چين ۾ ڪميونسٽ لٽريچر جا چيني ڪتاب انگريزي ڪتابن کان سستا ملن ٿا
چيني ٻوليءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ڪتاب ساڳيا، پر قيمتن ۾ وڏو فرق ھو. ڪتابن واري مال ۾ ھڪ سڄو فلور ٻارن جي ڪتابن لاءِ مخصوص ھو. ان ٻاراڻي سيڪشن گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ۾ ته ٻارن لاءِ ادب لکيو ۽ ڇپيو ئي نٿو وڃي، سنڌي ٻارن جا هھڙا نصيب ڪٿي؟
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
17 نومبر 2024: گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان ٿوري بوريت ۽ بي چيني محسوس ڪري رهيو هئس. ڪالهه وشال کي چيم ته ”يار مون کي ڇائو يانگ ڇڏي اچ ته ٿورو پنھنجي منھن وڙڪي اچان.“ ڪالهه وري ابوذر بائيڪ کڻي نه آيو، تنھنڪري وڃي نه سگهيس. اڄ وري وشال کي چيم ته” مون کي ديدي (ٽئڪسي) ڪرائي ڏي ته پنھنجي منھن وڃان.“
”پر ايندين ڪيئن؟“وشال چيو.
”بس پھچي ويندس. “جواب ڏنم.
وشال هڪ سِمَ ڪڍي، منھنجي موبائيل ۾ وڌي ۽ چيائين ته ”واٽسپ تي توسان رابطي ۾ رهندس.“

پوءِ ڪار گهرايائين ۽ آءٌ ان ۾ چڙهي وڃي ڇائويانگ جي مسجد اڳيان لٿس. مسجد جو انتظام ’نئننگ اسلامڪ ايسوسيئيشن‘ هلائي ٿي. جنھن ۾ اسان جمع نماز پڙهڻ ايندا آهيون. وشال چيو هو ته گهمي ڦري ٿڪين ته مسجد جي ڪيفي ۾ اچي ويھج، ٽئڪسيءَ مان لھي مون به منھن ڪيو ڪتاب گهر ڏانھن، جيڪو ٻه ٽي هفتا اڳ وشال سان گڏ سرسري طور ڏٺو هئم، پر هاڻ تفصيل سان ڏسڻ ٿي گهريم. آءٌ ڪتاب گهر جي سامھون پھتس، جنھن جي مٿان نھايت خوبصورت سونھري چيني اکرن ۾ لکيل هو Book city of states سڌو هلندو وڃي اندر گهڙيس. گرائونڊ فلور تي کاٻي پاسي جي اڌ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪاپيون ۽ بال پينون ۽ نقشا وغيره رکيل هئا. اهي سرسري ڏٺم پوءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي پھرين ماڙ تي چڙهيس. رڳو ڪتاب ئي ڪتاب ۽ اهي سڀ ڪتاب موضوع وار رکيل هئا، جيڪي چينيءَ ۾ لڳل خوبصورت چٽڪين جي ذريعي معلوم ٿي ٿيا، ڪتاب گهر ۾ ڪافي مرد، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پڻ نظر پي آيا. اتي نئين سال جا ڪئلينڊر، پينو، ڊائريون ۽ ڪاپيون پڻ رکيل هيون. پوءِ وري اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي ٻي ماڙ تي ويس. ڦرندي گهمندي ڏٺم ته مائوزيتنگ جي سوانح عمري اي فور سائيز ۾ چيني زبان ۾ رکيل هئي، جنھن تي پنج سيڪڙو رعايت به هئي. جن ڪتابن تي رعايت هئي، انهن جي مٿان هيتري ڪه هيتري رعايت جي ننڍي چٽڪي لڳل هئي. اتي گهمندي ڏٺم ته سامھون روڊ واري پاسي ڪرسيون رکيل هيون، جن تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا ۽ ڪي وري ليپ ٽاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا. شيشن مان ٻاهر ڏاڍو خوبصورت نظارو نظر اچي رهيو هو. واپسي ۾ آءٌ به اتي ويٺس ۽ پنھنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ چينائڻ سان ڪچھري ڪيم. پنھنجو انگريزي نالو ’آئيوا‘ ٻڌايائين. چيائين ته آءٌ ٻئي شھر جي آهيان. ڊاڪٽر آهيان، هتي منھنجو پُٽ ۽ ڌيءَ پڙهن ٿا، انهن وٽ ڪجهه ڏينھن ٽڪڻ آئي آهيان، پر نئننگ ڏاڍو گرم شھر آهي، چين جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾. ڀر ۾ سندس ڌيءَ ۽ پُٽ به ويٺل هئا، جن ڏانھن اشارو ڪيائين. هو پنھنجي ڪم ۾ مگن هئا. هنن جو اسان ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ويو. پندرهن منٽ کن گپ شپ کان پوءِ کانئس فوٽو ڪڍڻ جي اجازت گهريم ته خوش ٿي ۽ پنھنجي ڪلھن تي رکيل چادر لاهي ڇڏيائين. جنھن سان سندس ڪلها ظاهر ٿي پيا. سندن جوان پُٽ ۽ ڌي کي ڏسي محسوس ئي نه پي ٿيو ته همراهڻ ٻن جوان ٻارن جي ماءُ آهي.
