Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سماج ۾ پکڙيل عورت مار رويا ۽ بي لاڀ قانون

ڪيڏي ستم جي ڳالهه آھي جو هن سماج ۾ ڪڏهن بلوچستان جي ”بانو“ هجومن ۾ بي گناھ گولين جو کاڄ ٿي بڻجي ته ڪڏهن ”شانتي“ پنهنجي مڙس هٿان جنسي تشدد تي تڙپندي تڙپندي پساھ ٿي ڏئي

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عورت خلاف تشدد کي انفرادي نه پر اجتماعي مسئلو سمجهيو وڃي. هي ڪو رڳو ”عورتن“ جو مسئلو ناهي پر اهو سماجي ناانصافي، قانون جي لتاڙ، ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جي علامت بڻجي چڪو آهي

مُشتاق ٽانوري

ان وقت سڄي دنيا تي درد جا پاڇا ڇانئجي ويا هوندا ۽ انساني احساس تڙپي اٿيو هوندو، جڏهن سجاول جي سعيد پور قبرستان ۾ مڙس جي انتهائي وحشياڻي تشدد ۾ موت جو کاڄ بڻيل لياريءَ واسڻ ”شانتي“  جو مڙھ بي حسي جي عالم ۾ دفن ٿيو۔ ڪيڏي ستم جي ڳالهه آھي جو هن سماج ۾ ڪڏهن بلوچستان جي ”بانو“ هجومن ۾ بي گناھ گولين جو کاڄ ٿي بڻجي ته ڪڏهن ”شانتي“ پنهنجي مڙس هٿان جنسي تشدد تي تڙپندي تڙپندي پساھ ٿي ڏئي ۔ هي ”شانتي“ ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، سنڌ واسين جي سماج تي هڪ بدنما داغ ڇڏي وئي. خبر نه آھي سنڌ جي سماج ۾ ڪيتريون ”شانتيون“ لڪ ڇپ ۾ غيرت جي نالي تي رات وچ ۾ گھوگهاٽجي موت جو شڪار ٿي قبرستان حوالي ٿين ٿيون. ڪنوار  ”شانتي“ کي شادي جي ٻي رات ئي جنوني گهوٽ ”اشوڪ“ وڏي بي حسي سان جنسي ظلم جو نشانو بڻايو.  اشوڪ جهڙن گهوٽن جي ذھن ۾ ڪهڙو  انتقامي بارود ڀريل آھي، جو اهي شاديءَ جي ٻي رات پنهنجي نئين ڪنوار کي ايڏو  اذيت ناڪ تشدد ڪندي موت جي واديءَ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا ۔ ”شانتي“ جي 15 جون تي شادي ٿي هئي ۽ 24  جولاءِ تي ڪراچي جي ٽراما سينٽر اسپتال ۾ هن دم ڏنو۔ اونداهيءَ جي پيٽ ۾ هڪ سوڙهي ڪمري ۾ جيڪي ڪجھ ”شانتي“ تي گذريو هوندواهو قهري قيامت هوندي ۔

شانتي مهيشوريءَ جون چيخون  جڏهن آسمان ۽ دنيا جي پالڻھار تائين پهتيون هونديون ته يقينن آسمان به روئي ڏنو هوندو ۽ ڌرتي تڙپي اٿي هوندي ، پر ان وحشي صفت انسان کي رحم نه آيو. سوال هي آھي ته اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪجي؟ جنهن جو جواب آھي تہ تعليم، علم ۽ شعور تحت روڪجي سگهجي ٿو.

سماجي تنظيم ”ساحل“، ”وومين ايڪشن فورم“ ۽ ميڊيا جي جاري ڪيل ڇهن مهينن جي رپورٽ مطابق سال 2025ع جي جنوري کان جُون تائين صنفي بنياد تي تشدد جا 3958 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هي انگ نه صرف افسوسناڪ آهن، پر خطرناڪ به آهن، انهن انگن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 857 عورتون قتل ٿيون، جن مان 149 کي “غيرت” جي نالي تي ختم ڪيو ويو. 783 عورتون اغوا ٿيون، 638 تي جسماني تشدد ٿيو، 380 جنسي حوس جو نشانو بڻيون، ۽ 371 عورتن پنهنجي زندگي پاڻ ختم ڪئي. اهڙا انگ اکر هڪ اهڙي معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي عورتن لاءِ نه گهر محفوظ آهي، نه گھٽي، نه آفيس، نه ادارا.

