مانھاءِ: وطن جي آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽيندڙ ڪوريا جو انقلابي ٻُڌ ڀڪشو ۽ شاعر
ھِن ڀڪشوءَ جپانين جي قبضي مان وطن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ گوريلا جنگ جوٽي سمورا نظريا ئي بدلائي ڇڏيا. مانھاءِ جو يقين هو ته جيستائين ڪوريائي ماڻهو ذهني طور آزاد نه ٿيندا، هُو جپاني قبضي مان نڪري نه سگهندا.
جڏهن 1919 ۾کيس قيد ڪيو ويو، ته هن جپاني عملدارن ۽ جج آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جيل مان ئي پنهنجي تحريرن ذريعي قيدين ۽ ٻاهرين ماڻهن جو حوصلو بلند رکيو. عقيدو ھو ته “جسم کي قيد ڪري سگهجي ٿو، پر روح کي نه.”
سندس چوڻ ھو ته جيڪڏهن هڪ ڀڪشو پنهنجي ملڪ جي غلامي دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿو ڪري، ته سندس عبادت بي معنيٰ آهي.

نصير اعجاز
سال 2007 جي ھڪ انتھائي سرد موسم ۾ ھڪ ڪوچ ۾ اسان ڏکڻ ڪوريا جي گادي سيئول کان اُتر اولھ ۾ مانھاءِ وليج ڏانھن سفر شروع ٿيو ھو. ھڪ موٽروي ذريعي ڏيڍ سئو کن ڪلوميٽر سفر ڪري شام ڌاري مانھاءِ وليج پھتا ھئاسين جيڪو گانگ وان Gangwonصوبي ۾ ھيو. انھيءَ سموري سفر جو داستان تہ گھڻو اڳ پنھنجي سفرنامي جي ڪتاب ۾ لکي چُڪو آھيان پر اڄ مان مانھاءِ جي حياتي، آزديءَ لاءِ گوريلا جنگ وڙھڻ ۽ سندس شاعريءَ جي باري ۾ لکندس، جيڪو ھڪ انقلابي ٻُڌ ڀڪشو ھو، ۽ مانھاءِ وليج انھيءَ ڀڪشوءَ جي نالي سان قائم ڪيل ھو. چوڻ ۾ تہ اھو وليج يعني ڳوٺ ھو، پر اھا سيوراڪ جبل Seorak-san جي ڀرسان ھڪ جديد وسندي ھئي. ٻُڌ ڀڪشو مانھاءِ، سيوراڪ جبل ۽ انھيءَ جبل جي ذري گھٽ تيرھن سئو فُٽ بلنديءَ تي قائم قديم بائڪدام ٽيمپل Baekdam-sa جو پاڻ ۾ ويجھو ڳانڍاپو آھي. انھيءَ مندر تائين پھچڻ جو رستو ايترو تہ اُتانھون، وَروَڪڙ ۽ ڏُکيو آھي جو اُتي پھچڻ لاءِ چار پنج ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. مان ھتي صرف ٻُڌ ڀڪشوءَ مانھاءِ بابت لکندس پر مانھاءِ وليج، سيوراڪ جبل ۽ بائڪدام مندر جو ٿورو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. اسان جي رات مانھاءِ اِن Manhae Inn ۾ گذري جيڪا گھڻ ماڙ جديد عمارت ھئي. انھيءَ سان لڳ ھڪ ٻي عمارت ۾ مانھاءِ ميوزيم ھو جتي انقلابي ڀڪشوءَ سان لاڳاپيل شيون، سندس ڪتاب ۽ مٿس لکيل ڪتاب توڙي ٻيو لاڳاپيل لٽريچر رکيل ھو. ٻُڌ مت جا پيروڪار ۽ ٻيا ماڻھو اتي اچي ترسندا آھن. مونکي مانھاءِ جي زندگي جو احوال ۽ سندس شاعري پڙھي تمام گھڻو اُتساھ مليو، ڇو تہ ٻُڌ مت اَھنسا جو سبق ڏئي ٿي پر ڪوريا جي ھِن ڀڪشوءَ جپانين جي قبضي مان وطن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ گوريلا جنگ جوٽي سمورا نظريا ئي بدلائي ڇڏيا.
ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن جبل تي برفباري بند ٿي چُڪي ھئي تہ اسان جو سيوراڪ جبل تي بائڪدام مندر ڏانھن سفر شروع ٿيو ھو. انھيءَ سموري سفر ۾ رستي جي ڀرسان اُتانھينءَ کان جابلو جھرڻو ھيٺ وھندو رھيو. اسان جو سمورو ڏينھن بائڪدام مندر ۾ گذريو ھو، ڪوريا جي ٻين ڦيرن ۾ مون ٻہ ڀيرا راتيون بہ گذاريون.
ھاڻ اچان ٿو انقلابي ڀڪشو ۽ شاعر مانھاءِ ڏانھن جنھن جو اصل نالو هَانِ يَونگ اُن Han Yong-un ھو پر کيس سندس قلمي نالي مانھاءِ Manhae سان سڃاتو وڃي ٿو. ھُو ڪوريا جي تاريخ جو ھڪ اھڙو عظيم انقلابي، ٻُڌ ڀڪشو ۽ شاعر ھوجنھن جي زندگي وطن جي آزادي، روحانيت ۽ شاعريءَ جو ھڪ لاجواب سنگم آھي.

آزاديءَ جو علمبردار شاعرمانھاءِ (1879–1944) ان وقت پيدا ٿيو جڏهن ڪوريا سخت سياسي بحران مان گذري رهيو هو. هن نه صرف پنهنجي ملڪ کي جپاني تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ھٿيار کنيو، پر پنهنجي قلم ۽ روحاني طاقت سان قوم جي سُتل جذبن کي پڻ جاڳايو.
مانھاءِ جو اصل ڳوٺ ھڪ ٻئي صوبي چنگ چيانگ ۾ ھو جتي ننڍپڻ ۾ ھن چين جو ڪلاسيڪل ادب پڙھيو، جنھن کانپوءِ ھن جديد فلسفي جو بہ اڀياس ڪيو. هن تمام ننڍي عمر ۾ گھر ڇڏي سيوراڪ جبل جي خانقاهه بائڪدام ۾ رھڻ شروع ڪيو، جتي هو ٻڌ مذهب جو ڀڪشو بڻجي ويو. هن ٻڌ مذهب جي پراڻن اصولن کي جديد دور جي گهرجن مطابق تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن مذهب کي سماجي سڌاري ۽ آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ استعمال ڪري سگهجي.
مانھاءِ صرف هڪ پرامن ڀڪشو نه هو، پر هڪ باهمت جنگجو پڻ هو. هن جپاني فوج جي خلاف سيوراڪ جبل جي ڏکين ۽ لڪل لنگهن ۾ گوريلا جنگ جي اڳواڻي ڪئي. هن علائقي جي جاگرافيائي صورتحال جو فائدو وٺندي جپاني فوج کي سخت نقصان پهچايو. هو انهن 33 اڳواڻن مان هڪ هو جن ڪوريا جي آزاديءَ جي پڌرنامي تي صحيحون ڪيون هيون. ان ڏوهه ۾ کيس3 مارچ 1919 تي آزاديءَ جي ھلچل دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ هن ٽي سال جيل ۾ گذاريا، جتي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر هن ڪڏهن به آڻ ڪانہ مڃي. انھيءَ وقت سندس حڪمت عملي مڪمل عدم تشدد واري هئي، پر سندس بيخوف لهجو دشمن کي به لرزائي ڇڏيندو هو. ھُو ٽن ورھين جي قيد کانپوءِ آزاد ٿيو ھو.
جڏهن کيس قيد ڪيو ويو، ته هن جپاني عملدارن ۽ جج آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جيل مان ئي پنهنجي تحريرن ذريعي قيدين ۽ ٻاهرين ماڻهن جو حوصلو بلند رکيو. عقيدو ھو ته “جسم کي قيد ڪري سگهجي ٿو، پر روح کي نه.” هن جيل جي اندر به هڪ انقلابي عزم وارو اصول برقرار رکيو. هن چيو ته: “قيد ۾ اسان کي روئڻ يا گهٻرائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها دشمن جي فتح هوندي. اسان کي قيد ۾ به پنهنجي روح کي آزاد رکڻو آهي.” هن جيل ۾ مليل سختين کي پنهنجي روحاني تربيت (Meditation) جو حصو بڻائي ڇڏيو.