اتي هلندي ڪتاب ڏسندي وڃي آٽوبايوگرافيز/ بايوگرافير واري سيڪشن ۾ پھتس، جتي مائوزيتنگ، هو جنتائو، ڊينگ زيائوپنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت چيني ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد رکيل هو. اوچتو منھنجي نظر وڃي هڪ ڪتاب تي پئي، جيڪو هو چينيءَ ۾، پر مٿان انگريزي ۾ لکيل هئس From Emperor to Citizen (شھنشاهه کان شھريءَ تائين) منھنجي ته خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. اهو ڪتاب اردو ۾ به ڇپيل آهي، جيڪو 1985ع ۾ بيجنگ مان ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران ڇپرايو ويو هو. جيڪو اردو ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهيان. هتي به کڻي آيو آهيان ۽ روز صبح جو ٿورو ٿورو ڪري پيو ترجمو ڪريان. ٽي سؤ کن صفحا ڪري ويو آهيان. ٻيئي ڀاڱا گڏي ست سؤ کن صفحا ٿيندا. انگريزي ڪتاب جي مون کي ڳولا هئي، پر اڄ جو ڏٺم ته خوشي به ٿي ته مايوسي. ان ڪري مايوسي ٿيم ته انگريزي ۾ هجي ها ته ڪر وٺان ها. وري گهر اچي سوچيم ته پئسا هونئن به پيا خرچ ٿيندا آهن، ڇو نه اهو هڪ سؤ يوان قيمت وارو چيني ايڊيشن يادگار طور وٺان. اڃا ان ٻُڏتر ۾ آهيان. اتي ٻيا جيڪي ڪتاب نظر آيا، سي هئا ته چيني ۾، پر انهن جي مٿان عنوان چيني سان گڏ انگريزي ۾ به لکيل هئا.
