مارئيءَ جي ملڪ ۾ (ٿر جو سفرنامو)
مٺي ڏانھن ويندي رستي جي ٻنھي پاسن کان ڀٽون نظر اچڻ لڳيون. ڪيترائي وڻ اڌ سڪل ۽ اڌ ساوا نظر اچي رھيا ھئا، ڪٿي ڪٿي مختلف فصل نظر پڻ آيا. برسات گھٽ پوڻ جي ڪري وڻن ۾ ساوڪ بنھ گھٽ ھئي.

عبدالستار لغاري
ھن سال مُلڪ جي اترئين علائقن ۾ گھمڻ کانپوءِ شوق جاڳيو ته ڇو نہ ٿر جو بہ پروگرام ٺاھجي، ان خيال کان دل ۾ ھڪ آس جاڳي تہ جيڪر ٿر ۾ برساتون گھڻيون پون تہ گھمڻ جو مزو ٻيڻو ٿي وڃي. پر افسوس ٿر ۾ گھٽ برساتون پيون ۽ سخت مايوسي ٿي. ھڪ ڏينھن سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ نظر آئي، جنھن مطابق ڪجھ دوست ھڪ قافلو ٿر جي ٻن ڏينھن جي ٽوئر تي وٺي وڃڻ چاھين پيا. مون پنھنجي دوستن محمد اسماعيل لغاري ۽ عبدالرزاق لغاري کي آگاھ ڪيو ۽ پوءِ اسان ٽنھي ٿر جي ٻن ڏينھن جي لاءِ سيٽون بڪ ڪرايون. ٻن ڏينھن جي سفر ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نوان دوست مليا، جن ۾ گھڻن جو تعلق تعليم کاتي سان ھو.پنجين سيپٽمبر 2026ع تي سفر حيدرآباد کان شروع ٿيو، جنھن ۾ اسان ٽنڊي الھيار ۾ شامل ٿياسين.
ھڪ سئوٽ کي اڳ ۾ چئي ڇڏيو ھئم، اھو موٽر سائيڪل تي ٽنڊي الهيار ڇڏڻ ھليو. سفري ٿيلهو کڻي گھر مان سوا ڇھ وڳي نڪتاسين. پنھنجي شھر گلاب لغاريءَ کان اتر طرف چمبڙ شھر جو رخ ڪيوسين، گلاب لغاري کان چمبڙ شھر مان نڪرندي ئي ضلعي بدين جي حد ختم ٿئي ٿي ۽ ٽنڊوالهيار ضلعو شروع ٿئي ٿو. چمبڙ شھرگلاب لغاري کان اتر طرف تقريباً 9 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، گلاب لغاري کان چمبڙ تائين روڊ انتھائي خراب آھي، ھن روڊ تي سفر ڪندي چيلھ ۾ سور پئجي وڃي ٿو. اسان ھن جديد دؤر ۾ ۾ بہ روڊن جي سھولت کان محروم آھيون. گلاب لغاري کان کان ٽنڊو غلام علي، شيخ ڀرڪيو ۽ چمبڙ ڏانھن ويندي روڊن جي حالت تمام گھڻي خراب آھي. ھنن روڊن تي سفر ڪندي تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آھي. اسان چمبڙ ڏانھن ويندڙ کڏن کٻن واري روڊ تان سفر ڪري رھيا ھئاسين.

