ظاهري ترقي ۽ باطن جي تنھائي: سماج جو وڏو الميو
اسان اهڙي زماني ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي دنيا رابطن جي بي مثال وسعت تي فخر ڪري ٿي. هڪ بٽڻ دٻائڻ سان آواز هزارين ميل پري پهچي وڃي ٿو، تصوير پل ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ٿي، معلومات جي رفتار روشنيءَ کي به شرمسار ڪري ٿي؛ پر حيرت اها آهي ته انسان جي دل کان انسان جي دل تائين سفر اڃا به ايترو ئي ڏکيو آهي. اسان وٽ ڳالهائڻ جا وسيلا بي شمار آهن، پر ٻڌڻ جو ظرف گهٽجي رهيو آهي.

حڪيم پريم چاندواڻي
ڪڏهن ڪڏهن انسان ڪنهن اهڙي موڙ تي پهچي ويندو آهي، جتي ٻاهر جي دنيا پنهنجي سموري شور، روشني ۽ رنگن سان موجود هوندي آهي، پر اندر ۾ هڪ اهڙي خاموش اونداهي جنم وٺندي آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به ڏکيو لڳندو آهي. ماڻهو ڳالهائيندا رهن ٿا، پر دل تائين ڳالهه نٿي پهچي، آواز بلند ٿيندا رهن ٿا، پر ٻڌڻ وارو ڪو نٿو ملي، چهرا مُرڪندا رهن ٿا، پر انهن مُرڪن جي پٺيان لڪل اداسي پڙهڻ وارو ڪو نظر نٿو اچي. اهڙي ڪيفيت ۾ انسان کي محسوس ٿيندو آهي ته مسئلو رڳو سندس اندر ناهي، شايد سڄي فضا ئي ڪنهن اڻ ڏٺل اضطراب جي گرفت ۾ آهي.
هي اضطراب ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿئي ٿو؟ ڇا اهو صرف حالتن جو نتيجو آهي، يا اسان جي اجتماعي روين به ان کي جنم ڏنو آهي؟ شايد ٻنهي جو حصو آهي. زندگيءَ جا ڏک پنهنجي جاءِ تي آهن، پر جڏهن انهن ڏکن کي سمجهڻ واريون دليون گهٽجي وڃن، تڏهن هڪ ننڍڙو زخم به اندر ۾ وڏو خال پيدا ڪري سگهي ٿو. انسان کي درد کان وڌيڪ بي اعتنائي ٽوڙيندي آهي، ڇاڪاڻ ته درد گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ته ڏياري ٿو ته ڪو زخم موجود آهي، پر بي رخي انسان کي اهو به محسوس ڪرائي ٿي ته سندس زخم ڪنهن جي نظر ۾ ئي ناهي. ڪوئي حال ڀائي ئي ڪونهي۔
اسان اهڙي زماني ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي دنيا رابطن جي بي مثال وسعت تي فخر ڪري ٿي. هڪ بٽڻ دٻائڻ سان آواز هزارين ميل پري پهچي وڃي ٿو، تصوير پل ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ٿي، معلومات جي رفتار روشنيءَ کي به شرمسار ڪري ٿي؛ پر حيرت اها آهي ته انسان جي دل کان انسان جي دل تائين سفر اڃا به ايترو ئي ڏکيو آهي. اسان وٽ ڳالهائڻ جا وسيلا بي شمار آهن، پر ٻڌڻ جو ظرف گهٽجي رهيو آهي. اسان وٽ اظهار جي آزادي آهي، پر احساس جي آزادي ڪٿي آهي؟ اسان وٽ لفظن جا انبار آهن، پر انهن لفظن ۾ دل جي گرمي ڪيتري بچي آهي؟ جذبن جي سردمهري ۽ بي رغبتي دلين ۾ ويڇا وڌائي رهي آهي۔
بي اثر آ، صدا ساري، جو درد شايد هتي ئي لڪل آهي.
جڏهن هڪ مظلوم جي دانهن کي عادت سمجهي نظرانداز ڪيو وڃي، جڏهن ڪنهن جي خاموشيءَ کي سندس ڪمزوري قرار ڏنو وڃي، جڏهن سچ ڳالهائڻ وارو اڪيلو ٿي وڃي ۽ مصلحت کي دانائيءَ جو نالو ڏنو وڃي، تڏهن صدا جي اثر وڃائڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو. آواز ختم نٿو ٿئي، پر ان جي گونج کي سماج جي بي حسي ڳڙڪائي وڃي ٿي.
۽ پوءِ اچي ٿي، بي سبب سزا۔
هر سزا ڏوهه کان پوءِ نٿي ملي. ڪي سزائون غلط فهمين جي صورت ۾ ملن ٿيون، ڪي تعصب جي صورت ۾، ڪي محرومي بڻجي انسان جي در تي بيهن ٿيون ۽ ڪي بي رخيءَ جي صورت ۾ دل کي زخمي ڪن ٿيون. سڀ کان عجيب ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن بي ڏوهي انسان پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندي ڪندي ٿڪجي پوي ٿو. هو سچو هوندو آهي، پر سچ ٻڌڻ وارو ڪوئي ناهي هوندو، دليل هوندا آهن، پر انصاف ڪندڙ ڪن نه؛ درد هوندو آهي، پر ان درد کي سمجهڻ واري دل ۽ اکيون نه.