1. Chiang Kai shek. A biography (1887-1949)
2. A Biography of MAOTSE Tung- By: Dick wilsun
3. The Legend of grete love. Kong Fansen By: Gao Shan.
4. Mao tse tung and chiang kai sheke.

ٻيا به ڪافي مارڪس ۽ اينگلس جي لکڻين جي چيني ترجمن وارا جلد هئا. البت لينن بابت يا ان جو ڪو ڪتاب نظر نه آيو. مائوزي تنگ تي به ڪافي ڪتاب هئا. هوجنتائو، ڊينگ زيائو پنگ، چو اين لائي بابت به ڪتاب هئا. پر سڀ چيني ۾. ان سيڪشن جي ڀر ۾ ئي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا بابت لٽريچر رکيل هو. اتان ڏسندو فوٽو ڪڍندو، وري ٽي ماڙ تي وڃي پھتس، جيڪو به اهڙو ئي شاندار هو. اتي انگريزي ڪتابن جو هڪ ننڍو سيڪشن هو، جيڪو اڳ ۾ ڏسي ويو هئس. ان جو ٻيھر سرسري جائزو ورتم. هتي نٿينل هاٿورن جي مشھور ناول ’اسڪارليٽ ليٽر’ جو انگريزي ڇاپو به موجود هو. ان ڪتاب جو منھنجي دوست پرويز ’ڳاڙهو نشان‘ جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
ڪميونسٽ پارٽي بابت به ڪافي لٽريچر هو، پر قيمتون تمام ڳريون هيون، البت چينيءَ ۾ ساڳين ڪتابن جون قيمتون گهٽ هيون. اتان گهمي ڦري وري چوٿين ماڙ تي ويس. ٻولي نه سمجهندي به ڪتابن کي هٿ لائي ڏسڻ، انهن جي خوشبو، جيڪا خوشي ٿي ڏئي، اهو سوچي مون کي گلزار جو نظم ياد اچي ويو:
ڪتابين جھانڪتي ھين بند الماريون ڪي شيشون سي …
اتي ڏٺم ته ڏاڪڻين ذريعي ڪيترائي ٻار مائٽن سميت مٿي چڙهي رهيا هئا. سندن پويان چڙهي ويس. ڏسان ته اهو سڄو ٻارن جي ڪتابن جو سيڪشن هو. ڪيترائي ٻارڙا مائٽن سميت اتي موجود هئا. ڪي ٻار وري پٽ تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. سامھون هڪ هال نما هو، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ٻارن لاءِ ڪرسيون رکيون هيون، سامھون اسڪرين هئي، جنھن تي ٻارن کي فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. ٻارن جا ڪتاب مختلف سائيزن ۾ رنگارنگي ڪارٽونن سان ۽ ٻارن جي ڏانوَ وٽان ڇپيل هئا. ٻارن جي خريدڻ لاءِ رانديڪا به رکيا هئا ۽ ٻارن جي کائڻ پيئڻ لاءِ شيون پڻ. پر بوڪ شاپ جي ان ٻاراڻي سيڪشن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ۾ ته ٻارن لاءِ ادب لکيو ۽ ڇپيو ئي نٿو وڃي، سو، سنڌي ٻارن جا هھڙا نصيب ڪٿي؟ اتي ٻارن لاءِ جپاني ليکڪ ’ڪي. جي ناڪازاوا‘ جو لکيل ڪتاب Barefoot Gen به نظر آيو، اهو ڪارٽون ڪھاڻي ڪتاب جپاني شھرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ٻي جنگ عظيم ۾ اڇلايل آمريڪي ائٽم جي مچايل تباهي جي ڪارٽون ڪھاڻي آهي. ان ڪتاب کي عالمي شھرت حاصل آهي. ان ڪتاب جو دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. اردوءَ ۾ پڻ ”نهتي سپاهي، هيروشيما ڪي ڪارٽون ڪهاني“ جي نالي سان ڇپيل آهي.

وري هيٺ لھي آيس ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪتاب ڏٺم. نڪرڻ تي دل ئي نه پي ٿي، پر سوچيم ته ٿورو هيٺ به چڪر ڏيان. اڪيلي گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. پنھنجي مرضي، پنھنجو اختيار. هيٺ لھي ڏٺم ته بوڪ شاپ جي اڳيان، ڪيتريون ئي ڪرسيون رکيون هيون، جن تي مايون ۽ ڀائي ويٺا هئا. هڪ محترمه ڊائس تي بيٺي کين ليڪچر ڏيئي رهي هئي. کين اتي ئي بيٺل ڇڏي اڳتي وڌي ويس. سامھون ڏٺم ته پڪل بادام رکيا هئا. مون پھريون ڀيرو هتي اچي ڏٺا ۽ کاڌا. جيڪي مون کي ڏاڍو وڻيا. هاڻ اڪثر وشال اهي وٺي ايندو آهي. گهوريئڙي مائيءَ کان مون ڏهن يوان جا اهي ورتا ۽ مزي مزي سان کائيندو ان اسٽريٽ وٽ پھتس، جتي رات جو ڄڻ ٻي مارڪيٽ لڳي ويندي آهي. منھنجو ارادو ان شاپ تي وڃڻ جو هو، جتان ڪجهه ڏينھن اڳ مون ۽ وشال شرٽون ورتيون هيون. اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙيس، جتي اڳ ۾ ٻه ڀيرا اچي چڪا هئاسين. جيڪو شاپ ’ون ڊالر شاپ‘ وانگر هو. اندر گهڙي رانديڪا ۽ ٻيون شيون ڏٺم. اوچتو پاڻ سان آندل نوٽ بُڪ جو خيال آيو، جيڪو بغل ۾ هئم. اهو نه هو، ڪٿي ڪري پيو هو- ڏاڍو ڳولھيم، پر نه ملڻو هو، سو نه مليو. نوٽ بوڪ بادام وٺڻ مھل ته مون وٽ هو، پر پوءِ الائجي ڪٿي منھنجي بغل مان ڪري پيو. ان ۾ ٻيو ڪجهه ته نه هو، پر ’تونگ شين‘ شھر جي سفر جي تاثراتن جا پنج ڇھه صفحا لکيا هئم ۽ ارادو هئم ته واپسيءَ ۾ شنگ جن سه (مسجد) جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويھي ڪجهه کائيندس ۽ وڌيڪ لکندس، پر جيڪا شئي ويئي سا ڪٿي ٿي لڀي. سڄو موڊ ئي خراب ٿي ويم. شرٽن واري شاپ تي وڃڻ بدران روڊ تي هيڏانھن هوڏانھن ان اميد ۾ نھاريندو پي ويس ته من ڪٿي ملي وڃي.
