڳو فردن جا نالا نه آهن، پر اهي سوال آهن سماج کان، قانون کان ۽ گڏيل ضمير ۽ شعور کان. جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب اڃا به خاموشي سان ڏنو ويو ته پوءِ اهو خطرو وڌي ويندو ته سڀاڻي هر گهر مان اهڙي ئي هڪ دردناڪ ڪهاڻي جنم وٺي سگهي ٿي.

سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ اڃا به مڪمل طور ختم نه ٿي آهي؛ اها اڃا به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. پر ان کي بچائڻ لاءِ جرئت، ايمانداري، انصاف ۽ انسانيت جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن پنهنجي روايتن تي فخر ڪجي ٿو  ته پوءِ انهن کي رڳو لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ آڻڻو پوندو. اهو وقت رڳو سوچڻ جو نه، پر عمل ڪرڻ جو آهي نه ته تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

                                                                                                              —

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button