Editor's pickMain Slideدنياڪالم

روم: سنڌي نياڻين جي حوصلي، محنت ۽ خوابن جي ڪاميابيءَ جو اڻ وسرندڙ داستان

روم جي سفر کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ کان اڳ اسان ٻن غير معمولي سنڌي نياڻين، انوشي ڇاٻڙيا ۽ سندس دوست ۽ بزنس پارٽنر سروشڪا سان ملڻ جو پروگرام رٿيو جن هن پرائي ديس ۾ پنهنجو هڪ نئون جهان تخليق ڪيو آهي ۽ پنهنجي همت، محنت ۽ خوابن جي زور تي پرديس ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي.

انوشي ڇاٻڙيا ۽ سروشڪا آءِ بي اي سکر مان تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعلي تعليم لاءِ روم پهتيون. پرڏيهه ۾ رڳو تعليم حاصل ڪرڻ ئي هڪ وڏو چئلينج هوندو آهي  پر اتي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ نه رڳو علم پر حوصلو، تمام گهڻي همت، بهادري ۽ بي پناهه محنت گهربل هوندي آهي.

ليکڪ ۽ سندس دوست روم ۾ ريسٽورنٽ ھلائيندڙ سنڌي نياڻين سان گڏ

عبدالله عثمان مورائي

زندگي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا منظر پيش ڪري ٿي جيڪي رڳو ڏسڻ نه پر محسوس ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. اٽليءَ جي تاريخي شهر روم جي پراڻين گهٽين ۾ گهمندي، جتي هر ڀت هڪ نئين ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، اتي اسان کي هڪ اهڙي ڪهاڻي ملي جيڪا اسان جي پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ سان واسيل هئي. روم جي سفر کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ کان اڳ اسان ٻن غير معمولي سنڌي نياڻين، انوشي ڇاٻڙيا ۽ سندس دوست ۽ بزنس پارٽنر سروشڪا سان ملڻ جو پروگرام رٿيو جن هن پرائي ديس ۾ پنهنجو هڪ نئون جهان تخليق ڪيو آهي ۽ پنهنجي همت، محنت ۽ خوابن جي زور تي پرديس ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي.

ڪنڌڪوٽ کان ڪولوسيم تائين جو سفر

اهي ٻئي نياڻيون اصل ۾ اتر سنڌ جي ضلعن ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد سان تعلق رکن ٿيون. اهي علائقا پنهنجي ثقافت ۽ روايتن لاءِ مشهور آهن پر اتي ڇوڪرين لاءِ عالمي سطح تي اڳتي وڌڻ جا موقعا اڃا تائين محدود آهن. اڪثر ڪري اسان جي سماج ۾ نياڻين کي گهر جي چؤديواريءَ تائين محدود رکيو ويندو آهي پر اهڙي پسمنظر مان نڪري پرڏيهي ملڪ ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. انهن نياڻين جي ڪاميابيءَ ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن حوصلا بلند هجن ته منزلون پري ناهن هونديون.

اسان ويٽيڪن سٽي جي ويجهو ئي اوٽاويانو اسٽيشن کان ميٽرو ذريعي سفر شروع ڪيو ۽ وچ ۾ ٽرميني اسٽيشن تي ٻي ريل مٽائي اچي سان جيوواني اسٽيشن تي لٿاسين ۽ اتان کان پوءِ  پنڌ هلندا هلندا روم جي خوبصورت گهٽين، عمارتن ۽ ماحول کي ويجهي کان ڏسندا ۽ محسوس ڪندا اچي انهن جي Hungry Scholars  نالي ان خوبصورت ريسٽورنٽ تي پهتاسين.

هنگري اسڪالرز (Hungry Scholars): روم  جي دل ۾ سنڌي مهمان نوازي

جڏهن اسان ريسٽورينٽ تي پهتاسين ته ان جي نالي ئي اسان کي متاثر ڪيو جيڪو عالمي تجربن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان نالي ۾ هڪ خاص پيغام لڪل هو. هي نالو رڳو بک يا کاڌي کائڻ يا ڪجهه پيئڻ بابت ناهي پر اها بک تجسس، سکيا، سکڻ، ڄاڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ، دنيا کي ڏسڻ جي به هوندي آهي. اهو نالو ڄڻ انهن جي پنهنجي زندگيءَ جو عڪس هو.

انوشي ريسٽورنٽ کلڻ کان اڳ ئي اسان سان ملڻ لاء اچي وئي هئي. ڪجهه ئي دير ۾ سروشڪا به پهچي وئي. سندن پنهنجائپ ، مهمان نوازي ۽ مرڪ اسان کي اهو محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو ته اسان ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ويٺا آهيون پر ائين لڳو ڄڻ اسان روم ۾ ڪنهن سنڌي گهر ۾ ويٺا هجون ۽ جتي سنڌي هجن اتي چانهه نه هجي اها ڳالهه ناممڪن آهي. اسان جو ديسي چانهه ۽ بسڪيٽن سان آڌر ڀاء ڪيو ويو جنهن اسان جي ٿڪ کي گهڙين ۾ لاهي ڇڏيو. اها چانهه رڳو هڪ مشروب نه هئي پر هزارين ڪلوميٽر پري پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل هڪ احساس هئي.