مسجد پھچي ڪيفي ٽيريا ۾ گهڙيس ۽ ٻه يوان ڏيئي پاڻيءَ جي بوتل ورتم ۽ ڪرسيءَ تي ويھي پيئڻ لڳس. تيستائين وشال جي ڪال آئي ته ”ابو فري ٿي ويا هجو ته اچان، ڪٿي آهيو.“
”ڀلي اچ! مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺو آهيان.“ وراڻيم.
”اوڪي، ڏهن منٽن کان پوءِ ٻاهر نڪري بيھجو. “وشال چيو.
ان دوران مون اتي رکيل ڪتاب ڏٺا ۽ ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کان ڪتابن بابت پُڇيم. چيائين ته ”اهي ڪتاب اسان کي گورنمينٽ هتي رکڻ جي لاءِ ڏنا آهن ۽ چاهيو ته پڙهي سگهو ٿا.“

”ڀلا کڻي وڃڻ جي اجازت ڪونهي؟“پڇيم.
”نه… اهي گورنمينٽ ڏنا آهن. “کلي وراڻيائين.
مون ’شي شي‘ چئي سندس مھرباني مڃي. اڳ ۾ ڊائريءَ ۾ لکي چڪو آهيان ته اهي سڀ ڪتاب ڪميونسٽ پارٽي، ان جي تاريخ، گورنمينٽ جي ڪمن ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. انهن ۾ ڪوبه اسلامي يا تبليغي ڪتاب نه هو.
آءٌ ٻاهر نڪري اچي بيٺس ۽ وشال جو انتظار ڪرڻ لڳس. سامھون هڪ ٻي هوٽل نظر آئي، جنھن تي ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيو هو. جن به هوٽلن ۾ ’حلال‘ کاڌوملندو آهي، انهن جي ٻاهران ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيل هوندو آهي. وڏن اکرن ۾ لکڻ جي منع آهي، ڪنھن هوٽل تي وڏي اکرن ۾ لکيل هوندو آهي ته پوليس اچي اهو لھرائي ڇڏيندي آهي.
ٿوري دير ۾ وشال کي پريان بائيڪ تي ايندو ڏٺم. پويان ويٺس ته کلندي چيائين: ”اميءَ کي چيو اٿم ته ابو ڇائويانگ ويو ۽ گم ٿي ويو آهي، لڀي ئي نٿو.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
اڃا ٿورو اڳيان وڌياسين جو ماڻهنس جي فون آئي.“ وشو، بابھين مليو؟“ جنھن تي وشال چيس، ”اڃا نه مليو آهي. اسان سڀ ڳولهيونس پيا.“
”تو اڪيلو ڪو ڇڏيس؟“نسيم جو آواز آيو، جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ وڏي سڏ چيومانس ”لڀجي ويس اچان پيو.“
”تون به ايئن نڪريو وڃين ۽ پويان ڇوڪرا پريشان. “ڪاوڙيل لھجي ۾ چيائين، جنھن تي اسان کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ پُٽ کي چيم، ”يار جلدي پُڄاءِ، فقيرياڻي صفا ڪاوڙيل اٿئي.“
________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي



