Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پيار کي ٿورو آزاد ڪجي: مائٽن جو ازلي پيار، نوان چئلينج ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا

سنڌي سماج جي روائتي پيار، پراڻي سوچ ۽ جديد دور جي نئين تقاضائن تي هڪ اهم فڪري بحث. ليکڪ ان ڳالهه نروار ڪيو آھي ته ڪيئن اسان جا وڏڙا اولاد سان ازلي پيار ۽ تحفظ جي نالي ۾ کين پنهنجي ئي محدود دنيا تائين محدود رکي، سندن ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجندا رھيا آھن. ھان وقر بدليو آھي جنھن جي تقاضا آھي تہ اسان جو نئون نسل پنهنجي صلاحيتن، تجربن ۽ جديد علم جي آڌار نئين دنيا جهاڳي، نه رڳو معاشي ۽ اجتماعي ترقي حاصل ڪري پر پنهنجي گهر، ڌرتي ۽ ثقافت جو مانُ پڻ اوچو ڪري.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

پاڻ جتي اٿون ٿا، ويهون ٿا، کائون پيئون ٿا، جهان جا ڪم ڪار ڪيون ٿا، اها سڄي ساري دنيا ناهي، پر ڌرتيءَ جو هڪ ننڍو ٽڪڙو آهي، اهڙا ڪيئي ڪروڙين ننڍا ٽڪڙا دنيا ۾ ٻيا به آهن، جيڪي پاڻ ۾ ملي دنيا کي ٺاهي ويٺا آهن۔ انهن ڌرتيءَ جي ٽڪڙن تي رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت به ڄڻ ته پاڻ کي پاڻ ئي قيد ڪيو ويٺي آهي۔ هونئن ته پاڻکي هر گهر ۽ معاشري ۾ مختلف سوچن ۽ شڪلين جا ماڻهو نظر ايندا، انهن جا مختلف رويا به ڏسڻ لاءِ ملندا، انهن ۾ موجود پنهنجون پنهنجون عادتون به نظر اينديون، هڪڙن کي ٻين جي اٿڻين ويهڻين، سوچن ويچارن ۽ ڪمن تي ڪي اعتراض به هوندا، پر دنيا اڃا تمام وڏي آهي، جنهن کي پاڻ اڃا تائين چڱيءَ طرح ڏٺو به ناهي، پرکيو ۽ پرجهيو به ناهي، کائنس ڪجهه سکيو به ناهي، بس چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ان جي ننڍڙي چڪر ويوءَ ۾ سالن کان چڪر لڳائي لڳائي پوڙها ٿي، ٿڪجي ويهجي ويا آهيون، نه رڳو ايترو پر پنهنجي اولاد کي به ان چڪر ويوءَ ۾ قيد ڪري، سندن آزادي کسڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي۔

پيءُ ماءُ جو پنهنجي اولاد سان پيار، اڄ جي ڳالهه ناهي، اهو پيار ته ازلي ۽ تڏهن کان شروع آهي، جڏهن انسان کي سمجهه به نه هئي، عقل ۽ علم به نه هئو، جتي کاڌ خوراڪ جون شيون کٽنديون هئس، اتان ٻار ڪڇن تي کڻي نڪري پوندو هو، جتي داڻو پاڻي ڏسندو هئو، اتي ڪٽنب سميت رهي پوندو هئو۔ ان وقت کان وٺي هن موجوده دئور تائين انسان ڪيترائي ڪم، رهڻ جا هنڌ، ريتون، رسمون ۽ عادتون مٽائيندو رهيو آهي پر، جيڪڏهن ڪا شئي تبديل نه ڪري سگهيو ته، اهو آهي پنهنجي ڪٽنب خاص ڪري اولاد سان پيار۔ ڪٺور کان ڪٺور دل وارو ماڻهو به ڪٽنب ۽ اولاد لاءِ پنهنجي ذهن ۾ نرم گوشو رکندي ڏٺو ويو آهي۔ ان جذبي کي هن پيار جو نالو ڏئي، اهڙو امر ڪري ڇڏيو آهي جو، صديون گذرڻ باوجود هڪ پاسي پوري دنيا ۽ ٻئي طرف اولاد جو پيار رهيو اٿس۔

