Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪوي ڪيسوڏان ڏيٿا: سنڌ ڌرتيءَ جو چارڻ  

ڪيسوڏان جي ڪچهريءَ ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪردارن کي سڻي محسوس  ٿيندو ھو ته ‘سنڌ جي اتهاس کي هڪ چارڻ کان وڌيڪ ڪير بيان ڪري سگهي ٿو؟’ ڪيسوڏان پنهنجي ڌرتيءَ جو چارڻ ھو. سندس من ۾ نه صرف پنهنجي مٽي جو  شاندار ماضي ھو پر وطن جي روشن مستقبل جي  لاءِ تڙپ  ھئي.

ڪوي ڪيسوڏان ڏيٿا

ڀارو مل امراڻي

کاروڙي چارڻ جو رهواسي ڪيسو ڏان نه رڳو  ڍاٽ جي دڙن جي چارڻي اتهاس تي  چترائي جي ڇاپ ھو، پر  پنهنجي دور ۾  ڍاٽ جي دڙن مان گونجندڙ  سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب  جو سگهارو آواز ھو. ڪيسوڏان جي ڪچهريءَ ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪردارن کي سڻي محسوس  ٿيندو ھو ته ‘سنڌ جي اتهاس کي هڪ چارڻ کان وڌيڪ ڪير بيان ڪري سگهي ٿو؟’ ڪيسوڏان پنهنجي ڌرتيءَ جو چارڻ ھو. سندس من ۾ نه صرف پنهنجي مٽي جو  شاندار ماضي ھو پر وطن جي روشن مستقبل جي  لاءِ تڙپ  ھئي. هن وطن جي واٽن تي  چارڻي ڪوتا جا ڇانورا ڪيا. تاريخ، تهذيب، علم، ادب ۽ آرٽ جي راهه ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙن کي نئين ڏينهن نئون اتساهه بخشيو.

ڪوي ڪيسوڏان جي ڪچهريءَ مان معلوم ٿيندو ھو ته سنڌ جي راڄن ۾ راڄ ڌڻين جون ڪيئن رهاڻيون رچنديون هيون. سگهڙن سياڻن جا ٻول ڪيئن ٻُرندا هئا. ڳوٺن جا گوهر پنهنجي نئين نسل جي ڪيئن تربيت ڪندا هئا. ڍاٽ جي دڙن ۽ پارڪر جي پٽن تي چارڻن جا ڪهڙا ڳوٺ آباد هئا.  نوجوانيءَ ۾ هن جي اکين اهي چارڻ ڪوي ۽ سگهڙ سياڻا ڏٺا جيڪي نه صرف لوڪ گيت جو آلاپ سڻڻ سان ٻڌائيندا هئا ته ڳائيندڙ ڪنواري ڪنيا آهي يا شادي شده عورت پر جنڊ پيهندڙ  جو به پتو ٻڌائيندا هئا.     

 ڪوي ڪيسوڏان جو والد صاحب آئيڏان ۽ چاچو ستيڏان پنهنجي دور جا نامور سگهڙ سياڻا ۽ مانجهي مڙس هئا، جن جي اثر ۾ سندس بنيادي تربيت ٿي آهي. نصابي تعليم ڪيسوڏان گهٽ ورتي پر غير نصابي تعليم هن تمام گهڻي ورتي ھئي.  پوڙهائپ جو وائرو ڪيسوڏان جي وجود کي گهيري رهيو  پر پوءِ به هُو لٺ جي سهاري پنهنجن وڏڙن کان وارثت ۾ مليل واٽ تي هڙڪ هلي ڪچهريءَ ۾ پهچي جوانن وانگر ڏات جا ڏيئا ٻاريندو رهيو. سرسوتي کي سمرڻ دوران هن کان ڪڏهن نيوڇور جي ٻالو برهمڻ جو نالو نہ وسريو ھو جنهن ٻال اوسٿا ۾  رامائڻ جا ڇند ياد ڪرايا هئا. 

ڪيسوڏان سان منهنجي پهرين ملاقات ‘چتر ٻولي چارڻان’ جي اڻت دوران کاروڙي چارڻ ۾ ڏيول ديوي جي آسٿان تي ٿي. چارڻي اتهاس تي مون ڪيترائي سوال ڪيا، هن هر هڪ سوال جو جواب وڏي ڏاهپ سان ڏنو. ان ڪچهريءَ کان پوءِ کاروڙي چارڻ ڏانهن منهنجو گهاڙُو  گهڙجي ويو.  چيلهار مان عمرڪوٽ اچڻ  کان پوءِ  کاروڙي چارڻ وڃڻ معمول  بڻيل رهيو. کاروڙي چارڻ ۾ ڪيسوڏان سان ڪچهري ۾ ڪڏهن مون سان گڏ  ڊاڪٽر عبدالعزيز، ارباب نيڪ محمد ۽ شهاب نهڙيو رهيا  ته ڪڏهن منهنجو جڳتڏان ۽ ڪئلاش ڏان جي قرب سان ميڙو متو.