چمبڙ شھر مان اسماعيل کي کڻي ٽنڊوالهيار ڏانھن روانا ٿياسين. چمبڙ شھر جا ڪافي دڪان بند ھئا. ھي شھر ٽنڊوالهيار ضلعي جو اھم ڪاروباري شھر آھي جنھن جي پسگردائيءَ ۾ لغاري، بوزدار، ھاليپوٽا، درس، جروار، اوٺا، دل، جلباڻي، مري، چانگ، مندواڻي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون رھن ٿيون. چمبڙ شھر کي آباد ڪندڙ لغاري قبيلو آهي. چيو وڃي ٿو ته چمبڙ جو ڳوٺ چڀڙ لغاري نالي ھڪ وڏي زميندار آباد ڪيو. ھتان جو اديب ۽ رٽائرڊ استاد علي محمد لغاري “کيسانوي” چمبڙ شھر جي تاريخ ۽ ڪردارن تي دسترس رکي ٿو، ھن پنھنجي ڪيترن ئي تحريرن ۾ چمبڙ ۽ انھن جي ڪردارن تي لکيو آهي، پنھنجي ھڪ مضمون ۾ ھن لکيو آهي ته:
“جڏھن انگريزن، ميرن کان حڪومت کسي، سنڌ تي حاڪم بنيا ته انهن سموري سنڌ ۾ زمين جي سروي ۽ ماپ ڪري، سروي نمبر، بلاڪ ۽ ديهون ٺاھي حد بنديون ڪري سروي نمبرن ۽ ديھن جا نقشا به ٺاھيا ته ”چمبڙ“ نالي ديھ به جوڙيائون. انگريزن کي چڀڙ خان نالي ۾ سنڌي اکرن ” ڀ “ ۽ ” ڙ “جي تلفظ ۽ اچارڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي، تنهن ڪري انگريزن ھن ڳوٺ جي سرڪاري ڪاغذن ۽ ديھ جي نقشي ۾ ڇڀڙ کي ” چمبر “ لکيو ۔جيڪو اڳتي ھلي لھجي ۾ تبديل ٿي ” چمبڙ “ ٿي ويو.”
2005ع ۾ سنڌ حڪومت انتظامي تبديليون ڪيون ۽ حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي ان مان چار نوان ضلعا حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ٺاھيا ويا ۽ چمبڙ شھر کي ٽنڊوالهيار ضلعي جو تعلقو ڪيو ويو. چمبڙ تعلقي ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي جي تاريخ تي نظام الدين ڪاڪا پڻ سٺو ڪم ڪيو آھي. پنھنجي ھڪ مضمون ۾ نظام الدين ڪاڪا لکيو آهي ته:

“هن شهر جي چوڌاري سرسبز ۽ شاندار فصل شهر جي رونق ۽ ڪاروبار کي الاهي سهڻو ۽ هٿي ڏين ٿا. ضلعو ٽنڊوالهيار جي هڪ ديهـ جو نالو بـ چمبڙ آهي. ٽنڊوالهيار ضلعي جو چمبڙ شهر هاڻي تعلقي جي حيثيت رکي ٿو. هن تعلقي ۾ ٽوٽل 30 ديهون آهن.چمبڙ، ونگي، ساندڪي، تاراهڏي، ڇڇ، ڪڙيو گلشير، ساهڪي، سُتياري، ٺُلُ، ٻُوچڙ، ٻائل، ڪاپاهو، لڙهـ، ميران کوري، سنجھر چانگ، نوڌاڻي، لانڍي، لوٽڪو، جاڙيون، ڪنڊياري، سهجڙو، ڳاڙهو صدر، ڌالو، نانگنا، آراڙو، مڱريا، جهول، چنبهراهـ، ڄارڪي، ( هي نالو هن ديهـ تي هڪ مهاڻي ڄارڪيءَ جي ڪري پيو ) اسان جي سنڌ سڀاڳيءَ ۽ صدوريءَ ۾ ڪافي شهر ۽ ڳوٺ فصلن، هنرن جي ڪري مشهور رهيا آهن.”
