Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ عمر جي حد ۾ ڇُوٽ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ نوجوانن جو مظاھرو

سنڌ حڪومت  نوڪرين جي ڀرتين لاءِ عمر ۾ 15 سال رعايت ڪري، ڇو ته حڪومت پاران هن رعايت ۾ ڪٽوتي وارو عمل سنڌ جي نوجوانن سان وڏي ناانصافي آهي

رپورٽ نادرمائري

لاڙڪاڻو، سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جي تنظيم ريڊرس فورم طرفان سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت لاءِ اڱاري ڏينھن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاھرو ڪندڙن هٿن ۾ بئنر ۽ پليڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ريليءَ ۾ جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن  شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ريليءَ کي خطاب ڪندي سهيل احمد جوکيو، سرتاج احمد جتوئي، عمران علي ٽڳڙ، سيد جاويد شاھ، عبدالرزاق سومرو، شفيع محمد جتوئي، عمران علي ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران نوڪرين جي ڀرتين لاءِ عمر ۾ 15 سال رعايت ڪئي وڃي، ڇو ته حڪومت پاران هن رعايت ۾ ڪٽوتي واري عمل سان سنڌ جي نوجوان سان وڏي ناانصافي آهي، جيڪا ڪنهن به طريقي سان قبول نه آهي.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي بهانو بڻائي رعايت ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي وضاحت ۾ چٽو چيو آهي ته عمر جي حد مقرر ڪرڻ ۽ رعايت ڏيڻ صوبن جو اختيار آهي ۽ هيءَ رعايت سنڌ جي نوجوانن جو بنيادي حق آهي. سپريم ڪورٽ ڪڏهن به ڪو اهڙو حڪم جاري ناهي ڪيو، جنهن تحت سنڌ حڪومت رعايت ختم ڪري سگهي.

هنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي وضاحتن کان پوءِ سنڌ حڪومت وٽ ڪوبه قانوني يا انتظامي جواز ناھي ته هو 15 سالن جي رعايت نه ڏئي. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن وفاق جي ماتحت پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ 15 سالن تائين عمر ۾ رعايت برقرار آهي ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن سان اهڙو ظلم ڇا لاءِ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته 1973ع جو آئين آرٽيڪل 25 ۽ 27 سڀني جي لاءِ برابري جو حق ڏي ٿو، جڏهن ته سنڌ جي تعليمي پسماندگي وڌندڙ بيروزگاري ۽ غربت جي صورتحال ۾ عمر جي رعايت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، نوجوان اڳ ئي احساس محرومي ۾ مبتلا آهن ۽ عمر جي رعايت ۾ ڪٽوتي هزارين نوجوانن لاءِ نفسياتي ۽ معاشي تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري نوڪرين جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڏئي سنڌ جي نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

______________

نادرمائري لاڙڪاڻي ۾ رھندڙ صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button