سنڌ ۾ تعليم جي تباھي
سنڌ ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ پرائمريءَ کان ھائر سيڪنڊريءَ تائين تعليمي ايمرجنسي لڳڻ گھرجي
ماجد مقصود
سنڌ جي تعليم جي صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب ٿي رھي آھي، مگر افسوس جو سنڌ حڪومت جي اکين تي کَوپا چڙھيل آھن تہ سندس ڪنن تي جون بہ نٿي سُري. ائين ناھي تہ ڪو رڳو پرائمري تعليم تباھ آھي ۽ باقي معاملات ٺيڪ آھن. اصل ۾ سنڌ ۾ پرائمري، سيڪينڊري، ھائر سيڪنڊري ۽ ھائر ايجوڪيشن تائين صورتحال بدتر آھي. تازو سنڌ جي نالي واري اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ايڊميشن ٽيسٽ ڪرائي آھي جنھن سنڌ جي سڄي صورتحال کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي 5 بورڊن جا شاگر جن کي بورڊن اي ون گريڊ ڏنا ھئا سڀ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿي ويا. جنھن مان اھا ڳالھ ثابت ٿئي ٿي تہ سنڌ جي امتحاني بورڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن آھي ۽ بورڊن ۾ گريڊ پئسن تي ڏنا ويندا آھن. ان کان سواءِ اھا ڳالھ بہ ثابت ٿئي ٿي تہ سنڌ جي ڪاليجن ۾ تعليم جو معيار ڪري چڪو آھي. ان جو وڏو سبب ھيءُ آھي تہ سنڌ ۾ جيڪي ھائر سيڪنڊري اسڪول آھن، اُتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آھن ئي ڪونہ ۽ جيڪي آھن انھن کي تعيلم کاتي پنھنجي مختلف پروجيڪيٽس ۾ لڳائي ڇڏيو آھي. ايتري قدر جو وڏن وڏن ھائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ ھڪ يا ٻن کان وڌيڪ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ناھن ۽ ٻارن کي نان ڪواليفائيڊ استاد پڙھائين ٿا جنھن سان ٻارن جي تعليم تي خراب اثر پوي ٿو. وزير تعليم صاحب ان ڳالھ جو ڪريڊٽ وٺي ٿو تہ ھن پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري ۽ ھاءِ اسڪولن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي مگر انھن اسڪولن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد موجود ئي ناھن. جيستائين اسڪولن ۾ ڪواليفائيڊ استاد موجود ناھن تيستائين اھڙن اسڪولن جو ڪو فائدو ناھي. حڪومت کان خاص اميد تہ ناھي مگر پنھنجي ڪڍيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرائين تہ بہ وڏي ڳالھ آھي جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ ھر سبجيڪٽ اسپيسلسٽ واپس ھائر سيڪنڊري اسڪول وڃي سبجيڪٽ پڙھائيندو، مگر افسوس 5 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر اھڙي آرڊر تي عمل نٿو ٿئي. نوٽيفڪيشن نڪرڻ جي باوجود تعيلم کاتي کان استاد اسيپشل پرميشن وٺي ايندا آھن ۽ انھن کي پروجيڪيٽس ۾ لڳايو ويندو آھي.
سنڌ ۾ ذري گھٽ 50 ھزار اسڪول آھن ۽ 2 لکن جي لڳ ڀڳ استاد آھن، ھڪ وڏو نظام آھي مگر سنڌ ۾ امتحاني بورڊ رڳو پنج آھن جيڪي پنج بلڊنگن ۾ ھلن ٿا ۽ جتي وڌ کان وڌ اسٽاف 100 کن ھر بورڊ ۾ ھوندو مگر افسوس جو حڪومت بورڊن جي ڪارگردگيءَ کي بھتر نٿي ڪري سگھي. خبر ناھي ڪنھن جي سفارش تي بورڊن جا چيئرمن ۽ ڪنٽرولر ايندا آھن ۽ بورڊن کي تباھ ڪري ھليا ويندا آھن. سڀني کي خبر آھي تہ پئسن تي مارڪون ۽ گريڊ ڏيندا آھن مگر حڪومت خاموش نظر ايندي آھي. بورڊن کي بھتر ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالھ ناھي ، رڳو بورڊ جي چيئرمن ۽ ڪنٽرولر کي ميرٽ تي ڀرتي ڪجي ۽ انھن جي پرفارمنس چيڪ ڪرڻ جا ڪجھ اپئمانا ٺاھجن ۽ جيڪڏھن ڪو چيئرمن بھتر ڪم نہ ڪري تہ ان کي لاھي ڇڏجي، ھڪ سال جي عمل ۾ سڄو نظام بھتر ٿي سگھي ٿو مگر سنڌ حڪومت جو انھيءَ اھم معاملي تي ڪو ڌيان ئي ناھي.
سنڌ حڪومت جي سنجيدگيءَ جي صورتحال جو اندازو انھيءَ ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو بورڊن ۽ يونيورسٽين جي ھڪ وزارت ٺاھي وئي ھئي. ان جو سال کن کان ڪو وزير ئي ناھي ۽ اھا وزارت سنڌ جي وزير اعلي وٽ آھي، ۽ وزير اعلي وٽ ٽائيم ئي ناھي جو ان وزارت جا معاملات ڏسي سگھي. سنڌ ۾ ٻن وڏين يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ گذريل ڇھن مھينن کان ڪوئي مستقل وي سي ناھي ۽ اُتي جي وي سي لاءِ آيل سڀني اميدوارن جي شارٽ لسٽنگ بہ ٿي وئي آھي مگر اڃان ڪنھن وي سيءَ جو نوٽيفيڪشن نہ نڪري سگھيو آھي.