چمبڙ ۽ آسپاس جي ڳوٺن جون ڪيتريون ئي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتون آھن، جن جي ڪري ھي شھر سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ رکي ٿو. سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ غلام حسين کوکر، ٻڍو خان پتافي، ميان ولي محمد ولھاري، عبدالستار بچاڻي، عبدالطيف مڱريو،رئيس نصير خان مندواڻي غلام قادر مري، ڪامريڊ احمد خان لغاري، الھ بخش مگسي، ڪامريڊ عثمان لغاري، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي ۽ ٻيون شخصيتون شامل آھن. علمي ۽ ادبي شخصيتن ۾ محمد حسين ڪاشف، شھزاد فتح محمد ٿيٻو، عبدالله جرورا، پانڌي فقير آريسر، محمد عثمان ناطق، شادي خان لغاري، مرڪ لغاري، عبدالرحيم عبد ڪنڀر، تيرٿداس وشنداس اميداڻي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون اچي وڃن ٿيون. چمبڙ شهر ۾ روزمره جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار ۽ وڻج واپار گهڻو ڪري اڱاري جي ڏينهن چوپائي مال جي پڙيءَ جي ڪري ٿيندو آهي، چمبڙ تعلقي ۾ ٻـ شگر ملون پڻ آهن، هڪ چمبڙ شگر مل ٻي ٽنڊوالهيار شگر مل، ٻنهي شگرملن جو مالڪ آصف علي زرداري آهي.

اسان ڪچھري ڪندا ٽنڊوالهيار ڏانھن وڃي رھيا ھئاسين تہ اوچتو ستار سروهيءَ جي فون آئي ته اسان حيدرآباد مان نڪري چڪا آھيون، توھان پڻ ٽنڊوالهيار جلدي پھچو. رستي ويندي ڪيترائي باغ ۽ مختلف فصل ھئا. ٽنڊوالهيار جي زمين ھونئن به گھڻي زرخيز آهي، چيو وڃي ٿو ته ھتي ماڻھن پوکجن تہ اھي بہ ڦٽي پوندا. بھرحال چمبڙ کان ٽنڊوالهيار ويندي ڪيترائي فضل ۽ باغ نظر اچن ٿا، ھتي جي ساوڪ اکين کي راحت ڏيندڙ آهي. ساڍي ستين وڳي ڪيريا شاخ باءِ پاس ٽنڊوالهيار پھتاسين ۽ ھڪ ريسٽورنٽ تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳاسين. ھتي عورتون، ٻار ۽ پيرسن تمام وڏي تعداد ۾ پني رھيا ھئا. ھتان کان ڪيتريون ئي ڪوچون لنگھيون پئي، ڪي عمرڪوٽ مان ڪراچي پئي ويون تہ ڪي حيدرآباد تہ ڪي ميرپور خاص پئي ويون. ٽنڊوالهيار حيدرآباد ڊويزن جو اھم شھر آھي، هي شهر حيدرآباد ۽ ميرپورخاص شهرن جي بلڪل سينٽر تي قائم آهي. سنڌ جا اڪثر ٽنڊا ٽالپرن جا قائم ڪيل آھن، ھي شھر بہ 1790ع مير الهيار خان ٽالپر (ماڻڪاڻي) آباد ڪيو، جيڪو مير فتح خان اول جو فرزند ھو. هتي ريلوي اسٽيشن بہ آهي. ٽنڊوالهيار شھر پڻ سڄي سنڌ ۾ پنھنجي ھڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. حاجي صادق ميمڻ ھن شھر جي ماڻھن لاءِ ڪيترائي خيراتي ڪم ڪيا، آھي، جن ۾ تعليم اھم آھي. حاجي صاحب ھڪ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو پوءِ اڳتي ھلي ايس ايم سائنس ڪاليج جي نالي سان مشھور ٿيو. ٽنڊوالهيار جي تعليمي گھڻگھرن ۾ مفتي محمد شفيع جو نالو پڻ اچي ٿو، جنھن دارالعلوم ھاء اسڪول قائم ڪيو. هي شھر مندرن جي ڪري پڻ مشھور آھي، اھم مندر رامديو پير جو آهي، جنھن کي عام طور راما پير پڻ چيو وڃي ٿو. ھي پير اصل ۾ راجسٿان جي علائقي مارواڙ جي ڳوٺ رڻوجا جو ھو. هتي ھر سال بڊي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي ۽ پوري سنڌ کان هندو ياتري هتي اچي گڏ ٿيندا آهن. ڪيترائي ياتري مختلف شهرن مان ياتري ڇڙيون کڻي ايندا آهن ۽ اچي ڌڄائون چاڙهيندا آهن. ٽنڊي الهيار ۾ ڪاليءَ جو مندر پڻ مشھور آهي. عوامي شاعر سيد مرتضي شاھ ڏاڏاھي پڻ ھن شھر جو خاص حوالو آھي، مترجم ۽ اديب فضل احمد بچاڻي پڻ ھن شھر سان تعلق رکندڙ ھو. ان کانسواءِ سگھڙ شاعر، استاد ۽ “بلبل ٽنڊوالهيار” جو لقب ماڻيندڙ خليل کوسو پڻ ھن شھر سان تعلق رکي ٿو.

