سنڌ جي وڏي وزير سان برطانوي سفارتڪار جي مُلاقات
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي ملاقات وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ ۽ برطانيا جي وچ ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي ملاقات وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ ۽ برطانيا جي وچ ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم، وزيراعليٰ جي خاص معاون قاسم نويد ۽ ٻين اعلي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير اجلاس کي آگاهي ڏني ته ڪراچي ۾ امن بحالي ۽ شهر جون رونقون ٻيهر آڻڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جا وڏا منصوبا جاري آهن جن ۾ روڊن، فلائي اوورن، انڊر پاسن ۽ نيڪال نظام جي تعمير شامل آهي. شهر ۾ شاهراهِ ڀٽو، نيو لنڪ روڊ، بي آر ٽي ريڊ لائن ۽ يلو لائن جهڙا منصوبا تعمير هيٺ آهن ته جيئن شھري ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائي سگهجي. مراد علي شاهه پاڻي جي فراهمي بابت وڏن منصوبن، ڪي فور، نئون حب ڪينال ۽ ڊي ايڇ اي واٽر سپلائي پروجيڪٽ بابت به روشني وڌي. ڪراچي جي نيڪال نظام، واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ سامونڊي پاڻي کي قابل استعمال بڻائڻ بابت به قدم کنيا پيا وڃن.
هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زرعي زمينن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ پراڻين واٽر ويز کي بحال ڪيو آهي. صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ نمايان سڌاريون آنديون ويون آهن جڏهن ته صوبي ۾ صنعتي واڌاري لاءِ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ تازو ٻوڏ متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ گهرن جي ٻيهر تعمير تي به غور ڪيو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل ڏهاڪي دوران وڏا بجلي گهر ۽ ٽرانسميشن لائينون لڳايون ويون آهن ۽ موجوده بجيٽ ۾ بجلي، نيڪال ۽ تجديد لائق توانائي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي آهي.
برطانوي هاءِ ڪمشن (فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس) پاران سنڌ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) تحت 1 ڪروڙ 54 لک 30 هزار ڊالر جي گرانٽ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 7 ڪروڙ ڊالر جو قرض فراهم ڪيو ويو، جنهن سان لب مهراڻ سياحتي منصوبي ۽ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جهڙا منصوبا ممڪن ٿيا. ان کانسواءِ FCDO 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ قدرتي آفتن بابت خطري جي روڪٿام، تياري، ڊيجيٽل ڊيٽا ڊيش بورڊ ۽ موبائل ڊيزاسٽر ايپ جهڙن منصوبن ۾ به تعاون ڪيو. هڪ ٻيو اهم منصوبو ‘نيشنل گورننس پروگرام’ آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. ايندڙ سهڪار تحت، تعليم جي شعبي ۾ اسڪولن جي بحالي، قابليت وڌائڻ، ۽ STEM ليبارٽريون قائم ڪرڻ شامل آهن جڏهن ته سماجي تحفظ جا منصوبا جهڙوڪ صحت جون سهولتون، فني تربيت، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل تبديلي پڻ تجويز ٿيل آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي قيادت، مالي مهارت ۽ PPP جي تحت برطانيا سان تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن برطانوي هاءِ ڪمشن جي مالي ۽ فني سهڪار سان هلي رهيا ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي به نظرثاني ڪئي. ملاقات سنڌ ۽ برطانيا جي وچ ۾ معيشت، بنيادي ڍانچي، سماجي ترقي ۽ قدرتي آفتن سان نبرڻ لاءِ سهڪار جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن کي FCDO جي مالي ۽ فني سهڪار حاصل آهي. (پريس رليز)
__________



