سنڌي ادب: پنج سئو رپين وارو موڙ (مختصر ڪھاڻي)
بازار جي هڪ موڙ تي، فٽ پاٿ جي ڀرسان، هڪ ننڍڙو فريچ فرائز جو ٺيلو لڳل هو. ٺيلي مٿان ٽنگيل زرد بلب جي هلڪي روشنيءَ ۾ گرم تيل ٽهڪي رهيو هو. جيئن ئي پٽاٽن جون سنهيون چيچ جهڙيون ڦاڪون تيل ۾ ڪرنديون هيون، تيئن “ڇڙ… ڇڙ…” جو آواز اٿندو ٻڌي رهيو هيس، ڄڻ خاموشيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪنهن ننڍڙي احتجاج جا اکر لکجي رهيا هجن.

نثارٻانڀڻ
ميرپورخاص جي جرواري شاخ واري موڙ تي عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ تي شام جو بيٺو هيس، سانجهي آهستي آهستي شهر جي مٿان لهي رهي هئي، اها ننڍڙي بازار پنهنجي روزانو جي شور ۾ پنهنجي مستي ڏانهن وڌي رهي هئي، ڪنهن دڪان تان فوزيه سومرو جو پراڻو گيت وڄي رهيو هو، هڪ ننڍڙي هوٽل تان چانهه جي ڪيٽليءَ مان نڪرندڙ خوشبو هوا کي چيريندي گذري رهي هئي. چنگچين جا هارن، موٽر سائيڪلن جي گونج، ريڙهين وارن جون سڌون، ٻارن جي رڙڻ جا آواز، سوديبازيءَ جا آواز… سڀ گڏجي ان ننڍڙي شهر جي شام جو هڪ الڳ ئي سر ٺاهي رهيا هئا. انهيءَ شور ۾، بازار جي هڪ موڙ تي، فٽ پاٿ جي ڀرسان، هڪ ننڍڙو فريچ فرائز جو ٺيلو لڳل هو. ٺيلي مٿان ٽنگيل زرد بلب جي هلڪي روشنيءَ ۾ گرم تيل ٽهڪي رهيو هو. جيئن ئي پٽاٽن جون سنهيون چيچ جهڙيون ڦاڪون تيل ۾ ڪرنديون هيون، تيئن “ڇڙ… ڇڙ…” جو آواز اٿندو ٻڌي رهيو هيس، ڄڻ خاموشيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪنهن ننڍڙي احتجاج جا اکر لکجي رهيا هجن. انهيءَ ٺيلي جو مالڪ سليم پهنور هو. عمر مس چاليهه ورهيه، پر چهري تي پکڙيل ٿڪ، اکين جي چوڌاري گهريون ليڪون ۽ هٿن تي گرم تيل سان سڙي پوڻ جا پراڻا نشان ٻڌائي رهيا هئا ته هن وقت کان اڳ ئي عمر جو وڏو پنڌ طئي ڪري ورتو هو. هو هر ايندڙ گراهڪ کي مرڪ سان ڀليڪار ڪندو هو، ڄڻ روزگار رڳو روزي نه، پر عزت به هجي. ايتري ۾ هڪ نوجوان موٽر سائيڪل تي اچي ٺيلي وٽ بيٺو. سادن ڪپڙن ۾، ڪلهي تي ٿيلهو، چهري تي سڄي ڏينهن جي ڊوڙ ڊڪ جا پاڇا.
“ڀاءُ، سؤ رپين جا فريچ فرائز ڏيو.”
سليم مرڪي پٽاٽا تيل ۾ وڌا.
“مصالحو تيز يا هلڪو، سائين؟”
نوجوان به مرڪي وراڻيو،
“جيئن اوهان پاڻ کائيندا آهيو.”
ٻئي هلڪو ٽهڪ ڏئي کليا.
خاموشيءَ جا ڪي پل ٻنهي جي وچ ۾ اچي ويٺا.
پوءِ نوجوان پڇيو،
“ڀاءُ، نالو ڇا اٿوَ؟”
“سليم.”
“منهنجو نالو احسان آهي، مان هتي هڪ اين جي او ۾ نوڪري ڪندو آهيان.”
اها مختصر سڃاڻپ ڄڻ ٻن اجنبي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ اڻ ڏٺل پل ٻڌي وئي.
احسان بازار ڏانهن نهاريو.
“جتواري جي هيءَ جاءِ ته ڪافي بهتر پئي لڳي. لڳي ٿو هتي گراهڪ به گهڻا ايندا هوندا.”
سليم تيل ۾ ترندڙ پٽاٽن کي اٿلائيندي مرڪيو.
“ماڻهو ته اچن ٿا، سائين…
قسمت ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي.”
احسان ٿورو حيران ٿي پڇيو،
“ته پوءِ ڏينهن جو ڪيترو بچي ويندو اٿوَ؟”
سليم ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو.
هن جي نظر سامهون ويندڙ ماڻهن تي هئي، پر لڳي ائين رهيو هو ڄڻ هو پنهنجي زندگيءَ جا ورق پڙهي رهيو هجي.
“جيڪڏهن گرمي نه پئي…
بازار بند نه ٿئي…
۽ ڪو اڻ وڻندڙ معاملو نه ٿئي…
ته ست سئو…
ڪڏهن اٺ سئو…
ته ڪڏهن ٻارنهن سئو رپيا.”
احسان جي چهري تي بي اختيار حيرت تري آئي.
“بس ايترو؟”
سليم ڪنڌ ڌوڻيو.
“ها سائين…
۽ انهيءَ مان به هن موڙ تي بيهڻ جا پنج سئو رپيا الڳ روز جي بنيادن تي هر حال ۾ ڏيڻا هوندا آهن.”
احسان حيران ٿي ويو.
“ڪرائي تي آهي جڳهه؟”
سليم جي چهري تي هڪ اهڙي مرڪ آئي، جنهن ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ تلخي هئي.
“نه سائين…
هي ڪرائي نه آهي.”
هن پٽاٽن جي فرائيز لفافي ۾ وجهندي آهستي چيو،
“هي اُن ڳالهه جي قيمت آهي ته مان هتي بيهي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهان.”
احسان ڪجهه نه چيو.
بازار جو شور جيئن جو تيئن جاري هو، پر هن جي اندر ڄڻ ڪا خاموشي لهندي پئي وئي.
سليم لفافي تي مصالحو ڇٽيندي چيو،
“ماڻهو سمجهن ٿا ته غريب ماڻهو رڳو ماني گهري ٿو…
پر سائين…
غريب به خواب ڏسندو آهي.”
احسان پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته هو فريچ فرائز وٺڻ نه، پر ڪنهن انسان جي اندر لڪل پوري ڪهاڻي ٻڌڻ لاءِ هتي بيٺو آهي.
۽ سليم…ڄڻ سالن کان پنهنجي سيني ۾ قيد لفظن کي ڪنهن ٻڌندڙ ڪنن جو انتظار هو. سليم جي اکين ۾ عجيب جهڙي اُداسي لهرائي وئي. هن گرم فرائز لفافي ۾ وڌا، مٿان لوڻ ۽ مصالحو ڇٽيو، پوءِ لفافو احسان ڏانهن وڌائيندي چيائين،
“سائين… ماڻهو چوندا آهن ته غريب ماڻهوءَ کي رڳو ماني کپي.
پر سچ اهو آهي ته غريب به خواب ڏسندو آهي… بس سندس خوابن جا پير اگهاڙا هوندا آهن.”
احسان لفافو هٿ ۾ جهلي خاموش بيٺو رهيو.
سليم جي نظر اوچتو سامهون واري رستي ڏانهن وئي. ڪجهه ٻار اسڪول جي يونيفارم ۾، پٺن تي ٿيلها لٽڪائي، کلندا ڳالهائيندا گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا.