ساڍي اٺين وڳي ڪوسٽر ڪيريا اسٽاپ بائي پاس تي پھتي، جتان اڳتي جو سفر ڪيوسين. جيئن اڳتي وڌياسين . روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيلن جا فصل ھئا، نائين وڳي ميرپورخاص پھتاسين. ھي شھر سنڌ جو چوٿون وڏو شھر سمجھو وڃي ٿو، ھن شھر کي 1806ع ۾ ٽالپر حڪمران مير علي مراد ٽالپر آباد ڪيو، سنڌ جو ھي صاف سٿرو شھر انبن جي ڪري پڻ مشهور آهي. ميرپورخاص کان ھاڻي اسان جو سفر ميرواھ گورچاڻي ڏانھن ھو، جيڪو ميرپورخاص جو ننڍڙي شھر آھي جنھن کي انگريزن جي دور ۾ تعلقي جي حيثيت حاصل ھئي. ھي علائقو انبن، ڪيلن ۽ چِڪُن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھن علائقي ۾ سنڌين سان گڏ پنجابين جي پڻ وڏي آبادي آھي. ميرواھ گورچاڻي ۾ ٽالھيون پڻ سٺيون ٺاھيون وڃن ٿيون، ھتي گھڻو ڪري پنجابي مستري آھن. ڊگھڙي ۽ ٽنڊو جان محمد ڪراس ڪري پوڻين يارھين وڳي جھڏي شھر ۾ پھتاسين. شھر ۾ رش تمام گھڻي ھئي، ميرپورخاص ضلعي جي ھن شھر کي تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. 2022ع جي برساتن ۾ ھي شھر ٻڏي ويو ھو. ھن شھر جي نالي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ھڪ قديم وڻ تان پيو. بھرحال اھا ڪا حتمي راءِ ناھي. اسان جو سفر جاري ھو، يارھين وڳي نئون ڪوٽ شھر ڪراس ڪري نئون ڪوٽ قلعي پھتاسين. قلعي جي مين گيٽ تي ڪجھ ٻارڙا ۽ معذور ماڻھو پني رھيا ھئا، ڪجھ گھورڙيا گھور ڪري رھيا ھئا. چيو وڃي ٿو ته مير ڪرم علي خان ٽالپر 1812ع ۾ سنڌ جي گادي تي ويٺو ۽ ھن جوڌپور جي راجا کان 1813ع ۾ عمرڪوٽ ھٿ ڪيو ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۽ ٿر ۾ ڪجھ ڪوٽ ٺھرايا. مير ڪرم علي ٽالپر کي تعميرات جو گھڻو شوق ھو. ھن قلعي جي باري ۾ تاريخن جي مُختلف ڪتابن ۾ گھڻو لکيو ويو آھي، ھن قلعي جي باري ۾ تفصيلي احوال اشتياق انصاري جي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” ۾ ملي ٿو. اسان مين گيت کان جيئن ئي قلعي جي اندر داخل ٿياسين ته آرڪائيوز، ڪلچر ۽ ٽورئزم ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان ھڪ بورڊ لڳل ھو، جنھن تي ھي معلومات ڏنل ھئي:

“نئون ڪوٽ قلعو ھڪ مضبوط قلعو آھي، جيڪو سنڌ جي حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر 1814ع ۾ ٺھرايو. ھي قلعو ميرپور خاص شھر کان اٽڪل 64 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آھي. ھن قلعي کي گيٽ وي آف ٿر يعني ٿر ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو پڻ چيو وڃي ٿو. ياد رھي ته ٽالپر حڪمرانن سنڌ تي ڪلھوڙا دؤر کانپوءِ حڪومت ڪئي، جيڪا سال 1783ع کان وٺي 1843ع تائين ھلندي رھي. آخرڪار 17 فيبروري 1843ع تي سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪري ورتي. نئون ڪوٽ قلعو خاص طور تي ٿر ۾ بارش پوڻ کانپوءِ ٿر ڏانهن ويندڙ سياحن ڏانھن پنھنجي دلڪشي رکي ٿو. ھن قلعي کي ٽالپرن پنھنجي دور حڪومت ۾ حفاظتي نڪتي نگاھ کان اھم سمجھندي انکي رھائش ۽ چوڪسي ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو. قلعي ۾ ڪيتريون ئي جايون رھائش لاءِ ھيون ۽ ان ۾ ھڪ قيد خانو پڻ موجود ھو، قلعي ۾ ھيٺ ۾ بئرڪس پڻ موجود آهن. نئين ڪوٽ قلعي کي سنڌ سرڪار قديم آثارن جي قانون 1975ع مطابق محفوظ ڪيو ويو آهي.”

ڪافي وقت قلعي تي گھمندا رھياسين. تصويرون پڻ ڪڍائيندا رھياسين، قلعي تان ھيٺ لھي پھتاسين تہ نم جي وڻ ھيٺان ھڪ سريلو فنڪار ڳائي رھيو ھو، ڪجھ ماڻھو پڻ بيٺل ھئا. اسان پڻ راڳ مان لطف اندوز ٿيڻ لڳاسين. ھن سريلي فنڪار جڏھن ” سسيءَ ۾ جي ساھ ھوندو، ٽٽڻ نہ سنڌ ڏينداسين، ڦورو ٺڳ، لٽيرا تون ڀڄ، ٽٽڻ سنڌ نه ڏينداسين“ گيت ڳاتو تہ اسان جي قافلي جا ساٿي جھومر ھڻڻ لڳا. فنڪار پنھنجو نالو حبيب فقير ۽ شاعر جو نالو ملڪ محمد ڏورٿ ٻڌايو. حبيب فقير ٻڌايو ته استاد شفيع فقير جو شاگرد آھي. استاد شفيع فقير ڪير سڏائي، ٿر فنڪارن ۽ شاعرن جي ڌرتي آھي، ھتي شفيع فقير، صادق فقير، رجب فقير، رفيق فقير ۽ ٻيا به ڪيترائي فنڪار پيدا ٿيا آھن، جن نہ رڳو ملڪي سطح تي پر دنيا ۾ پنھنجي پاڻ کي مڃايو آهي.