سنڌ صوبي مان جيڪي ڪيس رپورٽ ٿيا، تن مان سڀ کان وڌيڪ 109 ڪيس ڪراچيءَ مان سامهون آيا. سانگهڙ، خيرپور، سکر، ٿرپارڪر، ميرپور خاص، دادو، شڪارپور، ۽ ٻين ضلعن ۾ به ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا. سنڌ ۾ 169 عورتون قتل ٿيون، جن مان 72 کي “ڪارنهن” جي الزام هيٺ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. بدترين ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ عورتن جا واقفڪار، مڙس، ڀائر ۽ ويجها مائٽ يعني اهي ماڻهو، ملوث هئا، جيڪي انهن جي تحفظ جا ذميوار هئا.

هاڻ اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته عورتن جي تحفظ لاءِ صرف قانون هجڻ ڪافي ناهي، جيستائين انهن قانونن تي عمل نٿو ٿئي. جنسي، نفسياتي، جسماني تشدد، غيرت جي نالي تي قتل، تيزاب هارڻ، اجتماعي زيادتي، اهي سڀ اونداھي جا اهي پاڇا آهن، جن ۾ عورتون هر روز دفن ٿين ٿيون. هاڻ خاموش رهڻ، تشدد جي تائيد برابر آهي. انهن ڪيسن مان پوليس وٽ رڳو 79 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا، باقي ڪيترائي ڪيس ته رپورٽ ئي نه ٿيا. ڇو؟ ڇو ته متاثر عورتون، يا سندن گهر وارا خوف، شرم يا اثر رسوخ جي ڪري چُپ ٿي وڃن ٿا. رياست جي ذميواري آهي ته اهڙن ڪيسن ۾ خود نوٽيس وٺي، ۽ معاشري ۾ خوف بدران اعتماد پيدا ڪري. پوليس، عدليا، ۽ سرڪاري ادارن کي عورتن لاءِ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. ان لاءِ تعليم ۽ شعور لازمي آهي.  اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ صنفي مساوات، انساني حقن، ۽ عورت جي حرمت بابت شعور وڌائڻ گهرجي، عورتن لاءِ مفت قانوني مدد جا مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي متاثر عورتون بي خوف ٿي مدد وٺي سگهن. ميڊيا کي گهرجي ته تشدد جا ڪيس سنجيدگي سان اجاگر ڪري، نه فقط “اسڪينڊل” طور ان کي رپورٽ ڪري. انھيءَ سان گڏوگڏ اھو به ضروري آھي تہ پوليس جي ذميواريءَ جو ميڪينزم جوڙيو وڃي، جيڪڏهن اهلڪار ڪيسن کي لڪائين يا ڪمزور ڪن ته انهن خلاف ڪارروائي ٿئي.

جيڪڏهن ڇهن مهينن ۾ 3958 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ته تصور ڪريو ته رپورٽ نه ٿيل ڪيسن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ ڇا اهو معاشرو عورت لاءِ محفوظ سڏي سگهجي ٿو.

“ڪارنهن” جهڙا الزام، “غيرت” جي نالي تي قتل، گهر اندر تشدد، ۽ شاديءَ کان انڪار تي زوري شادي يا مارڪٽ انهن سڀني جو بنياد اهو آهي ته عورت کي فرد جي بدران ڪنهن جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ عورتن خلاف تشدد روڪڻ لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن، جهڙوڪ “پروٽيڪشن اگينسٽ وائلنس آف وومن ايڪٽ”، جنسي حراسان ڪرڻ خلاف قانون، غيرت جي نالي تي قتل کي قتل عام قرار ڏيڻ وارو قانون… پر سوال اهو آهي ته اهي قانون عملي طور تي لاڳو ڇو نٿا ٿين؟

اهو وقت اچي چڪو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عورت خلاف تشدد کي انفرادي نه پر اجتماعي مسئلو سمجهيو وڃي. هي ڪو رڳو ”عورتن“ جو مسئلو ناهي پر اهو سماجي ناانصافي، قانون جي لتاڙ، ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جي علامت بڻجي چڪو آهي. انگن اکرن کان اڳتي نڪري، سماج کي پنهنجن رويي، تربيت، ۽ قانوني ادارن کي ڏسڻو پوندو. جيستائين رياست ۽ سماج گڏجي هڪ آواز ٿي عورتن جي تحفظ، عزت، ۽ آزاديءَ لاءِ بيهڻ نٿا سکن، تيستائين هي ظلم رڪجڻ وارو ناهي.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button