سنڌ جي اَمر ڪلاڪار جيوڻي ٻائي: بيدرد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ …
جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ صوفياڻو سوز سمايل آهي.ھُوءَ رڳو هڪ فنڪار نه پر سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جو امر باب هئي.
سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت پنهنجي آواز سان صدين جي خاموشي ٽوڙي، سماج جي بند دروازن کي کوليو ۽ سنگيت کي نئين سڃاڻپ ڏني ته اها هئي جيوڻي ٻائي.
مُشتاق ٽانوري
سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جيوڻي ٻائي جو نالو هميشه هڪ روشن ستاري وانگر چمڪندو رهندو. هوءَ سنڌ جي پهرين عورت فنڪاره هئي، جنهن پنهنجي آواز سان نه رڳو ماڻهن جي دلين کي موهي وڌو، پر سنڌي سنگيت کي به نئين سڃاڻپ بخشي. سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت پنهنجي آواز سان صدين جي خاموشي ٽوڙي، سماج جي بند دروازن کي کوليو ۽ سنگيت کي نئين سڃاڻپ ڏني ته اها هئي جيوڻي ٻائي. هوءَ رڳو هڪ گلوڪاره نه هئي، پر سنڌي عورت جي حوصلي، همت ۽ فن جي آزاديءَ جو اهڃاڻ هئي. سندس آواز ۾ درد هو، سچائي هئي، روح جو سڏ هو ۽ ڌرتيءَ جي خوشبو هئي.

جيوڻي ٻائي 22 جنوري 1901ع تي هندستان جي علائقي راجپوتانا جي ڀيلواڙا ڳوٺ ۾ هڪ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم ورتو. سندس جنم اهڙي سماج ۾ ٿيو جتي عورتن کي ڪمائڻو پوندو هو ۽ مرد بيڪار زندگي گذاريندا هئا. اهو قبيلو صدين کان اهڙي روايت تي قائم هو، جتي عورتون رزق جو بار کڻنديون هيون ۽ مرد سندن محنت تي پلجندا هئا. جيوڻيءَ جو شروعاتي نالو جيدي ٻائي هو. سندس ماءُ جانڪي هر صبح ننڍڙي ڌيءَ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي در در وڃي صدائون هڻي پنندي هئي. جيوڻي جڏهن ٿوري وڏي ٿي ته ماءُ سان گڏ ڳائڻ ۾ شامل ٿي وئي. سندس آواز ۾ ايترو سوز ۽ درد هو جو ماڻهو روئي پوندا هئا. ماڻهو سندس آواز کان ايترو متاثر ٿيندا هئا جو دل کولي دان ڏيندا هئا. ڪجهه ئي وقت ۾ ماءُ ڌيءَ وٽ ايترو پئسو گڏ ٿي ويو جو پنڻ سندن مجبوري نه رهي. 1918ع ۾ جڏهن جيوڻي سترنهن ورهين جي ٿي، تڏهن سندس والد ڦَڪو گرگلو ڪٽنب سميت ملتان اچي آباد ٿيو. اهو ئي وقت هو، جڏهن جيوڻي جي قسمت موسيقيءَ جي دنيا سان ڳنڍجي وئي. ملتان ۾ سندس آواز نامياري راڳي استاد امير خان ٻڌو. استاد امير خان جيوڻي جي سريلي آواز، معصوم چهري ۽ نرم طبيعت کان بيحد متاثر ٿيو. هن جيوڻي کي پوتي پارائي پنهنجي ڌيءَ بڻايو ۽ راڳ جي باقاعده تربيت ڏيڻ شروع ڪئي. امير خان جي صحبت ۾ اچي جيوڻيءَ جي خاندان اسلام قبول ڪيو. ڦڪو گرگلو محمد بڻيو ۽ جيدي ٻائي جو نالو جيوڻي ٻائي رکيو ويو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ هن خاندان پنڻ جو ڌنڌو هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو. جيوڻي هاڻي محنت ۽ فن جي رستي تي قدم رکيو.

جيوڻي ميلن، شادين ۽ محفلن ۾ ڳائڻ لڳي. ملتان کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين سندس آواز جي گونج پکڙجي وئي. جڏهن هن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳايو ته هوءَ سنڌ جي پهرين عورت گلوڪاره بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻهن کيس بيحد محبت سان قبول ڪيو. شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي ميلي تي سندس ملاقات استاد خير محمد خان سان ٿي. استاد خير محمد سان ويجهڙائپ سبب جيوڻي ملتان ڇڏي حيدرآباد اچي وسائي. هتي هن سنڌي ڪافي ڳائڻ جي تربيت ورتي ۽ سنڌ جي هر ميلي ۽ ملاکڙي ۾ استاد خير محمد سان گڏ ڳائڻ لڳي. هڪ ڀيري شاه قادري جي ميلي تي جيوڻي جو آواز ميدان ماري ويو. استاد بيبو خان، سيد قائم علي، ڀورو سنگهه ۽ ماسٽر چندر جهڙن وڏن فنڪارن جي وچ ۾ به جيوڻي پنهنجي فن ۽ آواز سان سڀني کي موهي وڌو. فونوگرام ڪمپني هن کي گيتن جي رڪارڊنگ جي آڇ ڪئي. سندس لڳ ڀڳ سئو گيت رڪارڊ ٿيا، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا. گراموفون ڪمپني ڪراچيءَ ۾ سندس اعزاز ۾ هڪ شاندار تقريب رکي، جتي کيس ساڍا ڏهه تولن جو سونو مونوگرام انعام طور ڏنو ويو. سندس آواز ريڊيو ۽ گراموفون ذريعي گهر گهر پهتو.
1928ع ۾ جيوڻي راڻيپور جي بزرگ سيد صالح شاه جي مريدياڻي ٿي. هن قرآن پاڪ پڙهيو ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. سانورو رنگ، وڏيون اکيون، ڀريل جسم، ڊگهو قد ۽ گول چهرو رکندڙ جيوڻي ٻائي هڪ باوقار، باعزت ۽ نيڪ سيرت عورت هئي. هوءَ نماز ۽ روزي جي پابند هئي ۽ پنجتنن سان محبت رکندي هئي.
1932ع ۾ هن نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر کيس اولاد نصيب نه ٿيو. جيوڻي ٻائي جو پنهنجي مڙس نواب ماڪا سان جنون جي حد تائين عشق هوندو هو. ڪجهه استاد راڳي سندن عشق جا ويري هئا، جن جيوڻي ٻائي ۽ نواب ماڪا ۾ ڪجهه عرصو رنجشون پڻ پيدا ڪيون پر جيوڻي ٻائي پنهنجي ور سان انتها درجي جو پيار ڪندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن شاديءَ تان واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته سندس سازندن جي سٿ مان هڪ سازندي جيوڻي ٻائي کي سندس ور بابت ڪوڙي ڳالهه ٻڌائي، جنهن کي ٻڌڻ شرط ئي آھ ڪري جيوڻي ٻائي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ڪري پئي. اهو 5 جون 1942ع جو ڏينهن هو ۽ ان ئي ڏينهن تي رڳو 41 ورهين جي عمر ۾، جيوڻي ٻائي هن فاني دنيا کي الوداع چيو. پر سندس آواز اڄ به زندھ آهي. ريڊيو پاڪستان تان سندس گيت اڄ به ٻڌا وڃن ٿا. سندس آواز ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ صوفياڻو سوز سمايل آهي.جيوڻي ٻائي رڳو هڪ فنڪاره نه هئي، هوءَ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جو امر باب هئي. سندس نالو، سندس آواز ۽ سندس فن سدائين زنده رهندو.
_____________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