ٻارھين وڳي نئون ڪوٽ قلعي مان نڪتاسين، ھاڻي اسان جو سفر مٺيءَ ڏانھن ھو. مٺي ڏانھن ويندي رستي جي ٻنھي پاسن کان ڀٽون نظر اچڻ لڳيون. ڪيترائي وڻ اڌ سڪل ۽ اڌ ساوا نظر اچي رھيا ھئا، ڪٿي ڪٿي مختلف فصل نظر پڻ آيا. ساڍين ٻارھين وڳي گڊي ڀٽ تي پھتاسين. گڊي ڀٽ تي رش ھئي، اسان وانگر ڪيترائي سياح آيل ھئا، سينگاريل اٺ پڻ موجود ھئا، جيڪي سياحن کان پئسا وٺي سواري ڪرائي رھيا ھئا، ھتي ننڍڙن ٻارن لاءِ جي سواري لاءِ پڻ ننڍڙيون گاڏيون موجود ھيون، جن تي ڪجھ ٻار چڪر ڏئي رھيا ھئا. گڊي ڀٽ تي ھڪ مقامي فنڪارہ زاھدہ گل ڳائي رھي ھئي، جتي ڪافي ماڻھو سندس راڳ ٻڌي رھيا ھئا، اسان بہ ڪجھ وقت راڳ ٻڌوسين ۽ پوءِ تصويرون ڪڍائي ھتان ھڪ وڳي نڪتاسين. مٺي شھر جي بازار کان وڃي رھيا ھئاسين تہ ولي رام ولڀ روڊ تي نظر پئي. مٺي شھر جي وچ مان گذرندڙ ھن اھم روڊ کي سنڌي ٻولي جي اھم ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ جي نالي ڪرڻ تمام گھڻي خوشي جي ڳالهه آهي. ھي روڊ شھر مان نڪري اڳتي اسلام ڪوٽ، ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڃي ٿو. ولي رام ولڀ 18 آگسٽ 1941ع ۾ مٺي شھر ۾ پيدا ٿيو، سندس شروعاتي تعليم مٺي ۾ ٿي. سنڌي ادب ۾ ترجمن جي حوالي سان سندس وڏيون خدمتون آھن، غدار، سيتا ھرڻ، بند دروازو، ڌاريو ۽ پوئين پھر جا پانڌيئڙا سندس مشھور ترجما آھن. ھن شھر ۾ ڪافي سالن کانپوء اچڻ ٿيو ھو، صاف سٿري ھن شھر ۾ تمام بھترين گھر ٺھيل نظر آيا. ڊائمنڊ ھوٽل تي پھتاسين. ڪوسٽر تان لھي آئون ۽ اسماعيل سڌو پرڪاش ڪرمواڻي جي دڪان تي پھتاسين، مونکي سندس اداري سامروٽي پبليڪيشن جا ڪجھ ڪتاب گھربل ھئا، بدلي ۾ مون پنھنجا ڪتاب ڏنا. پرڪاش سان مختصر ڪچھري ٿي.

ڪجھ وقت انتظار ڪرڻ کانپوءِ مٺي مان جيئن نڪتاسين ته آسمان تي جھڙ ڇائنجي ويو ھو. ھڪ آس جاڳي تہ جيڪر برسات پوي ته ڪيڏو نہ ڀلو ٿئي پر ھي جھڙ مينھن وارو نہ ھو. ڪوسٽر کان ٻاھر ڏٺم ته روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪنڊي جا وڻ ھئا. ڪٿي ڪٿي گوار ۽ ٻيا فصل پوکيل ھئا. مسڪين ٿرين جي فصل ۾ اھو بہ مزو نہ ھو. برسات گھٽ پوڻ جي ڪري وڻن ۾ ساوڪ بنھ گھٽ ھئي. ايئن ئي ميوزڪ ٻڌندا، ڪچھري ڪندا گوڙي مندر پھتاسين. جتي صوفي چيتن ڀڳت پنھنجي سنگ سان ڳائي رھيو ھو. اتي ٻہ ڇوڪرا مور جا کنڀ (ٽڪيون) وڪڻي رھيا ھئا. مندر ۾ تمام گھڻا چمڙا ويٺل نظر آيا، آئون تڪڙ ۾ مندر جي زيارت ڪري ٻاھر نڪتس، ڊپ ٿيو ته متان ڪو چمڙو نہ چھٽي پوي. ھتي ڪيترائي ٻار پني رھيا ھئا. مندر وٽ ھڪ نيري رنگ جو لوھ جو بورڊ لڳل ھو، جنھن تي لکيل ھو تہ: “ھي مندر 1376ع ۾ مينگھو نالي جين مت پاري ننگر جي ٺھرايو. اصل ۾ جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آھن جو گرو گورک ناٿ جو چيلو ھو ۽ کيس گوڙ بچو بہ چوندا آهن. اھو ئي سبب آهي جو ھن مندر جو نالو گوڙي پيو. ھن عمارت جو پٿر سنگ مرمر جھڙو آھي، جيڪو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. ھن مندر جا ٻارنھن ڪمرا عبادت ‘پوجا’ لاءِ ڪم ايندا ھئا. ھن مندر کي 1975ع قانون تحت محفوظ ڪيو ويو آهي. ھن مندر کي پارڪر جي راڻن ۽ انگريزن جي وچ ۾ جنگ جي ڪري تمام گھڻو نقصان ٿيو. مطلب ته ھي مندر سنڌ جي قديم يادگارن مان ھڪ آھي.” سوا چار وڳي گوڙي مندر تان نڪتاسين. رستي تي ڪيترائي گھر نظر آيا، رستي ويندي ڪيترائي کوھ پڻ نظر آيا. ساڍي چار وڳين حب الوطني جي عظيم ڪردار “مارئي” جي ڳوٺ ڀالوا پھتاسين. ھتي اھم گھمڻ جي جاءِ اھو کوھ آھي، جتان عمر سومري ٿر جي ڄائي مارئي کي کنيو ھو. پر ڪجھ ماڻھن جو خيال آهي ته ھي اھو کوھ ناھي بلڪہ علامتي طور ٺاھيو ويو آھي. سنڌ جي مشھور لوڪ داستان موجب مارئي ٿر جي ھڪ سادي، مسڪين، پورھيت، خوددار ۽ وطن سان محبت ڪندڙ ڇوڪري ھئي، جنھن عمر سومري جي سڀني آسائشن کي پنھنجي وطن جي واري تان قربان ڪري ڇڏيون. سنڌي ٻولي ۾ عمر ۽ مارئي جي قصي کي تڏھن مشھوري ملي، جڏھن شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن قصي کي پنھنجي شاعري ۾ بيان ڪيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ۾ مارئي جي ڪردار کي حب الوطني، خودداري، سادگي ۽ پنھنجي ڌرتي سان وفاداري طور پيش ڪيو آھي. ھتي دلچسپي طور سر مارئي مان ڪجھ بيت ڏجن ٿا.
واجھائي وَطَنَ کي آئون جي ھت مياس،
گور منھنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجھان ولڙين واس،
ميائي جياس جي وڃي مڙھ ملير ڏي..
آءٌ ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَھُنوارَنِ پَچارَ
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رِءَ لُھارَ
ميخُون مَحَبَّتَ سَندِيُون، ھِنيَڙي مَنجهِہ ھَزارَ
کارو پاڻي کُوھَرين، سِنجِيان آءٌ سَوارَ
ٻَڪَرَ شالَ ٻِيھارَ، عُمرَ چارِيان اُنِ جا…
ٿر ٿوهر، گهر جھوپڙا، ٻارڻ جنين ٻوه،
وٺا مينهن ملير تي، ٽهڪي نڪتا ٽوهہ،
رات بہ منهنجي روح، سڄڻ پنهنجا ساريا.