تعليم کان ڪاروبار تائين: هڪ حقيقي جدوجهد

ڳالهين دوران اسان کي انوشي ۽ سروشڪا جي سفر بابت گهڻو ڪجهه ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ خبر پئي ته انهن نياڻين آءِ بي اي سکر (IBA Sukkur) مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کان پوء اهي اعلي تعليم لاءِ روم پهتيون. پرڏيهه ۾ رڳو تعليم حاصل ڪرڻ ئي هڪ وڏو چئلينج هوندو آهي  پر اتي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ نه رڳو علم پر حوصلو، تمام گهڻي همت، بهادري ۽ بي پناهه محنت گهربل هوندي آهي. انهن نياڻين جي عزم ۽ همت جي ڪهاڻي اسان جي نوجوانن، خاص طور تي سنڌ جي نياڻين لاءِ هڪ وڏو ۽ زبردست مثال آهي.

ڇوڪرين لاءِ هڪ پيغام

اسان جي سماج ۾ اڃا تائين ڪيترين ئي ڇوڪرين جا خواب گهر جي چوديواري تائين محدود هوندا آهن. خاص طور تي اهي ڇوڪريون جيڪي ڪنهن حد تائين خوشحال يا ماني مڇيء واري خاندانن سان تعلق رکن ٿيون انهن وٽ وسيلا ته هوندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن آزادي ۽ همٿ جي کوٽ هوندي آهي. انهن لاءِ انوشي ۽ سروشڪا جو پيغام صاف آهي ته پنهنجا پر پکيڙيو، دنيا توهان جي سوچ کان به وڏي آهي. جيڪڏهن موقعا موجود آهن ته انهن مان فائدو وٺو، جيڪڏهن رستا بند لڳن ته نوان رستا ٺاهيو، تعليم حاصل ڪريو، سفر ڪريو، نون ماڻهن سان ملو ۽ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهيو.

سنڌ جي خوشحال خاندانن لاءِ سوچڻ جي گهڙي ۽ هڪ پيغام

هن ڪهاڻي جو هڪ اهم پاسو والدين ۽ خاندانن لاءِ به آهي.

ڇوڪرين کي رڳو تحفظ جي نه پر اعتماد جي به ضرورت هوندي آهي. انهن نياڻين جو داستان اسان جي سماج جي انهن والدين لاءِ هڪ سبق آهي جيڪي پنهنجي نياڻين جي صلاحيتن تي شڪ ڪن ٿا. خاص طور تي اهي خاندان جيڪي مالي طور سگهارا آهن، انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي نياڻين کي رڳو شاديءَ جي انتطار تائين محدود نه رکن.

جيڪڏهن خاندان سندن ساٿ ڏئي، سندن فيصلن تي ڀروسو ڪري ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائي ته اهي نه رڳو پنهنجي زندگي بدلائي سگهن ٿيون پر پوري سماج لاءِ مثال بڻجي سگهن ٿيون. پنهنجي نياڻين کي پر کولڻ ڏيو، کين دنيا ڏسڻ ڏيو. کين موقعا فراهم ڪريو ته اهي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجو نالو پيدا ڪن. جڏهن هڪ نياڻي ڪامياب ٿئي ٿي ته اها رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه پر پوري خاندان ۽ قوم لاءِ فخر جو باعث بڻجي ٿي.

آخر ۾ حاصل ڪلام ته زندگي انهن ماڻهن کي ياد رکي ٿي جيڪي خوف کان اڳتي وڌن ٿا. انوشي ۽ سروشڪا جو هي داستان اسان کي سيکاري ۽ طاقتور پيغام ڏئي ٿو ته خواب ڏسڻ جي همٿ ڪريو ۽ پوءِ انهن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ محنت ڪريو. پنهنجا پر کوليو ۽ توهان کي خبر پوندي ته هيءَ دنيا توهان جي تصور کان به وڌيڪ وڏي ۽ وسيع آهي. ڇوڪرين لاءِ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته هو پاڻ کي محدود نه سمجهن ۽ والدين لاءِ هاڻي اهو وقت آهي ته هو پنهنجين ڌيئرن کي دنيا سان متعارف ڪرڻ سيکارين ڇو ته جڏهن هڪ ڇوڪري ڪامياب ٿئي ٿي ته نه رڳو هوءَ پر سندس خاندان ۽ سڄو سماج اوچو ٿي وڃي ٿو.

۽ ها جيڪڏهن توهان ڪڏهن روم وڃو ته Hungry Scholars تي ضرور چڪر لڳائجو. اتي توهان کي رڳو سٺو کاڌو نه پر ان سان گڏوگڏ گهر کان هزارين ڪلوميٽر پري سنڌي مهمان نوازي ۽ پنهنجائپ ملندي. هي ريسٽورينٽ روم جي دل ۾ اسان جي سنڌ جي نياڻين جي جرئت جو هڪ زنده نشان ۽ مثال آهي. اهو پنهنجائپ، سڃاڻپ ۽ ثقافت جو هڪ احساس آهي.

__________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

3 رايا

  1. جيڪڏهن ھت سنڌ ۾ ب اھڙي سماجي جوڙجڪ پيدا ڪئي وڃي تَ سماج ھڪ وڏي تبديلي ڏانهن وک وڌائي سگھي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button