Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جڏهن شاعري ۽ سانجهي پاڻ ۾ گڏجي ويا: رابندرناٿ ٽئگور جي پهرين مُحبت جي ڪھاڻي

انگلينڊ وڃڻ کان اڳ سترھن ورھين جي ٽئگور کي بمبئيءَ ۾ ھڪ مھاراشٽرين ڪُٽنب وٽ رھايو ويو جتي انگلينڊ مان تازو موٽيل ناري اَناپورنا کيس انگريزي ٻولي، شاعري ۽ سنگيت سيکاريندي سندس دل ۾ داخل ٿي وئي. ٽئگور کيس نالينيءَ جو نالو ڏنو جيڪو سڄي عمر سندس شاعريءَ ۾ شامل رھيو.

ٽئگور ۽ ناليني جو فوٽو. اصل بليڪ اينڊ وائيٽ کي ھٿرادو ڏاھپ سان رنگين ڪيل

سال 1878ع ۾، 17 سالن جي نوجوان رابندرناٿ ٽئگور کي سندس خاندان انھيءَ وقت جي بمبئي (موجوده ممبئي) موڪليو هو. مقصد بلڪل سادو هو: انگلينڊ وڃڻ کان اڳ، ان شرميلي نوجوان شاعر ۾ اها اميد هئي ته هُو پنهنجي انگريزيءَ کي بهتر بڻائي ۽ مغربي رهڻي ڪھڻي ۽ سماج کان واقف ٿئي. هُوبمبئيءَ ۾ ڊاڪٽر آتمارام پاندورانگ ترخڙ جي خاندان سان گڏ رهيو، جيڪو هڪ روشن خيال ۽ مغربي رنگ ۾ رنگيل مهاراشٽرين گهراڻو هو، جتي ادب، موسيقي، سڌارڪ خيالن ۽ گفتگوءَ جو سلسلو آزاديءَ سان هلندو رهندو هو.

اهو ئي ھنڌ هو، جتي سندس ملاقات اناپورنا ترخڙ (انا) سان ٿي. انگلينڊ مان تازو موٽيل، پروقار، ذهني طور تي خوداعتماد ۽ ٽئگور کان عمر ۾ ڪجهه سال وڏي، انا ٻوليءَ، سنگيت ۽ تخيل ۾ نوجوان ٽئگور جي ساٿي بڻجي وئي. هُوءَ کيس انگريزي ڳالهائڻ سيکاريندي هئي، کيس گيتن ۽ شاعريءَ سان متعارف ڪرائيندي هئي، ۽ آهستي آهستي ان نوجوان جي دل جي اندرين دنيا ۾ داخل ٿي وئي.

سالن کان پوءِ، ٽيگور کيس رڳو هڪ فرد طور نه، پر ايئن ياد ڪندو هو ڄڻ هُوءَ جاڳرتا جي ڪا رُت (موسم) هجي.

سترھن سالن جي رابندرناٿ ٽئگور ۽ سندس پھرين محبت نالينيءَ جي اصل تصوير

هُن انا کي هڪ ٻيو نالو ڏنو هو، ناليني(Nalini) يادن ۾ خاموشيءَ سان ٽڙندڙ هڪ ڪنول جو گل. اهو نالو اڳتي هلي سندس نظمن ۽ گيتن ۾ ڪنهن اڻپوري تانَ وانگر گونجندو رهيو، جيڪو هر هر اونھي محبت ۽ هڪ تڙپ سان موٽي ايندو هو. ڪيترن ئي عالمن جو خيال آهي ته ٽئگور جي شروعاتي شاعريءَ ۾ جيڪا تڙپ، وڇوٽو ۽ اداسي ملي ٿي، ان تي نالينيءَ جو ئي پاڇو آهي.

