سِلڪ روڊ تي ڪوريائي ثقافت: بشڪيڪ ۾ ثقافتي پروگرام
عالمي ثقافتي پروگرام ۾ ڪرغزستان، جمهوريه ڪوريا، چين، پيرو ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي فنڪارن حصو ورتو.

رپورٽ: نورژان ڪاسماليوا
بشڪيڪ: مالدي بايوف جي نالي سان منسوب ڪرغز نيشنل اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بئلي ٿيٽر عالمي موسيقيءَ جي منصوبي ”سلڪ روڊ تي ڪوريائي ثقافت“ جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ ڪرغزستان، جمهوريه ڪوريا، چين، پيرو ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي فنڪارن حصو ورتو.
هن وڏي پيماني واري ثقافتي تقريب عالمي سھڪار کي مضبوط ڪرڻ ۽ قومن وچ ۾ باهمي سمجھه کي هٿي وٺائڻ لاءِ فن ۽ آرٽ جي سگھ کي نمايان ڪيو.
ان يٿا جي شروعات سيوول ميٽروپوليٽن ڪائونسل جي تعاون سان سينٽرل ايشيئن ايسوسيئيشن آف ڪلچر اينڊ آرٽس ”آءِ-پيري“ (Ai-Peri) پاران ڪئي وئي. گذريل سال قزاقستان ۾ فئسٽيول جي ڪامياب شروعات کان پوءِ، هن ثقافتي قدم سينٽرل ايشيا جي سڄي خطي ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو، جنهن ۾ ڪرغزستان ان جي تازي منزل بڻيو.

ٻن ڏينهن جي هن تقريب ۾ شائقين روايتي ۽ جديد موسيقي، قومي رقص، ڳائڻ ۽ سازن جي ڌنن تي ٻڌل شاندار پروگرامن مان لطف اندوز ٿيا.
اسٽيج مختلف ثقافتي روايتن جي ميڙاڪي جي جاءِ بڻجي وئي، جنهن سلڪ روڊ جي ملڪن جي امير موسيقيءَ جي ورثي کي پيش ڪيو ۽ آرٽ ذريعي ثقافتي گفتگوءَ جي اهميت تي زور ڏنو.
خاص ڌيان ڪوريا جي روايتي ثقافت کي نمايان ڪندڙ پيشڪشن تي ڏنو ويو. روايتي ڪوريائي سازن جي ڌُنن، لوڪ گيتن ۽ رنگين رقص جي پيشڪشن شائقين کي صديون پراڻين ثقافتي روايتن سان متعارف ڪرايو، جڏهن ته جديد موسيقيءَ جي فنڪاريءَ ورثي ۽ همعصر تخليق جي خوبصورت ميلاپ جو مظاهرو ڪيو.

ان سانجھيءَ جي يادگار لمحن مان هڪ ڪي-پاپ (K-pop) رقص گروپ ”نويلئرا“ (Navillera) جي پيشڪش هئي، جنهن جي متحرڪ اداڪاريءَ حاضرين مان داد حاصل ڪيو.
هن ڪنسرٽ نئين نسل، خاص طور تي ڪوريائي ثقافت جي شوقينن ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪئي. ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن لاءِ، اها تقريب صرف هڪ ڪنسرٽ نه هئي—بلڪه هڪ متاثر ڪندڙ ثقافتي تجربو بڻجي وئي.
بشڪيڪ جو 14 ساله رھواسي سلامت، جيڪو تقريبن ٽن سالن کان ڪوريائي ٻولي سکي رهيو آهي، ڪوريائي موسيقي ۽ سئنيما جو پرجوش شوقين آهي ۽ جمهوريه ڪوريا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.
هن فئسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ سندس يادگار خواب جي تعبير هئي. سلامت چيو: ”مون کي اڃا تائين يقين نٿو اچي ته مون کي هڪ اهڙي شاندار ڪنسرٽ ۾ شرڪت جو موقعو مليو. منهنجي لاءِ ڪي-پاپ موسيقيءَ کان وڌيڪ آهي—اهو هڪ ٻولي، هڪ ثقافت ۽ هڪ خواب آهي جنهن کي مان حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن شام کان پوءِ، مان ڪوريائي زبان جي پڙهائي جاري رکڻ ۽ هڪ ڏينهن ڪوريا وڃڻ لاءِ وڌيڪ پرجوش محسوس ڪري رهيو آهيان. هن ڪنسرٽ مون کي زبردست تحرڪ ڏنو آهي.“