جيل ۾ رهندي، مانهاءِ هڪ تاريخي دستاويز لکيو، جنهن جو نالو هو Joseon Dokrip-i Yuyu يعني ڪوريا جي آزاديءَ جو دليل. جڏهن جپاني آفيسرن کيس چيو ته هو پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪري، ته هن ان جي جواب ۾ اهو مقالو لکيو. هن چيو:
“آزادي ڪو تحفو ناهي جيڪو ڪو ملڪ ٻئي کي ڏئي، پر اها هر انسان جو فطري حق آهي. جپان اسان جي زمين تي قبضو ڪري سگهي ٿو، پر اسان جي روح تي نه.” هن جيل جي اندر ڪوئلي سان لکي اها تحرير ٻاهر موڪلي هئي.

هڪ مشهور واقعو آهي ته جڏهن ڪجهه نوجوان قيدي جپاني پوليس جي تشدد کان گهٻرائي روئڻ لڳا، ته مانهاءِ کين سختيءَ سان روڪيو. جيئن مٿي ٻُڌايو اٿم، سندس فلسفو هو ته “مظلوم جو روئڻ ظالم جي طاقت بڻجي ٿو.” هن قيدين کي سيکاريو ته تشدد جي آڏو خاموشي ۽ وقار ئي سڀ کان وڏو هٿيار آهي. مانهاءِ جي زندگيءَ جو جيل وارو دور ۽ سندس اصلاحي خيال حقيقت ۾ هڪ اهڙي انسان جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ فولادي عزم هو. جيل جي ديوارن سندس جسم کي ته قيد ڪيو، پر سندس قلم ۽ سوچ کي وڌيڪ تکو ڪري ڇڏيو ھو.
مانهاءِ رڳو هڪ گوشه نشين ڀڪشو نه هو، پر هڪ سخت گير قومپرست هو. سندس حڪمت عمليءَ جا ٻه وڏا رخ هئا: . مانھاءِ جو يقين هو ته جيستائين ڪوريائي ماڻهو ذهني طور آزاد نه ٿيندا، هُو جپاني قبضي مان نڪري نه سگهندا. هن ٻڌمت جي تعليمات کي جديد بڻايو ته جيئن عام ماڻهو ان مان طاقت حاصل ڪن. مانهاءِ رڳو شاعري نه ڪئي، پر هن ڪوريائي ٻوليءَ جي بقا لاءِ صحافت جو سهارو ورتو. هن ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم لکيا ته جيئن جپاني سامراج جي اثر هيٺ دٻيل ڪوريائي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بچائي سگهجي. هن لاءِ ٻولي به آزاديءَ جو هڪ هٿيار هئي. سيوراڪ جبل جي بائڪدام مندر ۾ رھندي هن اهي سڀئي انقلابي خيال پنهنجي ذهن ۾ پاليا هئا.
ھاڻي مان مانھاءِ جي زندگيءَ جي ٻين پھلوئن تي بہ پڙھندڙن کي ڪجھ ٻُڌائيندس.
مانھاء جي شاعريءَ ۾ ”محبوب“ جو لفظ رڳو ڪنهن شخص لاءِ نه، پر پنهنجي وطن (ڪوريا) ۽ آزاديءَ لاءِ استعمال ٿيل آهي.سندس مشهور ڪتاب محبوب جي خاموشي (The Silence of Love) ڪوريائي ادب جو هڪ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو.هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي اهو پيغام ڏنو ته جيتوڻيڪ آزادي هن وقت خاموش آهي، پر اها جلد واپس موٽي ايندي. بائڪدام مندر ۾ ئي مانهاءِ پنهنجو مشهور مجموعو لکيو هو. مانھاءِ مندر واري پنھنجي ننڍڙي رھائشي ڪمري جي دريءَ مان سيوراڪ جبل جي اُتانھين تائين پکڙيل گھاٽن ٻيلن، انھن جي وچ مان مٿي ويندڙ پيچرن ۽ ھيٺ سنگيت جھڙن آوازن سان وھندڙ جھرڻي کي ڏسي شاعري ڪندو ھو. اهو هنڌ اڄ به انهن لاء هڪ تيرٿ آستان آهي جيڪي شاعري ۽ آزاديءَ جي ميلاپ کي ڳولين ٿا.