دنيا جي سمورن دئورن مان ڪوبه اهڙو دئور ناهي آيو، جڏهن انسانن جي اڪثريت اولاد کي خوشيءَ سان پاڻ کان جدا ڪيو هجي۔ هر دئور جي پيءُ ماءُ جي هر ممڪن اها ئي ڪوشش رهي آهي، هو جنهن به حال هوندا آهن، اولاد کي پاڻ کان پري رکڻ پسند ناهن ڪندا۔ خاص طور تي سنڌ ۾ ته اولاد سان پيار جا انداز مختلف وقتن تي مختلف رهيا آهن، نتيجي طور تي ڪجهه عرصو اڳ تائين سنڌي ماڻهن لاءِ اها ٽوڪ به ڪئي ويندي هئي ته سنڌي ماڻهو هڪ شهر کان ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ کي به پرديس سمجهندا هئا۔ هاڻي جيتوڻيڪ صورتحال ڪجهه تبديل ضرور ٿي آهي، جو نوجوانن روزگار سانگي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين شهرن جو رخ ڪيو ۽ ڪاميابيون به حاصل ڪيون آهن پر ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ ۾ اهي ڪاميابيون حاصل ناهن ڪيون، جيتريون ٻين صوبن جا نوجوان ڪندي نظر اچن ٿا۔

پاڻ جڏهن موجوده حالتن تي نظر ڦيرايون ٿا هاڻوڪي نوجوانن لاءِ ڄڻ ته اهو ضروري ٿي پيو آهي ته، هو جيڪڏهن ٻين ملڪن جو رخ ڪندا ته، يقينن وڌيڪ ترقيون ڪري پنهنجن وڏن سميت سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ سان گڏ سنڌ کي دنيا سان به ڳنڍي سگهن ٿا۔ جڏهن ته هاڻي نه ته اهي پراڻا دئور رهيا آهن، نه ئي طور طريقا۔ جيئن دنيا آهستي آهستي تبديل ٿئي پئي، ڀانت ڀانت جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف مذهبن، ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن ۽ ڪم ڪن ٿا، ياريون دوستيون وڌائي رهيا آهن، جيڪڏهن پاڻ ايئن نه ڪيو ته اڳ جيان پوئتي ئي رهجي وينداسين ۽ پڻ جديد دئور جي تقاضا آهي ته نوجوان پنهنجن وڏڙن سان صلاح مشورا ڪري، کين دليل ڏئي دنيا جهاڳڻ لاء راضي به ڪن، پاڻ به تياريون وٺن۔ وڏڙن کي به گهرجي ته هو نوجوانن تي اعتبار ڪري کين کل خوشيء سان موڪل ڏين، ڇو ته دنيا جون اڪثر ضرورتون تبديل ٿي رهيون آهن۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

گهرن جا وڏا اها ڳالهه به محسوس ڪن ته هاڻي اهو وقت ناهي رهيو، جڏهن هڪ ڀاتي ڪمائي سڄو گهر هلائيندو هئو، هاڻي سنڌ سميت دنيا جي آدمشماري وڌڻ سبب کاڌ خوراڪ سميت ضرورت وارا سمورا وسيلا گهٽجي رهيا آهن، نتيجي طور اڄڪلهه هڪ ڀاتيءَ جي ڪمائيء تي گهر جو گذارو مشڪل ٿيندو پيو وڃي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جيسيتائين هر گهر جو هر ماڻهو نه ڪمائيندو، تيسيتائين گهر جو چرخو درست رخ ۾ هلي ئي نه سگهندو۔ انهيء سلسلي ۾ جيتوڻيڪ اسان جو پراڻو نسل، انهيء نئين تبديليء کي قبول نه ٿو ڪري پر، اسان جي نوجوانن جو ڪجهه حصو، ان ڳالهه جي ڳجهارت کي چڱيء طرح پروڙي چڪو آهي ته، سالن ۽ صدين واريون وڏڙن جون اڏيل رٿائون، هن جديد ۽ گهڻ آباديء واري دئور ۾ ممڪن ئي ناهن۔ ان ڪري هن دئور جا ڪجهه نوجوان ان ڳالهه جا تمنائي ٿي پيا آهن ته، هو پنهنجين ننڍڙين دنيائن مان نڪري، نه رڳو دنيا ۽ ڪائنات کي پنهنجي اک ۽ سمجهه سان ڏسن ۽ پرکين پر ان سان گڏ هو، پنهنجن ئي گهرن کي کائڻ بدران ٻاهريان وسيلا ڪمائي پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي نون ڪمن، جديد علمن، تجربن ۽ نين عادتن کي پاڻ وٽ مروج ڪن۔ اها سوچ ايتري خراب ناهي، جيتري اسان جي آڳاٽي سوچ وارا وڏا پنهنجي اولاد کي آزاديء سان ڪجهه ڪرڻ نٿا ڏين۔