بشڪيڪ جي هڪ ٻئي رھواسي عائضه عليئوا پڻ پنهنجا تاثرات ونڊيندي، پروگرام جي ماحول ۽ فنڪارانه معيار جي تعريف ڪئي.
سندس چوڻ هو: ”مان خاص طور تي روايتي ثقافتي پيشڪشن مان تمام گهڻي متاثر ٿيس. لوڪ گيت ايترو دل کي ڇھندڙ هئا جو انهن کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن ترجمي جي ضرورت نه هئي—توهان انهن کي صرف احساس ۽ جذبي سان سمجهي سگهيا ٿي. سازن جي موسيقي طاقتور ۽ منفرد هئي، جڏهن ته رقاصن پنهنجي نفاست ۽ خوبصورتيءَ سان حاضرين کي سحرانگز ڪري ڇڏيو. ’نويلئرا‘ جي پيشڪش واقعي غير معمولي هئي. سڄو ڪنسرٽ هڪ خوشيءَ جي جشن ۽ اسان جي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ جي هڪ سچي پُل وانگر محسوس ٿيو.“
انتظاميا موجب، هن رٿا جو بنيادي مقصد ثقافتي رشتن کي مضبوط ڪرڻ، عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ، ۽ موسيقي، رقص ۽ فن جي ذريعي باهمي احترام کي وڌائڻ آهي.

هن سال جي فئسٽيول جي هڪ خاصيت سلڪ روڊ جي ملڪن وچ ۾ روايتي ۽ جديد آرٽ جي پيشڪشن کي گڏ آڻي ثقافتي گفتگو تي زور ڏيڻ هئي. منصوبي جو تصور مشرقي ثقافتي قدرن کي ڳولي لهڻ ۽ مختلف قومن جي فنڪارن وچ ۾ باهمي ۽ معنيٰ خيز فنڪارانه مٽاسٽا جا موقعا پيدا ڪرڻ تي ٻڌل آهي.
ڪنسرٽ جو اختتام مختلف ملڪن جي فنڪارن جي گڏيل پيشڪشن سان ٿيو، جيڪو ثقافت ذريعي اتحاد جي علامت هو ۽ موسيقيءَ جي ان منفرد صلاحيت کي ظاهر ڪري رهيو هو جنهن سان اها لساني ۽ قومي حدن کان بالاتر ٿي وڃي ٿي. حاضرين پاران بيھي ڪري ڏنل داد، انهن عالمي ثقافتي قدمن جي وڌندڙ اهميت کي ظاهر ڪيو جيڪي فن جي عالمگير ٻوليءَ ذريعي ماڻهن کي ويجھو آڻين ٿا.
هن تقريب جو انتظام سينٽرل ايشيئن ايسوسيئيشن آف ڪلچر اينڊ آرٽس ”آءِ-پيري“ پاران ڪيو ويو هو، جيڪا تنظيم 2013ع کان سينٽرل ايشيا جي ملڪن ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ ثقافتي تعاون کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن ايسوسيئيشن جو بنياد ائسولو اشيراليوا وڌو هو، جيڪا ڪرغزستان جي رھواسڻ آهي ۽ في الحال سيوول ميٽروپوليٽن ڪائونسل جي ميمبر ۽ ان جي ڪلچر، اسپورٽس ۽ ٽوئرزم ڪميٽي جي وائيس چيئرپرسن طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
_______________

نورژان ڪاسماليوا، چيف آف انٽرنيشنل افيئرز ڊپارٽمينٽ، ڪبر نيوز ايجنسي، ڪرغزستان
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