سليم جي چهري تي هلڪي مرڪ آئي، جيڪا پل ۾ ئي وسامي وئي.
“منهنجو پٽ نعمان به هر صبح مون کان پڇندو آهي،
‘ابا… مان به اهڙي اسڪول ۾ پڙهندس نه؟’
مان هر دفعي چوندو آهيان،
‘ها پٽ… ضرور.’
پر اندر ئي اندر ڊڄندو آهيان…
متان سندس خواب به منهنجي کيسي جي ماپ جا ٿي وڃن.”
هن ٿڌو ساهه ڀريو.
“مان نٿو چاهيان ته منهنجو پٽ به سڄي عمر قسمت کي تيل ۾ تري وڪڻي.
بس ايترو ٿو چاهيان ته کيس اهڙي تعليم ملي، جيڪا هن کي هن موڙ کان گهڻو اڳتي وٺي وڃي.”
احسان آهستي پڇيو،
“۽ گهر ۾ ٻيا ڪير آهن؟”
“زال…
ٻه ٻار…
۽ پوڙهي ماءُ.”
سليم ڳالهائيندي پنهنجي هٿ جي کل تي نظر وڌي، جيڪا گرم تيل جي ڦٽن سان ڀريل هئي.
“گذريل مهيني زال سخت بيمار ٿي پئي.
سرڪاري اسپتال وياسين…ڊاڪٽر ته ملي ويو، پر دوا نه ملي.
پرائيويٽ اسپتال جو خرچ منهنجي ٻن ڏينهن جي ڪمائيءَ کان به وڌيڪ هو.
ان ڏينهن خبر پئي ته غريبي رڳو پيٽ کي بکيو نٿي رکي…غريبي بيمار به ڪري ٿي.”
هو ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو.
“اسان علاج مفت نٿا گهرون، سائين…رڳو ايترو ٿا چاهيون ته جڏهن گهر ۾ ڪو بيمار پوي، تڏهن انسان کي پنهنجي کيسي ۾ پيل آخري نوٽن کي ڳڻڻو نه پوي.”
بازار ۾ ماڻهن جي اچ وڃ وڌي وئي هئي. سامهون مٺائيءَ واري دڪان تي رش هئي. هوٽل مان ڪڙهائيءَ ۾ تڙڪندڙ مصالحو خوشبوءِ بڻجي هوا ۾ پکڙجي رهيو هو.
پر سليم جا لفظ انهن سڀني خوشبوئن کان وڌيڪ تيز هئا.
“سائين…روزگار رڳو پيٽ پالڻ جو نالو ناهي. روزگار عزت به هوندو آهي.”
هن ٺيلي جي ڪنڊ تي هٿ رکيو.
“پر جڏهن روز شام جو هن موڙ تي بيهڻ لاءِ پنج سئو رپيا ڪنهن جي هٿ تي رکڻا پون…
تڏهن لڳندو آهي ته محنت منهنجي آهي، پر پهريون حق ڪنهن ٻئي جو آهي، هو جيڪو ورديءَ ۾ ايندو آهي.”
احسان حيرت سان پڇيو،
“روز ڏيڻا پوندا آهن؟”
سليم مرڪي ڇڏيو.
اها مرڪ ڄڻ زخمن تي رکيل پراڻي پٽي هئي.
“ها سائين…
جيڪڏهن نه ڏيان…ته سڀاڻي هي ٺيلو هتي نه بيهندو.”
احسان خاموش ٿي ويو.
هن جي نظر ٺيلي جي ڦيٿن تي پئي.
اهي ڦيٿا ڄڻ روزيءَ کان وڌيڪ، مجبوريون کڻي هلندا هئا.
سليم وري ڳالهائڻ لڳو.