ڪيسوڏان سان ڪچهري ۾ ڪڏهن اسان جو موضوع  مرادن جا ڇند ‘خدا جو ڪرتا عقل ۾ نهين آتا’  ۽ جوجهاڏان جا  گيت‘ تون هي ترڻ تارڻ تون هي تون هي تون’ رهيا ته ڪڏهن ڪانجي چارڻ جي ننگرپارڪر جي راڻي رڻڇوڙ سنگهه تي چيل سورٺا ۽ مراري  ڏان جي ماڻهپي ۽ مرياده تي چيل ڪوت رهي.  سيڻي ۽ وينجهل  جي دوهن سان گڏ اجلي جي ‘پيڇولي’ به پچاري  ڪيسوڏان مدد خان پٺاڻ جي لشڪر پاران لٽيل ڇاڇري جي المناڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي انتهائي وڏي ڪرب مان گذرندو ھو. ڪابل ۾ قيدي ٿيڻ کان پوءِ ڇاڇري جي ويڌي چارڻ اُپڪاري ڇند وسيلي ننڍي کنڊ جي درويشن کي داد رسائي جي لاءِ ڪيئن پڪار ڪئي هئي؟  اهو ڇند مون هن وقت تائين صرف ڪيسوڏان کان ئي ٻڌو. ڪيسيو ڏان کي ڪوي ڏيارام چارڻ جا سورٺا گهڻا ياد  ھوندا ھئا. شاعريءَ جي فني حسناڪي تي ڳالهائيندي ڪوي ڏيارام جا سورٺا مثال طور پيش ڪندو ھو. مون کي ڪيسوڏان جو ٻڌايل ڏيارام جو هي سورٺو وڻندو آهي ته:

مردي موٽي مروڙ، بن ڪوڏي بانڪا ڦري،

ڪنگلا گهر ڪروڙ، ڏيکي نهين ڪو ڏيارما،

ازلي ۽ ابدي حقيقت سان پختي وابستگيءَ جو تذڪرو نڪرڻ تي ڪسيوڏان ڏيارام جا  سورٺا سڻائي  شاهه لطيف جي هن بيت تي ايندو ھو:

ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين لڊاڻو

راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ٻيو ڪي.

آئون هر ڀيري سندس ڏاهپ  ۽ ڪمال درجي جي حافظي تي حيرت ۾ پئجي موٽيو آهيان.

شاعر ۽ سياستدان سائين سردار شاهه کي به جڏهن سياسي مصروفيت مان ٿوري فرصت ملندي ھئي، تڏهن هُو  هن چارڻ ڪويءَ سان رهاڻ رچائي پڇندو ھو  ته، ‘پيار جي پورنماسي  ۾  سڪ جي سمنڊ جي جوار باٽا  چارڻي ڇندن  ۽ دوهن ۾ ڪيئن سمايل آهي!؟“  سنڌي شاعريءَ جو ارڏو نانءُ حليم باغي چارڻي ڪوتا ۾  انقلابي آدرشن جي ولين تي ويچارڻ ۽ تصوف ۽ ويدانت جي نقطن کي نروار ڪرڻ جي لاءِ ڪيسوڏان ڏانهن هليو ايندو ھو.

 ڪيسوڏان پنهنجي ڪوتا هڪ ته تمام گهٽ رچي آهي ٻيو ته ٻڌائيندو به گهٽ آ. ڪڏهن ڪچهري  موج واري مچي ويئي ته هڪ ٻه سورٺا ۽ دوها ٻڌڻ جي لاءِ ملي ويندا ھئا.

ڪيسوڏان جو ننڍو ڀاءُ ڏيوي ڏان به ناميارو ڪوي آهي. محقق ذوالفقار علي ڪلهوڙي چارڻي ادب تي انگريزي ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ٻنهي ڀائرن جي ڏات جو تذڪرو ڪيو آهي. پروفيسر شڪتيڏان ڪويا پنهنجي ‘ڌرا سرنگي ڍاٽ’  ۾ ڪيسوڏان ۽ ڏيوي ڏان کي  منظوم مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته ؛

سپوت آئيڏان ست ڪيسر ديو ڪويس،

ڏيٿا کاروڙي ڏيپي داکي ڌن ڌن ديس،

(آئيڏان جا پٽ  ڪيسر (ڪيسوڏان) ۽ ديو (ڏيوي ڏان) ٻئي ڪوي ٿيا آهن. جن پنهنجي ڏات سان کاروڙي جي ڏيٿن ۾  پنهنجو نالو  روشن ڪيو آهي. پوري ديس ۾ جن جي نالي نامياچاري آهي )

ڪيسوڏان جا ڇهه پٽ آهن جن جو به تذڪرو ڪندي پروفيسر شڪتيڏان چوي ٿو ته ؛

ڪيسر هندان کٽ ڪنور تيج ڏان وڏ طور،

موهن ڀمر مرار جيُون دولو ڀور دلير،

(ڪوي ڪيسر جا ڇهه پٽ آهن جن ۾ وڏو تيج ڏان آهي، موهنڏان ، ڀمرڏان، مراري ڏان ڏولو ڏان ۽ ڀورڏان به  ناليوارا آهن).

_____________

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button