سيئول جو يانگ وَا جِن قبرستان جتي عقيدو، تاريخ ۽ ھَانِ ندي پاڻ ۾ ملن ٿا
Yanghwajin قبرستان انھن مشنريز جي 135 سالن جي ڪھاڻي آھي جن ڪوريا جي جديد ادارن جي تعمير ڪئي
لِي سانگ ڪِي
The AsiaNجو باني ۽ پبلشر، ڪورين جرنلسٽس اسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر
سيئول: هاپجونگ اسٽيشن ويجھو Yanghwajin پرڏيھي مشنريز جو قبرستان سيئول جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي جيڪو ڪوريائي پروٽيسٽنٽزم جي تعمير لاءِ قربانين جي شاھدي ڏئي ٿو.
ان جو آغاز 1890ع ۾ ٿيو، جڏهن يو ايس پريسبٽيرين چرچ طرفان ڪوريا لاءِ موڪليل پهريون ميڊيڪل مِشنري ڊاڪٽر وليم جيمز هيرن سندس اچڻ جي پنج سالن اندر پيٽ خراب ٿيڻ جي ڪري، صرف 33 سال جي عمر ۾، مريضن جو علاج ڪندي فوت ٿي ويو. ان زماني ۾ پرڏيھي ماڻهن کي سيئول ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نه هئي، جنهن ڪري ڪوريائي سرڪار پرڏيھي برادريءَ سان صلاح ڪري هڪ الڳ قبرستان ٺاھڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.

ڊاڪٽر هوريس نيوٽن البن (1858–1932)، فزيشن، مِشنري ۽ آمريڪي سفير، ۽ هوريس گرانٽ انڊرووڊ (1859–1916)، جنهن سيئول ۾ YMCA، Saemunan Presbyterian Church، جيڪو ادارو بعد ۾ Yonsei University بڻيو، جو بنياد وڌو ھو، ڪوريا جي جوسيان درٻار سان ڳالھيون ڪري ھڪ اھڙي پُرسڪون ٽڪريءَ تي زمين جو ٽوڪرو حاصل ڪيو جتان ھَان ندي نظر اچي رھي ھئي. اھو ھنڌ مشنريز جي مرڪز جيانگ ڊانگ کان صرف ست ڪلوميٽر پري ھو.
اڄ 135 سالن پوءِ آس پاس جو علائقو هڪ متحرڪ علائقو بڻجي ويوآهي، پر قبرستان اڃا تائين هڪ پرسڪون هنڌ آهي.
Yanghwajin صرف هڪ مذهبي تدفينگاه ناهي؛ اهو غير ملڪي مِشنريز جي يادگار آهي جن ڪوريا جي جدت ۾ وڏو اھم ڪردار ادا ڪيو، تعليم، طب، طباعت، ۽ سماجي سڌارن ۾ اڳڀرائي پيدا ڪئي.
اڄ اتي 15 ملڪن جا 417 ماڻهو آرام فرمائن ٿا، جن ۾ آمريڪا، برطانيا، سوئيڊن، آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا، ۽ ڪئناڊا جا 145 مِشنريز ۽ سندن خاندان شامل آهن۔

انهن ماڻهن ۾ انڊر ووڊ، باني ميٿوڊسٽ مشنري ھينري گيرھارڊ اپينزلر (1858–1902)، صحافي ۽ آزاديءَ جو علمبردار ھومر ھلبرٽ (1863–1949)، صحافي ۽ ميڊيڪل مشنري، اسڪولن ۽ اسپتالن جي باني روزيٽا شيرووڊ ھال (1865–1951) شامل آهن. انهن ماڻھن ڪوريا جي تعليم، طب، ۽ ٻين قومي ادارن کي ترقي ڏني.
ڪجهه قبرستان ۾ دفن ٿيل ماڻهن ڪوريا جي جپاني راڄ دوران آزادي لاءِ مدد ڪئي، جڏهن ته ٻين قومي ترقي جي شعبن ۾ ڀرپور حصو ادا ڪيو.
اڄ جيڪي بہ ماڻھو ھتي ھن قبرستان ۾ اچن ٿا تہ اھي سندن قربانيون، وفاداري، ۽ ڪوريا لاءِ گهري محبت تي کين خراج پيش ڪن ٿا. ھي تُربتون پنھنجي خاموش زبان سان ھن ملڪ، جنھن کي ھنن پنھنجو گھر سڏيو ھو، انھيءَ جي ماضيءَ ۽ حال جي تاريخ جي شاھدي ڏين ٿيون.
_______________

لِي سانگ ڪِي، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو باني ۽ The AsiaN چيف ايگزيڪيٽو آفيسر آھي