اهڙي صورتحال ۾ سزا صرف جسم يا زندگيءَ کي نٿي ملي، اها انسان جي اعتماد کي به ملي ٿي.
اعتماد هڪ شيشي وانگر آهي،جب ٽٽڻ کان اڳ ان جي قيمت محسوس نٿي ٿئي، پر هڪ ڀيرو ٽٽي وڃي ته ان جا ٽڪرا گڏ ڪرڻ سان به اڳوڻي شفافيت واپس نٿي اچي. جڏهن انسان جو اعتماد ماڻهن، رشتن يا سماجي انصاف تان کڄي وڃي، تڏهن هو ماڻهن جي ميڙ ۾ به اڪيلو ٿي سگهي ٿو.

ان اڪيلائيءَ کي مان احساس جي بليڪ هول سان تشبيهه ڏيان ٿو.
ڪائنات ۾ بليڪ هول پنهنجي ڪشش سان روشنيءَ کي به پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو آهي. انساني زندگيءَ ۾ به ڪجهه حالتون اهڙا نفسياتي بليڪ هول بڻجي وڃن ٿيون، جيڪي اميد، اعتماد، خوشي ۽ تخليق کي آهستي آهستي پنهنجي اندر جذب ڪرڻ لڳن ٿيون. انسان ٻاهر کان ساڳيو نظر اچي ٿو، پر اندر سندس دنيا تبديل ٿي چڪي هوندي آهي. هو ماڻهن سان ملي ٿو، ڳالهائي ٿو، پنهنجا فرض ادا ڪري ٿو، پر سندس اندر هڪ اهڙو سوال مسلسل گردش ڪندو رهي ٿو: “ڇا منهنجي آواز جي ڪا معنيٰ آهي؟ ڇا منهنجي احساس جي ڪا قيمت آهي؟”
اهو سوال خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سماج ڪنهن انسان کي مسلسل اهو محسوس ڪرائي ته سندس وجود غير اهم آهي، ته پوءِ هو پنهنجي اندر جي روشنيءَ کان به هٿ ڌوئي سگهي ٿو.
انهيءَ ڪري انسانيت جي سڀ کان وڏي ضرورت نئين مشين، نئين عمارت يا نئين نعري کان اڳ نئين احساس جي آهي.
اسان کي ٻيهر سکڻو پوندو ته ماڻهو صرف نالو، حيثيت، دولت يا منصب ناهي؛ هر انسان پنهنجي اندر هڪ مڪمل ڪائنات کڻي هلي ٿو. ڪنهن جي چهري تي نظر ايندڙ معمولي اداسي شايد سندس اندر جي وڏي جنگ جو آخري نشان هجي. ڪنهن جي خاموشي شايد مدد لاءِ دانهن هجي. ڪنهن جو غصو شايد سالن جي محروميءَ جو نتيجو هجي. ڪنهن جي سخت لهجي جي پٺيان شايد اهڙو درد هجي، جنهن کي ڪنهن ڪڏهن ٻڌڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي هجي.
جيڪو سماج ظاهر کان اڳ باطن کي پڙهڻ سکي ٿو، اهو ئي حقيقي معنيٰ ۾ مهذب سماج بڻجي ٿو.
اسان ترقيءَ جا ڪيترائي معيار مقرر ڪيا آهن، پر هڪ معيار وساري ويٺا آهيون: اسان هڪ ٻئي جي درد سان ڪيترو انساني سلوڪ ڪريون ٿا؟
جيڪڏهن هڪ سماج ۾ دولت وڌي وڃي پر رحم گهٽجي وڃي، قانون موجود هجي پر انصاف جو احساس ڪمزور ٿي وڃي، معلومات وڌي وڃي پر دانائي گهٽجي وڃي، رابطي جا وسيلا وڌي وڃن پر دلين جا فاصلا وڌندا وڃن، ته پوءِ اها ترقي پنهنجو روح وڃائي ويهندي آهي.
انسان جي عظمت سندس طاقت ۾ نه، سندس احساس ۾ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ محبت، سچ، سُور ۽ انسانيت هڪ ٻئي کان جدا ناهن. صوفي روايتون انسان کي ظاهر جي فرقن کان اڳتي وٺي اندر جي سچائيءَ سان ملائن ٿيون. اها ئي سچائي ٻڌائي ٿي ته انسان جي اصل سڃاڻپ سندس لباس، لقب يا ظاهري حيثيت سان نه، پر سندس دل جي وسعت سان آهي. جنهن دل ۾ ٻين لاءِ جاءِ نه هجي، اها وڏي هوندي به ننڍڙي آهي، ۽ جنهن دل ۾ انسانيت لاءِ گنجائش هجي، اها ننڍڙي هوندي به ڪائنات کان به وسيع آهي.
