ڇا سنڌي قوم بدلجندڙ حالتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ تيار آھي؟
اسان سنڌي مجموعي طور ڪٿي بيٺل آهيون، ڇا پاڻ آرٽيفشل انٽيليجنس جي دور ۾ پنهنجي سنڌ، پنهنجي شهرن، پنهنجي ڳوٺن ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون
سنڌ جي وارثن کي هاڻي دنيا سان گڏ هلڻ، اڳتي وڌڻ ۽ مسلسل جاکوڙ جي راهه وٺڻي پوندي، هڪ اهڙو دڳ اختيار ڪرڻو پوندو جنهن سان نه رڳو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاروباري خال ڀرجي سگهي پر ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ جي وحدت، ايڪي خلاف ڳالهائڻ جي همت نه ٿي سگهي ۽ ڌرتيءَ جي انچ انچ جا وارث صرف سنڌي ئي هجن.

فرحان تنيو
چوندا آهن ته فطرت جي قانون مطابق هر شيءِ کي پنهنجي اصل ڏانهن واپس ورڻو هوندو آهي. ڌرتي ته هر ان انسان جي ماءُ مثل هوندي آهي جيڪو ان جي ڪُک مان جنم وٺي ٿو. جنهن کي قدرت ان مٽيءَ منجهان ٺاهي سهڻي صورت عطا ڪري ٿي، ته مٽيءَ ۽ ماڻهوءَ جو سنگم به فطري ئي هوندو آهي. پنهنجي وڏڙن جي وطن، پنهنجي ديس، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن، پنهنجي وسيلن سان اڻٽٽ تعلق به هر غيرتمند انسان جو فخر هوندو آهي. سنڌ ڌرتي به ڪروڙين سنڌين جو هزارين ورهين کان وطن آهي، جنهن جا وسيلا، شهر بحر، ڳوٺ، واهڻ وستيون، ڍنڍون ڍورا، درياهه سمنڊ، ڪچا پڪا، انچ انچ زمين جو سنڌين جي ملڪيت آهي، سنڌين جي ميراث آهي، سنڌين جو ئي سڀ کان پهريون ۽ آخري حق آهي.
80ع جي ڏهاڪي ۾ مقدس جهاد جي نالي تي آمريڪا جي آشيرواد سان افغانستان ۾ شروع ٿيل ويڙهه ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جو ڪوبه ڏيڻ وٺڻ نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي مسلمان ڪڏهن به انتهاپسند نه رهيو آهي ۽ هنن قرآن ۽ حديث جي امن پسندي، انسانيت پسندي واري درس کي هميشه هينئين سان هنڊائي هڪ بهترين سماج جي جوڙجڪ ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، مختلف قومن سان تعلق رکندڙ. مختلف مذهبن،ڌرمن، عقيدن جا پيروڪار انسان جيڪي به هتي آيا، هن ديس جي سيڪيولرازم واري سوچ کان متاثر ٿيندي هميشه لاءِ هن ئي ڌرتيءَ جا پٽ بڻجي ويا.
بهرحال پاڻ ڳالهه پيا ڪريون افغان جنگ جي پسمنظر ۾، ته 45 سال اڳ جيڪا تباهي افغانستان ۾ آئي ان جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن پاڙيسري ملڪن خاص ڪري پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ وري خاص طور سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ڏانهن رُخ رکيو ۽ بنا ڪنهن رٿابندي، ڳڻپ ۽ رجسٽريشن جي لکين افغاني هتي اچي پهتا. پوءِ نه رڳو سنڌين پر اردو ڳالهائيندڙن به ڏٺو ته ڪيئن نه ڪراچي شهر جي چئني پاسي افغان وسنديون ٺهڻ شروع ٿي ويون، ننڍن وڏن ڪاروبارن تي غيرقانوني پرڏيهين جو قبضو ٿيندو ويو ۽ ايستائين جو هتي ئي جنم وٺندڙ افغان نوجوان پاڪستاني رياست کي سرعام گاريون به ڏيندا رهيا ته وري پاڪستاني جهنڊي جي بيعزتي پڻ ڪندا رهيا. خاص ڪري هر سال 14 آگسٽ واري ڏينهن وڏي انگ ۾ افغاني نوجوان افغانستان جا جهنڊا کڻي ڪراچيءَ جي رستن تي پاڪستاني فورسز کي چئلينج ڪندي به نظر ايندا رهيا پر رياست اھڙوڪڇي جهڙو ڀت. افغانين کي ڏنل ان رياستي ڇوٽ رياست کي ئي تمام گهڻو نقصان رسايو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي نوي سيڪڙو واقعن ۾ افغاني شهريت رکندڙ جوابدار ئي ملوث رهيا آهن.
تازو جڏهن پاڪ، افغان سرحد تي افغانستان جي طالبان سرڪار هڪ ڀيرو وري بزدلاڻو حملو ڪري پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي جواب ۾ پاڪستاني فورسز منهن ٽوڙ جواب ڏيندي طالبان حڪومت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ سوين افغان فوجي ۽ طالبان دهشتگرد مارجي ويا آهن، سرحد پار دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ اڏا به تباهه ڪيا ويا آهن.