ان کان سواءِ سنڌ ۾ نين يونيورسٽين جو پڻ اضافو ٿيو آھي، جتي پڻ جلديءَ ۾ وي سي لڳايا ويا آھن، جتي يونيورسٽي جي حوالي سان ڪو ڪم نہ ٿي سگھيو آھي. 2023 ۾ ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي تہ قائم ڪئي وئي آھي، مگر ان يونيورسٽيءَ کي ھڪ زبون حالت ڪيمپس ۾ ھلايو پيو وڃي جتي شاگرد آرام سان ويھي بہ نٿا سگھن، 12 باءِ 12 جي ڪمرن ۾ 60 کان 70 ٻار ويھن ٿا ۽ انھن سان گڏ ڇوڪريون ويھڻ لاءِ پريشان ھونديون آھن. منھنجي جڏھن ان حوالي سان ھڪ ايم اين اي سان ڳالھ ٿي تہ ان چيو: وي سي جو رويو اھڙو آھي جو اسان جي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، اسان ان جي ڪيئن مدد ڪيون.
ھڪڙي پاسي يونيورسٽيءَ ۾ ٻارن کي ڪا سھولت ناھي، ٻئي پاسي يونيورسٽي جي استادن کي 19، 20 ۽ 21 گريڊ تائين پروموٽ ڪيو ويو آھي، اضافي چارجون ڏنيون ويون آھن، پيٽرول جي سھولت ڏني ويئي آھي، وي سيءَ جي آفيس کي گھٽ ۾ گھٽ چار دفعا رينوويٽ ڪرايو ويو، نئون فرنيچر ورتو ويو آھي مگر ساڳي يونورسٽيءَ ۾ ننڍن ملازمن کي ڪنھن بہ قسم جو ڪو فائدو ناھي ڏنو ويو. ننڍا ملازم بينڪن مان قرض لاءِ درخواست نٿا ڏئي سگھن ڇو تہ انھن کي يونيورسٽي ڊاڪيومينٽ مھيا نٿي ڪري، نہ وري ننڍن ملازمن جو ڪو پروموشن ٿئي ٿو. جنھن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي ويھڻ لاءِ مڪمل فرنيچر بہ ناھي تہ جيئن اُھي ڪلاسن ۾ آرام سان ويھي ۽ پڙھي سگھن. ٻہ سال يونيورسٽي کي ٿي چڪا آھن پت يونيورسٽي ۾ ڪو رجسٽرار نہ اچي سگھيو آھي، ھڪ پي ايڇ ڊي استاد کي رجسٽرار جي اضافي چارج ڏني وئي آھي ۽ ڇھن مھينن ۾ رجسٽرار پنھنجي لاءِ ذاتي ڪار ۽ سھولتن ۾ اضافو ڪيو آھي مگر ان بہ تعليم جي حوالي سان ڪنھن قسم جي بھتريءَ جي ڪوشش ناھي ڪئي. ايتري قدر جو سندس ڊپارٽمينٽ ۾ ٽيچر اسسٽنٽ جون پوسٽ آيون جنھن لاءِ ڇوڪرن پڻ اپلاءِ ڪيو مگر سڀني ڇوڪرن جون درخواستون رد ڪري رڳو ڇوڪرين کي رکيو ويو. يونيورسٽيءَ جا شاگرد ٻڌائين ٿا تہ رجسٽرار جنھن کي اضافي چارج ڏنل آھي اھو ڪنھن ميل استاد کي سندس ڊپارٽمينٽ ۾ رکڻ جي حق ۾ ناھي. سنڊيڪيٽ ۽ سليڪشن بورڊ پڻ وي سي جي ھٿ ۾ ھوندو آھي، انھي جو چيرمين ۽ ميمبرن کي رڪمنڊ ڪندڙ پڻ وي سي ھوندو آھي، انڪري اھڙن ماڻھن کي رکيو ويندو آھي جيڪي وي سي جي ويجھو ھوندا آھن. ھن وقت رجسٽرار جي پوزيشن تي اھڙي شخص اپلاءِ ڪيو آھي اھو پاڻ سينڊيڪيٽ جو ميمبر آھي ۽ سليڪشن بورڊ جو پڻ سيڪٽري آھي، جيڪو ھڪ ڪنفلڪٽ آف انٽريسٽ پڻ آھي مگر ذريعا ٻڌائين ٿا وي سي جي ڪوشش آھي تہ انھي شخص کي ئي رجسٽرار رکيو وڃي. جڏھن تہ ان ڊپارٽمينٽ ۾ پي ايڇ ڊي ھڪ ئي آھي مگر ان کي بہ رجسٽرار ڪري ڊپارٽمينٽ ۾ ٻارن کي ٽيچر اسسٽنٽ جي حوالي ڪيو پيو پيو وڃي.
ھن وقت سنڌ ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي لڳڻ گھرجي جيڪا پرائمري کان ھائر سيڪنڊري تائين ھجڻ گھرجي ۽ جتي جتي تعليمي معاملات بھتر ناھن اُتي بھتر ڪجن ۽ جيڪي ماڻھو پنھنجو ڪم نہ ڪن انھن کي فارغ ڪجي. وزيراعظم شھباز شريف ۽ وزيراعلي مراد علي شاھ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ذڪر پڻ ڪري چڪا آھن مگر بدقسمتي سان اھڙي ڪا تعليمي ايمرجنسي لڳي نہ سگھي آ، رڳو تعيلم جي بجيٽ وڌائڻ سان حالات بھتر نہ ٿيندا، بجيٽ کي بھتر استعمال ڪرڻ ۽ سٺي حڪمت عملي ٺاھڻ ۽ تعليم جي گورننس بھتر ڪرڻ سان ئي تعليمي معملات کي بھتر ڪري سگھجي ٿو.
_______________