ھن ٻڌ ڌرم کي سماجي سڌاري جو ذريعو بڻايو. سندس زندگيءَ جا اهي پهلو کيس ٻين کان منفرد بنائن ٿا. بائڪدام مندر ۾ ويهي هن جيڪي اصلاحي خيال پيش ڪيا، اهي اڄ به ڪوريائي ٻڌمت جو بنياد آهن. اھي خيال ھي آھن:
عوامي رنگ (Popularization): هن چيو ته ٻُڌ ڌرم کي رڳو سنسڪرت يا ڏکي چيني ٻوليءَ ۾ نه، پر عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن هر ڪو ان کي سمجهي سگهي.
عملي روحانيت (Practicality): سندس چوڻ ھو ته جيڪڏهن هڪ ڀڪشو پنهنجي ملڪ جي غلامي دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿو ڪري، ته سندس عبادت بي معنيٰ آهي.
جديد تعليم (Modernization): هن مندرن اندر جديد اسڪول کولڻ جي حمايت ڪئي ته جيئن نوجوان نسل کي سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ ملي.
ٻُڌ مت جي جديديت واري سوچ ھيٺ مانهاءِ جي زندگيءَ جو هڪ ٻيو تمام اهم ۽ دلچسپ پهلو ٻڌمت کي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ سان جوڙڻ هو. عام طور تي ڀڪشو دنيا ترڪ ڪري جبلن تي رهندا هئا، پر مانهاءِ ان روايت کي تبديل ڪرڻ چاهيو پيو. مانهاءِ جو خيال هو ته ٻڌمت کي رڳو مندرن ۽ جبلن تائين محدود نه رهڻ گهرجي. هن ڪوريائي ٻڌمت جي تجديد واري سندس مقالي ۾ دليل ڏنو ته: مذهبي اڳواڻن کي سماجي مسئلن ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ عبادتگاهن کي عام ماڻهن جي تعليم ۽ فلاح جو مرڪز بڻجڻ گهرجي. هن چاهيو ٿي ته ڀڪشو رڳو دعا نه گهرن، پر قوم جي آزاديءَ لاءِ عملي جدوجهد ڪن.
ان وقت جي ڪوريائي ٻڌمت ۾ ڀڪشوئن لاءِ شادي ڪرڻ جي روڪ هئي. مانهاءِ ان ڳالهه جي سخت مخالفت ڪئي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀڪشو شادي ڪندا ته اهي سماج جي مسئلن کي بهتر سمجهي سگهندا ۽ پنهنجي نسل کي به اهي ئي اعليٰ قدر منتقل ڪري سگهندا. هن پاڻ به شادي ڪئي ۽ پنهنجي ان عمل سان ثابت ڪيو ته هڪ انسان روحانيت ۽ گهرو زندگي، ٻنهي کي گڏ کڻي هلي سگهي ٿو.

مانهاءِ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن سيئول (Seoul) ۾ هڪ ننڍڙي گهر ۾ گذاريا، جنهن جو نالو هن “سمسيوجنگ” رکيو هو. هن گهر جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ان جو دروازو اتر طرف رکيو هو. ان جو سبب ھيءُ ھو تہ جپاني گورنر جنرل جو محل ڏکڻ طرف هو. مانهاءِ چيو ته “مان ڪڏهن به پنهنجي گهر جو مُنهن ان طرف نه رکندس، جتي غاصب حڪمران ويٺو هجي.” هن سڄي عمر سخت غربت ۾ گذاري پر ڪڏهن به جپاني حڪومت کان ڪا سهولت نه ورتي.