هن دئور ۾ دنيا آسانيءَ سان هڪٻئي طرف وڌي به رهي آهي، دنيا جون کوڙ ساريون، تاريخون، ثقافتون، ٻوليون ۽ ماڻهو سرحدي لڪيرن کي هٽائي، مٽائي يا ان تان ٽپي پاڻ ۾ ملڻ چاهين ٿا، گڏجي ڪم ڪرڻ، پڙهڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ هڪٻئي مان سکڻ، سيکارڻ چاهين ٿا، پر ڪجهه تالا لڳل ذهنن کي اها نئين سوچ آسانيء سان سمجهه ۾ نه ٿي اچي، جيڪي پنهنجي اولاد مٿان اڃا به پنهنجون مرضيون مڙهڻ چاهين ٿا، ڪنهن بادشاهه جيان پنهنجا حڪم هلائي کين مجبور بڻائي، پاڻ جيان چاڪيء واري ڏاند جهڙي حالت ۾ رکڻ جا جتن ڪن ٿا، اهو عمل نوجوان طبقي سان سراسر ناانصافي ته آهي ئي پر، پنهنجي پوري ڪٽنب سان به زيادتي آهي۔

منهنجي لکڻ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته، پوڙهو ٿي ويل نسل هروڀرو پنهنجن نوجوانن کي مادر پدر ڇڙواڳ ڇڏي ڏئي، هو چاهي ته جديد آلاتن جي مدد سان انهن تي پري کان به نظر رکي سگهي ٿو، وقت به وقت کين سٺين صلاحن سان نوازي به سگهي ٿو، ڪجهه وقت ڪڍي انهن سان روبرو ملڻ يا سال سوا ۾ پاڻ وٽ گهرائي، ڏک ۽ سک ونڊي سگهي ٿو، ڇو ته دنيا جا فاصلا هاڻي فاصلا گهٽ ۽ فيصلا وڌيڪ ٿي پيا آهن۔ اصل ۾ اسان جي پراڻي سوچ واري نسل کي ان ڳالهه جي ڄاڻ ناهي ته، هاڻي اهو پراڻي طريقي وارو پيار، انهن پيارن مٿان ڪيترائي ناڪاري اثر وجهي رهيو آهي۔ هو جهٽ لاء به نه ٿا سوچين ته، سندن جي اها سوچ، نوجوانن کي نئين دنيا پسڻ ۾ ڪيتريون رڪاوٽون پيدا پئي ڪري۔ اسان جي پراڻ پسنديء واري پيڙهيء، ڪڏهن ان ڳالهه تي به شايد ويچار ناهي ڪيو ته، پنهنجا ئي قائم ڪيل معاشرا اسان جي اهڙن عملن سبب ئي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ پاڻ وقت کان پوئتي به انهيء ڪري آهيون، جو وڌندڙ وقت سان گڏ پير نه کڻي پنهنجي ئي ٺاهيل سماج کي ناڪاره ڪيون پيا، انهيء ڪري ئي ڏينهون ڏينهن غير ترقي يافته ٿيندا پيا وڃون۔

اهڙا عمل اسان جي پراڻ پسنديء جا نمونا آهن، اصل ۾ اهي پنهنجي پيار واري انداز کي، وقت سان گڏ بدلائي نه سگهيا آهن۔ اسان جو پراڻو نسل سدا جيان هاڻي به اهو چاهي ٿو، جيئن اسان زندگيون گذاريون آهن، اسان جي اولاد به ساڳي ئي نموني واري زندگي جيئن۔ اسان جي مرضي آهي، انهن کي جيڪو هنر سيکاريون، جيڪو علم ڏياريون، اهو سکن ۽ پڙهن، جن سان شاديون ڪرايون، آمنا صدقنا ڪندي انهن وانگر ئي لشڪر ٻارن جا ڄڻين ۽ پالين، نه پالي سگهن ته دنيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏين۔ پر کين ان ڳالهه جي خبر ناهي، اهڙي عمل جي نتيجي ۾ اسان جو سوچون ته سوڙهيون ٿين پيون، اسان جا گهر ۽ گهٽيون به سڪڙجن پيا ۽ اسان جا معاشرا پڻ تباهه پيا ٿين، جيڪي اڳتي هلي اسان جي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ مستقبل تي لازمي طور اثر انداز ٿي سگهن ٿا۔

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button