(سر مارئي)

مارئي جي کوھ تي گھڻا ماڻھو آيل ھئا. سينگاريل اٺن جي سواري وارا، فنڪار ۽ جوڳي فقير ڪاري نانگ جو ناچ ڏيکاري رھيو ھو. ھتي پڻ ڪيترائي ٻار خيرات گھري رھيا ھئا. ھن کوھ جي چوڌاري ننڍي ڀت آيل آھي. گيٽ تي ھڪ پيرسن ميرڻ فقير دھل وڄائي رھيو ھو، ڪجھ ماڻھو کيس پئسا ڏئي رھيا ھئا. مارئي جي کوھ ڀالوا تان پوڻين پنجين وڳي نڪتاسين. ڏانو ڌاندل ڪراس ڪري رينجرز چوڪي تي پھتاسين، جتي ڪجھ وقت بيٺاسين، انکانپوءِ ويراھ واھ جين مندر پھتاسين، ھتي اسان کانسواءِ ڪوبه ماڻھو موجود نہ ھو. ھي مندر جين مت جي باني مھاوير سان منسوب آھي. مندر جي چوڌاري تقريباً چار فوٽ جي ڀت آيل آھي. ھن مندر جي اندر ککر ويٺل ھئا، مندر جي چوڌاري نمن جا ڪجھ گھاٽا وڻ پڻ آھن. ھتي پڻ ڪجھ تصويرون ڪڍي ساڍين پنج وڳي ھتان نڪتاسين. ٿورو اڳتي آياسين تہ ويرا واھہ شھر آيو، جتي چانھ پيتيسن. ڇھين وڳي ويرا واهه مان نڪتاسين. سڄي ڏينھن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ ڪافي دوست ٿڪ جي ڪري خاموش ھئا. ڪوسٽر ۾ مڪمل خاموشي ھئي، دري مان ڏٺم ته سج پنھنجو وجود وڃائي رھيو ھو، اولھندي کان ڳاڙھاڻ ڇانيل ھئي، ٿورو اڳتي وڌياسين ته ڪارونجھر جبل پنھنجي اوچي ڳاٽ سان نظر اچي رھيو ھو. ھاڻي اسان جي منزل ڀوڏيسر مسجد ھئي، ڀوڏيسر مسجد تي پھتاسين تہ سج مڪمل لھي چڪو هو، نمن جا ڪجھ وڻ ھئا، جن تي پکي ھڪٻئي کي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري ٻڌائي رھيا ھئا. ھڪ لمحي خيال آيو ته نماز پڙھي پنھنجي رب جا احسان مڃجن، جنھن ھي سڀ نظارا ڏيکاريا آھن. الائي ڇو ان مھل ڪيفيت ۾ عجيب بيچيني محسوس ٿي رھي ھئي. اسان جي قافلي کي تڪڙ ھئي، ھتان نڪرڻ کانپوءِ ڀوڏيسر مندر ڏانھن بہ وڃڻو ھو. ان ڪري سڀ جلدي ۾ ھئا، نڪرڻ مھل ڪلچر اينڊ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان مسجد جي تاريخ بابت لڳايل بورڊ جو فوٽو ڪڍي اچي ڪوسٽر ۾ ويٺس ۽ بورڊ پڙھڻ لڳس، لکيل ھو: “ھي ھڪ ننڍڙي خوبصورت مسجد ڀوڏيسر تلاءُ جي ڀر ۾ ڪارونجهر جي دامن ۾ ٺھيل آھي، جيڪا اڇي سنگ مرمر جي پٿر سان محمود شاھ بن مظفر شاھ بن غياث الدين گجرات جي حاڪم سال 1505ع مطابق 880 ھجري ۾ ٺھرائي. مسجد جا ٽي گنبذ آھن، جيڪي اڏاوت ۾ ھندو ۽ جين قوم جي فن تعمير جو نمونو آھي. ۽ محراب وارو حصو تقريباً چورس ٺھيل آھي، جنھن جي ھر ھڪ حصي جي ماپ 92 ميٽر آھي، جنھن کي سنگ مرمر جا ٿنڀ ڏنل آهن.” ڪجھ ئي دير ۾ ڀوڏيسر مندر تي پھتاسين.
ھتي ننڊڙا ٻار مورن جا کنڀ وڪڻي رھيا. مندر جي ٿلھي تي ويھي دوستن گروپ ۾ گيت ڳايو ۽ پوءِ ڪجھ دير کانپوءِ اتان روانا ٿياسين. اڄوڪي ڏينھن جو ٽوئر ختم ٿيو، اسان جو پنڌ ھاڻي روپلو ڪولهي ريسٽ ھائوس ڏانھن ھو. ساڍين نائين رات جي ماني کائڻ کانپوءِ عبدالله فقير محفل مچائي، ڪجھ ڪلام ٻڌڻ کانپوءِ پنھنجي ڪمري ۾ اچي ستاسين.
__________
سموريون تصويرون ليکڪ عبدالستار لغاريءَ جون ڏنل