بائڪدام مندر جي جنھن ڪمري ۾ هن شاعري لکي هئي، اهو ڪمرو اڄ به هڪ مقدس امانت وانگر محفوظ آهي. جبلن جي گهيري ۾ واقع هيءُ ننڍڙو ڪمرو رڳو پٿرن ۽ ڪاٺ جي ديوارن جو نالو ناهي، پر اهو ڪوريائي ادب ۽ آزاديءَ جي تاريخ جو هڪ خاموش شاھد آهي. انھيءَ ئي ڪمري ۾ ويهي مانهاءِ پنهنجو عالمي شهرت يافته ڪتاب Nim-ui Chimmuk يعني ”محبوب جي خاموشي“ لکيو هو. جيئن مٿي لکيو اٿم، ان ڪمري جي دريءَ مان جڏهن هو ٻاهر ڏسندو هوندو، ته کيس سيوراڪ جبل جون چوٽيون ۽ بائڪدام نديءَ جي وهڪري جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو. سندس شاعريءَ ۾ جيڪا گهرائي آهي، اها ان ڪمري جي اڪيلائي ۽ روحانيت جو نتيجو آهي.
اهو ڪمرو انتهائي سادو ھو جتي ڪا به آرائش يا آسائشي واري شئي موجود نہ هئي. ھُوڪاٺ جي فرش تي ويهي غور فڪر ڪندو هو. انھيءَ ڪمري ۾ سندس اصل هٿ اکرن ۾ لکيل ڪجهه ڪاغذ ۽ شاعريءَ جا ٽڪرا رکيل آهن، جيڪي ڏسي لڳندو آهي ڄڻ هُو اڃا هينئر ئي لکي اٿيو هجي. اُتي ڪتابن جي ھڪ الماري بہ رکيل ھئي جتي هن ٻڌمت جي فلسفي ۽ جديد ادب جا ڪتاب رکيا هئا. بائڪدام مندر ۾ هن ڪمري کي ”سمسيو“ جي نالي سان به منسوب ڪيو وڃي ٿو. ٻڌمت ۾ انھيءَ جو مطلب پنهنجي “اصل نفس” جي ڳولا آهي. هن ڪمري ۾ رهندي مانهاءِ اهو نتيجو ڪڍيو هو ته: سچو ڀڪشو اهو ناهي جيڪو دنيا کان ڀڄي، پر اهو آهي جيڪو پنهنجي روح کي ايترو مضبوط ڪري جو دنيا جي ظلم اڳيان ديوار بڻجي بيهي.

سيوراڪ جبل تي سياري ۾ سخت برفباري ٿيندي آهي. مانهاءِ ان ننڍڙي ڪمري ۾، جتي رڳو هڪ معمولي ٻارڻ جو انتظام هوندو هو، سخت سيءُ ۾ به پنهنجي قلم کي ھلائيندو رھيو. سندس شاعريءَ ۾ برف ۽ ٿڌي ھوا جو ذڪر اڪثر ملي ٿو، جيڪو حقيقت ۾ جپاني ظلم جي علامت هو، پر سندس جذبو ان برف کي ڳارڻ جي طاقت رکندو هو.
ان ڪمري ۾ هڪ عجيب قسم جي خاموشي محسوس ٿيندي. مانهاءِ جو فلسفو هو ته “خاموشي رڳو آواز جي غير موجودگي ناهي، پر اها تمام گهڻو ڪجهه چوڻ جو هڪ انداز آهي.” هن ڪمري ۾ ويهي هن ثابت ڪيو ته هڪ قلم جي طاقت توب جي گولي کان وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهي ٿي.
مانھاءِ 1944ع ۾، ڪوريا جي آزاديءَ کان صرف هڪ سال اڳ وفات ڪري ويو. هن پنهنجي اکين سان آزاد ڪوريا ته نه ڏٺو، پر سندس قربانين ۽ شاعريءَ ڪوريا جي آزاديءَ جو رستو هموار ڪيو. اڄ به ڏکڻ ڪوريا ۾ کيس هڪ قومي هيرو طور ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري اڄ به ڪوريا جي گهر گهر ۾ آزاديءَ جو گيت بڻيل آهي. سندس ھي لفظ يادگار آھن تہ “مان پنهنجي محبوب کي وڃائي ويٺو آهيان، پر منھنجي محبت شڪست ناهي کاڌي.”
_____________
نصير اعجاز ڪراچي سنڌ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، محقق ۽ شاعر ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي. ھُو گذريل ويھ ورھين دوران ڏکڻ ڪوريا جا ست ڦيرا ڪري وڏو مشاھدو ماڻي چُڪو آھي



