Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

 ملير جو مھر جبل، جتي ٻائيدي نالي ناريءَ جي سچي پيار جي لوڪ داستان جنم ورتو

مھر جبل تي مٿي چڙھڻ لاءِ خاص رستو آھي جنھن کي ٻائيدي لڪ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. ھڪ روايت موجب ٻائيدي ھڪ ناري ھئي جيڪا انھيءَ لڪ تي ويھي پنھنجي گم ٿيل محبوب جو انتظار ڪندي ھئي، پر سندس محبوب ڪيترن سالن گذرڻ کان پوءِ به ظاھر نه ٿيو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي موئيدان ڪنڊ جھنگ ۾ واقع “مھر جبل” قديم تاريخ، قدرتي خوبصورتي ۽ ثقافتي ورثي جو هڪ ناياب شاهڪار آهي. سامھون کيرٿر جون قطارون، کليل هوائون، حب ڊئم جو منظر ۽ ٿڌي موسم هجڻ جي باوجود هيءُ تاريخي ماڳ هميشه حڪومتي بي ڌيانيءَ سبب ڏينهون ڏينهن زبون ٿيندو پيو وڃي. قديم قلعي جا آثار، چوکنڊي نما قبرون، ۽ مندر ۽ قديم شولنگم جا آثار هن علائقي جي قديم تاريخ ۽  اهميت جي شاھدي ڏين ٿا.

خاصخيلي لطيف راولاڻي 

ڪراچي جي گڏاپ جي علائقي موئيدان ڪنڍ جھنگ ۾، شھر کان اسي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع مھرجبل ھڪ خوبصورت واديءَ جو ڏيک ڏيئي ٿو. اھو جبل ويھ ميل ڊگھو، پندرنھن ميل ويڪرو ۽ زمين جي سطح کان  ٽي ھزار فٽ مٿي آھي جتي جبل  مٿي ست ڳوٺ آباد آھن.

ھٿتادو ڏاھپ سان ٺاھيل

مھر جبل جي سامھون کيرٿر جبل جون قطارون آھن جتي ھميشه ٿڌيون ھوائون لڳنديون رھنديون آھن.  ٻئي پاسي حب ڊئم به نظر اچي ٿو. ھن تاريخي ماڳ جي موسم کي سوات ۽ مريءَ جي موسم سان ڀيٽي سگھجي ٿو۔

مھر جبل جي تاريخي حيثيت تي گھڻو اڳ مختلف ڪتابن ۾ مختصر طور تي لکيو ويو آھي پر اڄ ڏينھن تائين مڪمل تحقيق نه ڪئي وئي آھي۔ مرحوم گل حسن ڪلمتيءَ پنھنجي ڪتاب ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ۾ به انھيءَ جبل جو مختصر طور تي  ذڪر ڪيو آھي۔ اھو تاريخي ماڳ مڪان ھردور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي، جنھن جو سڀ کان وڏو سبب مھر جبل تائين پھچڻ جو مسئلو آھي ڇو تہ گڏاپ شھر کان مھر جبل تائين پھچڻ جو رستو اڻانگو آھي ۽ صرف اٺ جي سواري ڪري ئي جبل تائين پھچي سگھجي ٿو. ٻي صورت ۾ ڄڻ ته پُلصراط پار ڪرڻي پوي ٿي.

جبل جي رھاڪو ماستر يعقوب ڪانڙو ٻڌايو ته ڪجھ سال اڳ ۾ ھتي آرڪيالاجي کاتي وارا آيا ھئا پر اھي مٿي جبل تي ڪونه پھتا. جبل کان ھيٺ ئي ڪجھ لک پڙھ ڪري موٽي ويا۔ مقامي باشعور نوجوانن موجب جبل تي مختلف قديم دور جا آثار مليا آھن جيڪي ھنن قديم آثارن وارن عملدارن کي به ٻڌايا پر انھن تي اڄ ڏينھن تائين ڌيان نه ڏنو ويو.