“جيڪو پنج يا ست سئو بچندو آهي…انهيءَ مان گهر جو راشن…ٻارن جا ڪتاب…بجليءَ جو بل…امڙ جون دوائون…۽ زندگيءَ جون ٻيون هزار ضرورتون پوريون ڪرڻيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجون خواهشون به اوڌر تي رکڻيون پونديون آهن.”
هو ٿورو مرڪيو.
“منهنجي ڌيءَ هڪ ڏينهن چيو هو،
‘ابا… منهنجي سالگرهه تي ڪيڪ وٺي ايندؤ؟’
مون چيو،
‘ايندڙ مهيني.’
هاڻي مون کي ياد ئي نٿو اچي ته اهو ايندڙ مهينو اڃا تائين ڇو نه آيو.”
احسان جي اکين ۾ نمي تري آئي.
هن کي محسوس ٿيو ته سندس هٿ ۾ رکيل گرم فرائز کان وڌيڪ گرم، سامهون بيٺل ماڻهوءَ جا لفظ هئا.
اهي لفظ، جيڪي شايد سالن کان ڪنهن ٻڌندڙ دل جا منتظر هئا. بازار هاڻي روشنين سان ڀرجي وئي هئي. دڪانن جا بورڊ چمڪي رهيا هئا، گاڏين جون هيڊ لائيٽون رستي تي ڊگها پاڇا اُڇلائي رهيون هيون، ۽ ماڻهن جي هجوم ۾ هر ماڻهو ڄڻ پنهنجي پنهنجي فڪر ۾ گم هو.پر انهيءَ سڄي گوڙ ۾، سليم جي ٺيلي ڀرسان وقت ڄڻ ڪجهه دير لاءِ بيهي ويو هو. احسان خاموشيءَ سان سندس ڳالهين کي ٻڌي رهيو هو.
سليم تيل جي باهه هلڪي ڪندي چيو،
“سائين…ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته قانون به شايد ماڻهن وانگر سڃاڻپ ڏسي ٿو.”
احسان حيرت مان پڇيو،
“اهو ڪيئن؟”
سليم هلڪي مرڪ سان وراڻيو،
“جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجي ها…ته شايد مون کي هن موڙ تي بيهڻ لاءِ روز پنج سئو رپيا نه ڏيڻا پون ها. شايد مون کي هر صبح اهو ڊپ نه هجي ها ته اڄ ڪو اچي چوندو، ‘ٺيلو هٽاءِ.’ جيڪڏهن انصاف امير ۽ غريب جي در تي هڪجهڙي رفتار سان پهچي… ته پوءِ غريب ماڻهوءَ جي دعا به شايد ٿوري هلڪي ٿي پوي.”
هو ڪجهه پل ماٺ رهيو پوءِ سامهون ايندڙ هڪ تيز رفتار ڪوچ ڏانهن اشارو ڪري چيائين،
“اسان کي بک کان وڌيڪ خوف ۾ جيئڻو پوي ٿو. ڊپ هوندو آهي ته ڪا گاڏي ٺيلو نه ڀڃي وڃي. ڪو بااثر ماڻهو روزگار نه کسي وڃي. ڪو وردي وارو بنا سبب ذليل نه ڪري. اسان جي جان به ڊپ ۾ آهي…اسان جي عزت به.”
هن آهستي کلندي چيو، “۽ جيڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حق جي ڳالهه ڪريون…ته اسان جي آواز کي بغاوت سمجهيو ويندو آهي.”
انهيءَ مهل هڪ پوڙهي عورت ٺيلي وٽ آئي.
هن سنڌيءَ ۾ چيو،
“ابا، ٿورا فرائز ڏي…”
سليم بي اختيار ساڳئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو.
پوڙهي عورت دعائون ڏيندي هلي وئي.
احسان مرڪي پڇيو،
“پنهنجي ٻوليءَ سان ڏاڍو پيار اٿوَ نه؟”
سليم جون اکيون روشن ٿي ويون.
