Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

گارين جو مقابلو ٿئي تہ چيني ماڻھو سنڌين کان کٽي ڪونہ سگھندا

پر سچ اهو آهي ته گارين ڏيڻ ۾ چيني به وڏا اُستاد آهن. پاڻ سنڌ جي جنھن خطي ۾ رهون ٿا، ان کي ’ماڃر‘ چيو ويندو آهي. جنھن لاءِ مشھور آهي ته ”ماڃر جي ڍنڍن ۾ ايتريون مڇيون ڪونھن، جيتريون ماڃر جي ماڻهن جي پيٽ ۾ گاريون آهن

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ڇويھين نومبر 2024: ڊاڪٽر وشال واري فليٽ جي بلڪل سامھون وارن فليٽن مان هڪ فليٽ ۾ ڪو موالو چيني ٿو رهي ۽ چوٿين پنجين ڏينھن ان جي دڙ ۽ رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. چيني ٻوليءَ ۾ چوندو ته الائي ڪُڄاڙو پيو آهي. پر سندس دڙڻ جي اسٽائيل مان لڳندو آهي ته جوڻھس تي گار جي ناڙي پئي پيس. پيئن ته اڪثر چيني ٿا، پر ڪوشش اها هوندي اٿن ته وڦلن يا آئوٽ نه ٿين. بھرحال هي چيني يار صفا ڪو نانگو آهي. اڪثر دٻيو ويٺو هوندو آهي. جوڻھنس کي…

اڄ جو دڙڻ جا آواز آيا ته سامھون وشال به ويٺو هو، پڇيومانس ”پشو- چيني موالو… ڇا پيو چوي؟“ ”جوڻھنس کي گاريون پيو ڏي..“ جنھن تي کلي پيس ۽ وشال کي چيم ته مون کي چينيءَ ۾ ٻڌائي ۽ نوٽ ڪرائي ته زالھنس کي ڪھڙيون پيو گاريون ڏي. وشال کلندي چيو، ”ڪتاب ۾ لکندين ڇا ابو؟“ هائو. جنھن تي سندس ڀرسان ويٺل کشين کي چيائين، ”ابو چوي ٿو ته مون کي چينيءَ ۾ گاريون لکائي ته ڪتاب ۾ لکان. مون کان وڌيڪ توکي گاريون اينديون هونديون جو تون چينڻ آهين.“ جنھن تي کشين وڏو ٽھڪ ڏنو. مون وشال کي چيو، جيڪڏهن چينين ۽ سنڌين ۾ گارين جو مقابلو ٿئي ته چيني پاڻ سنڌين کان اصل ڪونه کٽن. پاڻ وٽ نيون نيون گاريون ٺاهيندڙ اهڙا ته ماهر ويٺا اٿئي جو اصل بس. جنھن تي وشال کلي پيو ۽ اها ڳالهه کشين کي ترجمو ڪري ٻڌايائين. جنھن تي هو ايترو ته کلي جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

جڏهن ماٺ ٿي ته مون وشال کي چيو، پاڻ سنڌ جي جنھن خطي ۾ رهون ٿا، ان کي ’ماڃر‘ چيو ويندو آهي. جنھن لاءِ مشھور آهي ته ”ماڃر جي ڍنڍن ۾ ايتريون مڇيون ڪونھن، جيتريون ماڃر جي ماڻهن جي پيٽ ۾ گاريون آهن.“

اها ڳالهه وشال لاءِ به نئين هئي. سو کلندي چيائين، ”معني پاڻ گارين ڏيڻ جا ماهر آهيون.“

اسان ٻنھي وڏا ٽھڪ ڏنا ته کشين به کلڻ لڳي. خبر نه آهي ته اسان جي وڏن ٽھڪن تي يا وري اهو سوچي ته ابوءَ کي ڪھڙيون چيني گاريون ٻڌايان.

ٽھڪن دوران مون ڊائري کولي ۽ وشال کي چيم ”لکائي گاريون!“

۽ وشال گاريون لکائڻ شروع ڪيون. [پر سچ اهو آهي ته گارين ڏيڻ ۾ چيني به وڏا اُستاد آهن. وشال جون لکايل گاريون لکيم ته سھي، پر هتي لکڻ کان معذرت ٿو ڪريان.]