تازي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ موجود افغانين جي نيڪاليءَ جا مطالبا هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺي ويا آهن. پنجاب حڪومت ڪيترائي ورهيه اڳ ئي افغانين کي نيڪاليءَ جا نوٽيس ڏئي چڪي آهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان حڪومتون به ان سلسلي ۾ پاڻ ملهائيندي نظر اچي رهيون آهن پر سنڌ ۾ الائي ڪهڙي مجبوري يا مصلحت تحت غيرقانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به انتظام ۽ ڪي به عملي ڪارروائيون ٿيندي نظر نٿيون اچن. موجوده سونهري موقعي کي سامهون رکندي سمورين سنڌ دوست ڌرين کي گهرجي ته هڪ پليٽ فارم تي اچي سنڌ حڪومت مٿان زور رکن ته افغان پناهگيرن کي پنهنجي اباڻي وطن موڪلي سنڌ جي معيشت مٿان پيل اربين کربين رپين جو بار ختم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جا اصلوڪا رهواسي پنهنجي صوبي جي وسيلن مان فائدو حاصل ڪري سگهن، شهرن ۾ اچي رهي سگهن، اولاد کي بهترين تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪري سگهن، رڳو ٻني ٻاري يا پوکي راهيءَ تي ڀاڙڻ بدران صنعتن، خانگي ڪمپنين ۾ نوڪريون حاصل ڪن، پنهنجا ننڍا وڏا ڪاروبار ڪري حقيقي ترقيءَ جا معراج ماڻي سگهن.
سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي به هن تاريخي موقعي تي پنهنجي قومي ذميواري ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ لاءِ سمورا بهانا پاسيرا ڪري اڳتي اچڻو پوندو. ڪراچيءَ مان افغانين جي نيڪاليءَ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خال کي ڌرتيءَ ڌڻين کي ئي ڀرڻو پوندو، ڪراچيءَ جي سمورن روزگار جي ذريعن ۾ پنهنجي نمائندگي سڄي دنيا کي ڏيکارڻي پوندي، مستقل مزاجيءَ سان محنت ذريعي پنهنجو پاڻ مڃرائڻو پوندو ته جيئن سنڌين جا ايندڙ سمورا نسل مستقل طور پنهنجي راڄڌاني واري شهر ۾ رهن، هتي نوڪري ۽ ڪاروبار ڪرڻ سميت شهر جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ واري وڏڙن جي روايت به اڳتي وٺي هلن. اهوئي عمل سنڌي قوم لاءِ بهترين ۽ ترقي يافته مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو.
جديد سنڌ جا سمورا دانشور پڻ ان ڏس ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن ۾ سنڌين کي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان نڪري پنهنجي ئي صوبي جي وڏن شهرن خاص طور ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ڪرڻ جون صلاحون ۽ تجويزون ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته دنيا هاڻي Artificial Intelligence Age ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ 15، 20 ورهيه اڳ جيڪا ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي وئي هئي، ان جي سموري جاءِ ”هٿرادو ڏاهپ“ جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آندل نت نئين ٽيڪنالوجي والاري رهي آهي، ان ڏس ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا جي مارڪيٽ AI جي قبضي هيٺ اچي ويندي ۽ هزارين لکين نوڪريون پڻ متاثر ٿينديون. انهن اڳڪٿين ۽ اندازن کي نظر ۾ رکي سوچجي ته اسان سنڌي مجموعي طور ڪٿي بيٺل آهيون، ڇا پاڻ آرٽيفشل انٽيليجنس جي دور ۾ پنهنجي سنڌ، پنهنجي شهرن، پنهنجي ڳوٺن ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون، ڇا ڌارين جي سنڌ مان نيڪاليءَ جي صورت ۾ اسان جون تياريون مڪمل آهن. انهن سوالن جا جواب سنڌي ماڻهوءَ کي پاڻ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پنهنجي شهرن ۾ خالي ٿيل اسپيس پاڻ کي پُر ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ 1947ع واري صورتحال به جنم وٺي سگهي ٿي جنهن جو ڌڪ سنڌ ڪونه پچائي سگهندي، جڏهن سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد،سکر مان لڏپلاڻ ڪري ويل سنڌي هندن جي جاءِ تي هندستاني مهاجرن اچي ديرا ڄمائي ورتا هئا، پوءِ اڄ تائين ڪهڙو حال آهي ان جي وضاحت جي ضرورت آهي.
بهرحال سنڌ جي وارثن کي هاڻي دنيا سان گڏ هلڻ، اڳتي وڌڻ ۽ مسلسل جاکوڙ جي راهه وٺڻي پوندي، هڪ اهڙو دڳ اختيار ڪرڻو پوندو جنهن سان نه رڳو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاروباري خال ڀرجي سگهي پر ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ جي وحدت، ايڪي خلاف ڳالهائڻ جي همت نه ٿي سگهي ۽ ڌرتيءَ جي انچ انچ جا وارث صرف سنڌي ئي هجن.
______________

فرحان تنيو صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