ڇا سندن وچ ۾ واقعي ڪو رومانس هو؟ اهو اڃا تائين بحث جو موضوع آهي. نه ته ڪو اهڙو پيار جو خط بچيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن باضابطه مڱڻي جو ڪو ثبوت موجود آهي. ان هوندي به، هن رشتي جي جذباتي شدت کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل آهي. ان دور جي سوانح نگارن ان کي هڪ گهري ۽ پاڪيزه محبت قرار ڏنو، جنهن نوجوان شاعر جي اندروني دنيا تي هڪ دائمي نقش ڇڏيو.

هڪ مشهور روايت موجب، ديبيندرناٿ ٽئگور (رابندرناٿ جي پيءُ) سندن امڪاني شاديءَ جي مخالفت ڪئي هئي. سماجي فاصلو ته يقينن موجود هو: هڪ طرف جوراسانڪو جو امير ترين برهمو ٽئگور خاندان هو، ته ٻئي طرف مغربي تعليم ۽ سڌارڪ خيالن جو مالڪ هڪ ترقي پسند مهاراشٽرين خاندان هو. اها ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته انا جو رابندرناٿ کان عمر ۾ وڏو هجڻ پڻ خاندان لاءِ پريشانيءَ جو سبب هو. ڪجهه روايتون ته اهو به ٻڌائن ٿيون ته انا جي پيءُ غير رسمي طور تي شاديءَ جي امڪان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر کيس انڪار ٻُڌڻو پيو. پر تاريخ هن معاملي کي يقين جي بجاءِ خاموشيءَ ۽ اشارن جي پردن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي.

جلد ئي، اهو مختصر سحر انگيز دور ختم ٿي ويو. ٽئگور انگلينڊ روانو ٿي ويو. انا اڳتي هلي هڪ آئرش-اسڪاٽش استاد هيرولڊ لٽلڊيل سان شادي ڪئي ۽ ٻاهر هلي وئي. هوءَ ننڍي عمر ۾ ئي، رڳو 33 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ۽ گمناميءَ جي اونداهين ۾ گم ٿي وئي. پر ”ناليني“ ڪڏهن به ٽئگور جي دنيا مان مڪمل طور تي غائب نه ٿي. وڏي عمر ۾ به، هو کيس حيرت جهڙي پاٻوهه سان ياد ڪندو هو. اهو ياد ڪندي ته ڪيئن هُن هڪ ڀيرو کيس چيو هو ته هو ڪڏهن به پنهنجو چهرو ڏاڙهيءَ پٺيان نه لڪائي، اسي سالن جي ٻُڍڙي شاعر وڏي حسرت سان چيو هو ته هُوءَ ايترو نه جِي سگهي جو ڏسي سگهي ته هن ڪيتري بي رحميءَ سان سندس اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

شايد اهو ئي سبب آهي جو هيءَ ڪهاڻي اڄ به نسلن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪندي رهي ٿي. اسان ٽئگور کي هميشه هڪ پهچ کان پري ”گوروديو“، نوبل انعام يافته، ۽ تاريخ کان مٿانهون هڪ عظيم فلسفي-شاعر جي روپ ۾ ڏسڻ جا خواھشمند آهيون. پر هتي، اوچتو، اسان جو واسطو هڪ تمام ويجهي شخص سان پوي ٿو: هڪ اڪيلو، حساس نوجوان جيڪو پهريون ڀيرو محبت جي تڙپ ۽ انتظار جي احساس کي سمجهي رهيو آهي.

۽ شايد اڳتي هلي ”ناليني“ پاڻ ياد کان به وڏي ڪا شئي بڻجي وئي. هڪ حقيقي عورت ۽ هڪ خيالي تصور جو اهڙو ميلاپ، جتي اناپورنا ترخڙ ۽ شاعر جو پنهنجو رومانوي تخيل هڪ ٻئي ۾ ائين جذب ٿي ويا، جيئن شاعري ۽ سانجهيءَ جو پاڻ ۾ميلاپ.

_____________

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button