Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌو درياھ جي پُلين تي سنڌ جي سُورمن، سُُورھين ۽ مفڪرن جا نالا رکيا وڃن

سنڌ جي تاريخ اسان جو اثاثو آهي. پُلين ۽ بيراجن تي سُورمن جا نالا رکڻ صرف نالي جي تبديلي ناهي، پر اها هڪ ثقافتي جنگ آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ وڙهڻي آهي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت انهن پلين کي سنڌ جي سورمن جي نالن سان منسوب ڪري، ته اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سونهري باب جو اضافو هوندو

گھوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ کي ڳنڍيندڙ نئين پُل کي امر شھيد ڀڳت ڪنور رام سان منسوب ڪرڻ مذھبي ھم آھنگيءَ جو بہ ھڪ وڏو مثال بڻجي ويندو

نصير اعجاز

سنڌ ۾ سنڌو درياھه تي ٽي بيراجون ۽ نَو پُليون تعمير ٿيل آھن جڏھن تہ ھڪ پُل اڏاوت ھيٺ آھي ۽ ٻہ وڌيڪ پُلين جي اڏاوت جي رٿا آھي. انھن جي اڏاوت کانپوءِ ٽن بيراجن سان گڏ ٻارھن پليون ٿي وينديون. گُڊو بيراج، سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج کان علاوہ تعمير ٿيل پُلين ۾ لئنسڊائون پُل، سکرباءِ پاس پُل، خيرپور لاڙڪاڻو پُل، دادو مورو پُل، آمري قاضي احمد پُل، حيدرآباد باءِ پاس پُل، ڪوٽڙي پُل، جھرڪ مُلاڪاتيار پُل ۽ ٺٽو سُجاول پُل شامل آھن جڏھن تہ گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پُل زير تعمير آھي ۽ ڪنڊيارو خيرپور ناٿن شاھ پُل ۽ ايم 6 پُل جي رٿا تي عمل ٿيڻو آھي.   

گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ زير تعمير پُل

مان ھتي سنڌ حڪومت، نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي تجويز ڏيڻ چاھيان ٿو ته انھن پلين ۽ بيراجن تي سنڌ جي تاريخ جي سورمن ۽ مفڪرن جا نالا رکيا وڃن. ممڪن آھي تہ ڪن ماڻھن کي تاريخي بيراجن ۽ ڪِن پُلين جا نالا مٽائڻ تي اعتراض ھجي، پر ڪوشش اِھا ھجڻ گھرجي تہ سنڌ جي ھر پُل تي ھن ڌرتيءَ جي سُورمن، سورھين، مفڪرن ۽ ڪلاڪارن جا نالا رکيا وڃن.

منھنجي ھن تجويز پُٺيان سنڌ جي تھذيب، تاريخ ۽ اُن جي عظيم ڪردارن کي اُجاگر ڪرڻ آھي. ٻيو سبب ھيءُ بہ آھي تہ سنڌو درياھ سنڌ جي تهذيب جو اُھڃاڻ آهي، ۽ ان تي موجود پليون ۽ بيراج رڳو سيمينٽ جون اڏاوتون نه، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب جو اُھڃاڻ ھجڻ گھرجن.

سنڌو درياھ، قديم زماني کان سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ معيشت جو محور رهيو آهي. هن وقت سنڌ ۾ سنڌو درياھ تي مختلف هنڌن تي جيڪي پليون ۽ بيراجون موجود آهن، اهي روزانو لکين ماڻهن جي اچ وڃ ۽ لکين ايڪڙ زمين جي آباديءَ جو ذريعو آهن. جيڪڏهن انهن پلين ۽ بيراجن کي سنڌ جي تاريخي سورمن، عالمن ۽ مفڪرن جي نالن سان منسوب ڪيو وڃي، ته اهو نه صرف اسان جي قومي سڃاڻپ کي هٿي ڏيندو، پر ايندڙ نسلن کي پنهنجي تاريخ سان پڻ جوڙيندو.

جڏهن ڪو مسافر ڪنهن پل تان گذرندو تہ اتي ڪنهن عظيم مفڪر يا سورمي جو نالو پڙهندو جنھن سان سندس اندر ۾ ڌرتيءَ جي مالڪي ۽ فخر جو احساس بيدار ٿيندو. اهو عمل حقيقت ۾ هڪ قسم جي زنده تاريخ بڻجي ويندو.