اسان کي اڄ پنهنجي اندر ڏسڻ جي ضرورت آهي. ٻين جي غلطين جو حساب رکڻ کان اڳ پنهنجي روين جو حساب وٺڻ گهرجي. ڪٿي اسان به ڪنهن جي صدا کي بي اثر ته نٿا بڻايون؟!، ڪٿي اسان به ڪنهن بي ڏوهي دل کي اهڙي سزا ته نٿا ڏيون، جنهن جو ڏوهه صرف ايترو هجي ته هن اسان کان انسانيت جي اميد رکي هئي؟!، ڪٿي اسان جي هڪ بي ڌياني ڪنهن ٻئي جي اندر اهڙو خال ته پيدا نٿي ڪري، جيڪو پوءِ سالن تائين ڀرجي نه سگهي؟!۔
تبديلي هميشه وڏي شور سان شروع نٿي ٿئي. ڪڏهن اها هڪ خاموش فيصلي مان جنم وٺندي آهي۔ ڪنهن کي غور سان ٻڌڻ، ڪنهن سان انصاف ڪرڻ، ڪنهن کي بي سبب ڏک نه ڏيڻ، ڪنهن جي حق تي قبضو نه ڪرڻ، ڪنهن جي عزت ۽ حقن کي پنهنجي مفاد لاءِ نه لتاڙڻ ۽ جتي ممڪن هجي اتي ڪنهن جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ.
دنيا کي هن وقت ڪنهن نئين فلسفي کان وڌيڪ انهن ننڍڙين انسانيت سان ڀرپور حرڪتن، حسين جذبن، اخلاقي قدرن ۽ انساني وصفن جي ضرورت آهي.
ڇو ته فضا ڪنهن هڪ شخص جي ڪري مضطرب نٿي ٿئي، هزارين ننڍڙيون بي حسيون گڏجي ان کي ڳرو بڻائين ٿيون. ساڳيءَ طرح فضا ڪنهن هڪ وڏي نعري سان به صاف نٿي ٿئي، هزارين ننڍڙا احساس، هزارين انصاف ڀريا رويا ۽ هزارين سچيون همدرديون گڏجي سماجي ماحول کي بدلائين ٿيون.
اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي اندر جي آخري سرحد تائين پهچي سگهون، جتي اڃا ضمير جاڳي ٿو، جتي ڪنهن ٻئي جي درد تي دل ڌڙڪي ٿي، جتي ناانصافيءَ تي خاموش رهڻ ڏکيو لڳي ٿو، ته پوءِ اهو ئي هن دؤر جو سڀ کان وڏو انسانيت جو انقلاب هوندو.
اسان کي اهڙي دنيا نه گهرجي، جتي هر ماڻهو صرف پنهنجي بچاءَ ۾ مصروف هجي؛ اسان کي اهڙي دنيا گهرجي، جتي انسان ٻئي انسان لاءِ پناهه بڻجي سگهي.
دراصل سوال اهو ناهي ته فضا ڪڏهن مضطرب ٿيڻ ڇڏي ڏيندي. سوال اهو آهي ته اسان پنهنجي حصي جي اضطراب ۾ ڪيترو اضافو ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي حصي جي سڪون لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون؟
سوال اهو به ناهي ته هر صدا ڇو بي اثر ٿي وڃي ٿي؛ سوال اهو آهي ته اسان ٻڌڻ جي صلاحيت ڪڏهن ٻيهر حاصل ڪنداسين؟
۽ سڀ کان وڏو سوال:
بي سبب سزائن جي هن بليڪ هول کي ڪير بند ڪندو؟
جواب ڪنهن ٻاهرين طاقت ۾ لڪل ناهي. ان جو پهريون دروازو انسان جي پنهنجي دل ۾ کلي ٿو.
جيستائين احساس زنده آهي، انسانيت جي اميد زنده آهي. جيستائين ضمير جاڳي ٿو، ظلم کي آخري حد تائين وڃڻ جي طاقت نٿي ملي. جيستائين ڪنهن ٻئي جي اک ۾ لڙڪ ڏسي دل اندر هلچل پيدا ٿئي ٿي، تيستائين سمجهو ته هي دنيا مڪمل طور بي حس ناهي ٿي.
تنهنڪري اچو ته پنهنجي حصي جي بي رخي ختم ڪريون، پنهنجي حصي جي صدا کي سچ بڻايون، پنهنجي حصي جي بي سبب سزا کي انصاف ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي اندر جي ان روشنيءَ کي بچايون، جنهن کي ڪابه اونداهي مڪمل طور ختم نٿي ڪري سگهي.
فضا کي سڪون گهرجي، صدا کي اثر ٿو گهرجي، بي سبب سزا کي، ختم ٿيڻ گهرجي ۽ انسانيت کي ٻيهر احساس وند هجڻ گهرجي.
________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو.