“هيءَ منهنجي ماءُ جي ٻولي آهي، سائين.
منهنجو پهريون لفظ به هن ٻوليءَ ۾ هو…۽ منهنجي ماءُ جي آخري دعا به.
مان نٿو چاهيان ته منهنجا ٻار پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي شرم محسوس ڪن.
هو پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي مٽيءَ سان محبت ڪندي وڏا ٿين.”
هو ٿورو رڪيو. “انسان جڏهن پنهنجي پاڙن کان ڪٽجي وڃي…ته پوءِ وڻ وانگر بيٺو ضرور هوندو آهي، پر جيئرو نه هوندو آهي.”
بازار ۾ اوچتو بجلي ڪجهه پل لاءِ هلي وئي. هر پاسي اوندهه پکڙجي وئي. رڳو سليم جي ٺيلي تي رکيل ننڍڙي گئس جي شعلي جي روشني باقي رهي. احسان کي ائين لڳو، ڄڻ اها ننڍڙي باهه رڳو پٽاٽن جي فرائيز نه، پر هڪ عام ماڻهوءَ جي اميد کي به روشن رکي بيٺي هئي. ٿوري دير کان پوءِ بجلي وري اچي وئي. روشني موٽي آئي پر احسان جي اندر ڪجهه بدلجي چڪو هو. هن کيسي مان ٻه سئو رپيا ڪڍيا. سليم سو رپيا واپس ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو. احسان مرڪي سندس هٿ اتي ئي بند ڪري ڇڏيو.
“رکي ڇڏيو.”
سليم هڪدم ڪنڌ لوڏيو.
“نه سائين…محنت جي اگهه کان وڌيڪ نه وٺندس، مون کي خيرات نه کپي.”
هن جي آواز ۾ نه غرور هو، نه شڪايت…رڳو عزتِ نفس هئي. هو آهستي آهستي چوڻ لڳو، اسان گهڻو ڪجهه نٿا گهرون رڳو ايترو…جو اسان جي ٻارن کي سٺي تعليم ملي، بيمار ٿيڻ تي علاج ملي، روزگار عزت سان ملي، قانون امير ۽ غريب ٻنهي لاءِ هڪجهڙو هجي، اسان جي جان، اسان جي عزت ۽ اسان جي راءِ محفوظ هجي، مهانگائي اسان جي ساهن تي بار نه بڻجي، اسان پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان جيئي سگهون ۽ رياست اسان کي رعيت نه سمجهي پنهنجو شهري سمجهي.
هو چپ ٿي ويو.
احسان جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن لفافي ۾ پيل فرائز ڏانهن نهاريو. اهي اڃا تائين گرم هئا پر هاڻي انهن مان پٽاٽن جي خوشبوءَ کان وڌيڪ، هڪ محنت ڪش انسان جي زندگيءَ جي تلخي محسوس ٿي رهي هئي. احسان موڪلائڻ لڳو، چند قدم هلي وري موٽي سليم ڏانهن نهاريائين. سليم وري ايندڙ گراهڪ لاءِ پٽاٽا تيل ۾ وجهي رهيو هو. بازار لاءِ اهو هڪ عام شام هئي پر احسان لاءِ نه ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ شام فرائز نه خريد ڪيا هئا…هن هڪ عام ماڻهوءَ جي سڄي زندگي پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي ۽ بازار جي انهيءَ موڙ تي بيٺل اهو ننڍڙو ٺيلو، هاڻي هن کي رڳو روزگار جو ذريعو نه لڳو. اهو هن سماج جو آئينو هو.جتي ڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ خواب جوڙين ٿا…۽ ڪي ماڻهو انهن خوابن جي قيمت روز پنج سئو رپيا وصول ڪن ٿا.
________________

نثار ٻانڀڻ انگريزي، سنڌي ۽ اُردو ۾ ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري لکي ٿو. سندس ليک سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيندا رھندا آھن