اڄ جو نئون نسل اڪثر پنهنجي تاريخي سورمن کان ناواقف آهي. جڏهن اسڪولن جي درسي ڪتابن سان گڏوگڏ روڊن، پلين ۽ بيراجن تي شاهه عنايت شهيد، هوشو شيدي يا جي ايم سيد جهڙا نالا لکيل هوندا، ته اهي نالا عوام جي حافظي جو حصو بڻجي ويندا.

ڪيتريون ئي پليون ۽ بيراجون اڃا تائين انهن انگريز آفيسرن جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿيون، جن جو هن ڌرتيءَ سان ڪو روحاني رشتو نه هو. پنهنجن هيروز جا نالا رکڻ سان اسين پنهنجي تاريخ کي پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ رنگي سگهون ٿا.

هتي مان سنڌ جي مختلف پلين ۽ بيراجن لاءِ ڪجهه شخصيتن جا نالا تجويز ڪندس.

انھن سورمن ۽ مفڪرن ۾ سنڌ جو عظيم سپھ سالار دولهه دريا خان، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جديد سنڌي قومپرستيءَ جو باني سائين جي ايم سيد، مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون جو نعرو ھڻندڙ بھادر جنرل شھيد هوش محمد شيدي، عظيم مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي،  آزاد سنڌ جو آخري حڪمران مھا راجا ڏاهر، ”جو کيڙي، سو کائي“ جو تصور ڏيندڙ پھريون سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت شهيد، سنڌ جي بقا لاءَ جاکوڙيندڙ مخدوم بلاول ۽ اھڙا کوڙ ٻيا نالا آھن جن سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آھي.

جنھن مھل ھيءُ آرٽيڪل لکي رھيو ھيس تہ مون کي سنڌ جي ھندو برادري ۽ سول سوسائٽيءَ جو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمن بلاول ڀُٽي زرداريءَ ۽ اقليتن واري وزير جي نالي لکيل ھڪ خط مليو جنھن ۾ گذارش ڪئي وئي آھي تہ سنڌو درياھ تي گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ واري ٺھندڙ پُل جو نالو شھيد ڀڳت ڪنور رام پُل رکيو وڃي. سندن چوڻ آھي تہ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ڪشمور، جيڪب آباد، غوثپور ۽ شڪارپور، ۽ کاٻي ڪپ تي گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي، پنو عاقل، ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ ھندو برادري جا ماڻھو آباد آھن جيڪي امر شھيد ڀڳت ڪنور رام ۽ سچو سترام ڌام جا پوئلڳ آھن ۽ اھي اڪثر ياترا جي لاءِ ايندا ويندا رھن ٿا. گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پُل انھن لاءِ ثقافتي جياپي جو ذريعو بڻجندي ڇو تہ سندن اچڻ وڃڻ سولو ٿي پوندو. انھيءَ نئين پُل کي امر شھيد ڀڳت ڪنور رام سان منسوب ڪرڻ مذھبي ھم آھنگيءَ جو بہ ھڪ وڏو مثال بڻجي ويندو.   

امر شھيد ڀڳت ڪنور رام سنڌ جي ھڪ عظيم شخصيت ۽ مذھبي ھم آھنگيءَ جو اُھڃاڻ ۽ سنڌ جي ثقافت جو سفير ھو جنھن ڌرم کان مٿانھون ٿي پيار محبت ۽ امن جي پرچار ڪئي ھئي. نئين پُل کي امر شھيد ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان منسوب ڪرڻ سنڌ جي ھندو برادريءَ لاءِ ھڪ وڏو تحفو ٿيندو.   

آخر ۾ مان وري چوندس تہ اسان جي تاريخ اسان جو اثاثو آهي. پلين ۽ بيراجن تي نالا رکڻ صرف نالي جي تبديلي ناهي، پر اها هڪ ثقافتي جنگ آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ وڙهڻي آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت انهن پلين کي سنڌ جي سورمن جي نالن سان منسوب ڪري، ته اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سونهري باب جو اضافو هوندو. اهي نالا اسان جي مسافرن کي اها ياد ڏياريندا ته هيءَ ڌرتي رڳو مٽي ۽ پٿر جو ڍير ناهي، پر هيءَ انهن عظيم انسانن جي آماجگاهه آهي، جن انسانيت، آزادي ۽ شعور جو درس ڏنو.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button