*

اسان سنڌي ماڻهن جو مزاج به عجيب آهي. ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ انهن جي ذاتي زندگي ۽ فيصلن تي راءِ ڏيندي دير ئي نه ڪندا آهيون، اڪثر ماڻهن جو مزاج اهو بنجي ويو آهي ته هو جيڪو چون ٿا، اهو صحيح آهي ۽ باقي ٻيا سڀ غلط ۽ هو اهو به سمجهندا آهن ته سندن چيل/ ڪيل ڳالهه تي عمل ڪيو وڃي. ڪجهه ڏينھڻ اڳ جڏهن مون فيس بوڪ تي لکيو ته، ”منھنجي چيني ننھن مون کي مائوزي تنگ جو مجسمو تحفي طور ڏنو“ ته… هڪ ٻن همراهن لکيو ته، ”اوهان جي پُٽ هڪ چيني ڇوڪري سان پرڻجي زيادتي ڪئي آهي، هو ڪنھن سنڌي ڇوڪريءَ سان پرڻجي ها، جيئن اها سنڌي ڇوڪري سُکي جيون گهاري ها.“ مون کي مِٺيان ته ڏاڍي لڳي، پر کين ڪو تيز جواب ڏيڻ بدران چپ رهيس.

يا وري جڏهن مريم سان تصوير رکندو آهيان ته لکندا آهن، ”مريم کي سنڌي سيکاريو.“ هاڻ هڪ ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي ڪيئن سنڌي سيکارجي. هونئن به مريم جي مادري ٻولي چيني آهي، جو سندس امڙ چيني آهي ۽ پدري ٻولي سنڌي- کيس چين ۾ رهڻو آهي، اتي سنڌي سندس ڪنھن به ڪم جي ڪونهي. البت وڏي ٿي جيڪڏهن هوءَ سنڌي سِکي ٿي يا اسان ساڻس سنڌي ۾ ڳالهايون ٿا، اهي لفظ جَهپي ادا ڪري ٿي ته زبردست. پر بھرحال مٿس زور ڀري نه ٿو سگهجي.

اها سڀ اسان سنڌي ماڻهن جي ڊگهي غلاميءَ جو نتيجو ۽ غلاماڻي نفسيات آهي.

*

اسلام آباد کان گوانچو ايندي جھاز ۾ منھنجي ڀر ۾ جيڪو همراهه ويٺل هو، اهو ’ووهان“ وڃي رهيو هو. ”ووهان“ جي نالي وٺڻ سان اڳ کڻي ماڻهن کي ڇا به ياد هجي، پر هاڻ ’ڪورونا‘ ياد اچي ٿي، جنھن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو.

جڏهن نئننگ پھتس ته مون سوچيو ته اتي ڪورونا جو ضرور ڪو ذڪر ٿيندو، ڇو ته اها بَلا چين جي هئي، پر جيئن اتي ڪنھن کي سوشلزم جو نالو وٺندي نه ٻُڌم، تيئن اتي ڪورونا به ڪنھن کي ياد نه هئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. چين ته پنھنجي جاءِ تي، پر هاڻ ڪٿي به ڪو اهو ذڪر نه ٿو ٿئي. ڄڻ ماڻهن جي ذهنن مان اها ڳالهه ميسارجي ويئي آهي. حيرت آهي. هڪ اهڙي بيماري جنھن دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ڪاروهنوار بيھاري ڇڏيو، ماڻهن جي دلين ۾ موت جي ڊپ اچي واسو ڪيو هو، جنھن ساهه ئي سُڪائي ڇڏيو هو، ان جو ذڪر بس هاڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ وڃي رهندو ته ”ڪورونا“ بيماري جي ڊپ سبب سڄي دنيا لاڪ ڊائون ٿي ويئي.

دنيا مان لاڪ ڊائون هوريان هوريان ختم ٿيو، پر چين ۾ سڀ کان آخر ۾ اهو ختم ڪيو ويو. ڊاڪٽر فيصل محمود ٻڌايو ته هڪ رات اوچتو اعلان ڪيو ويو ته ”سڀاڻي کان لاڪ ڊائون ختم. ته ٻي ڏينھن چيني ماڪوڙين وانگر گهرن مان نڪري آيا ۽ ايئن محسوس ٿيو ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو.“

مون چيومانس، ”ايندڙ وقتن ۾ ضرور اهو به انڪشاف ٿيندو ته اها ڪورونا واقعي بيماري هئي يا ڪابايولاجيڪل وار.“

انهن ڏينھن ڊپ اندر ۾ ايترو ته واسو ڪري ويٺل هو، جو هڪ ڀيرو منھنجو دوست ذوالفقار ڪانڌڙو حيدرآباد ڪنھن ڪم سان آيو ۽ مون وٽ به گهر آيو. ڪورونا جي ڪري هٿ ملائڻ کان جهليو ويو هو، سو مون ذوالفقار ڪانڌڙي سان هٿ نه ملايو. ٻي ڀيري جڏهن ذوالفقار ڪانڌڙو مليو ته مون کي چيائين، ”ڪورونا وارن ڏينھن ۾ جڏهن توسان ملڻ آيس ته تو هٿ به نه ملايو.“

جنھن تي مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي.

ڪورونا وارن انهن عجيب و غريب ڏينھن جي دوران مون ڊائري به لکي هئي، جيڪا ڪڏهن موقعو مليو ته ڇپائبي.

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button