جبل تي قلعي جا آثار به ملن ٿا جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڪنھن دور ۾ ھي علائقو جنگ جو مرڪز رھيو آھي.  انھن آثارن کي ھندوئن جو ڪوٽ ڪري پڪاريو وڃي ٿو  جنھن جا ڪجھ تفصيل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنگنامه ۾ به تحرير ڪيا آھن۔جتي  نومڙين جي جنگ لڳي ھئي۔

ھي علائقو آڳاٽي دور ۾ ھندو سنڌين جي ڳتيل آبادي وارو علائقو رھيو آھي. موجوده دور ۾ جبل کان ڪجھ ميل پري مول جي وسندي آھي، جتي اڄ به ھندو آبادي رھندي آھي ۽ سندن مندر به ٺھيل آھن. انھن قديم مندرن جا آثار جبل جي ھيٺ پراڻن وسندين ۾ به مليا آھن ۔

ھتي اھڙيون قبرون پڻ مليون آھن جيڪي چوکنڊي قبرستان ۽ مڪلي تي قائم قبرن سان مشابھت رکن ٿيون جن جي حفاظت نه ھئڻ ڪري اھي ڏينھون ڏينھن زبون ٿينديون پيون وڃن ۽ ھاڻي صرف ڪجھ قبرن جا آثار موجود آھن ۔

برسات جي وسڪاري جي ڪري ھي علائقو جنت جو ڏيک ڏيندو آھي. جبل تي سائو گاه ۽ ٻني ٻارو به ٿيندو آھي. ھتي جا رھواسي جيڪي ڪانڙا سڏائين ٿا، اھي ڪوھستاني لھجي ۾ ڳالھائيندا آھن جن وٽ گذر سفر لاءِ ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيو مال مويشي ھوندو آھي.  پاڻيءَ جي کوٽ ھئڻ ڪري ھي مالوند ماڻھو جبل کان ھيٺ لھي ايندا آھن جتي کوھن وسيلي نڪرندڙ پاڻي تي گذارو ڪندا آھن يا وري ڪجھ خاندان عارضي لڏپلاڻ ڪري گڏاپ شھر جي پاسي ۾ خانه بدوشي واري زندگي گھارين ٿا.

جبل تي مٿي چڙھڻ لاء ھڪ خاص رستو ٺھيل آھي جنھن جي وسيلي مٿي جبل تائين پھچي سگھجي ٿو. انھي رستي کي ٻائيدي لڪ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. انھي ٻائيدي جي نالي سان منسوب تاريخي قصو به مشھور آھي جنھن موجب اھا ھندو ناري ھئي جنھن  جي پڄاڻان ان رستي تي اھو نالو پئجي ويو. ھڪ روايت موجب بائيدي انھيءَ لڪ تي ويھي پنھنجي گم ٿيل محبوب جو انتظار ڪندي ھئي، پر سندس محبوب ڪيترن سالن گذرڻ کان پوءِ به ظاھر نه ٿيو. اھا خوبصورت ناري انھيءَ جبل تي نظر ايندي ھئي پر پوءِ پاڻ به گم ٿي وئي يا خطرناڪ جانورن جو کاڄ ٿي وئي جنھن جي ڪابه خبر نه پئي.

 جبل جي چئني پاسي گھاٽا ٻيلا به آھن جتي گدڙ لومڙ ۽ ٻيا خطرناڪ جانور رھندا آھن. اھا  ڳالھ جبل جي رھواسي بزرگ شخص مٺو ڪانڙو ٻڌائي. ان جو ذڪر به ڪراچي سنڌ جي مارئي ۾ ٿيل آھي۔

مھر جبل تي قديم مندرن جا نشان ۽ خاص طور تي شولنگم جي پوڄا جا به نشان مليا آھن. انھن آثارن تي ڪجھ سال اڳي گڏاپ جي ئي رھاڪو محمدعلي ڪلمتيءَ پنھنجي طور تي ڪافي تحقيق ڪئي پر حڪومت جي دلچسپي نه ھئڻ ڪري اھو ڪم اڌ ۾ ئي رھجي ويو۔

مھرجبل تي اڄ به تحقيق جي سخت ضرورت آھي ۽ اھو ڪم حڪومتي ادارا ۽ آرڪيالاجي کاتي وارا ئي ڪري سگھن ٿا. ان سان سنڌ جو ھي قديم ماڳ ٻيھر نمودار ٿيندو ۽ سياحن جي لاء تفريح جو بھترين ماڳ ثابت ٿيندو پر ان تاريخي ماڳ مڪان کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سڀ کان وڏو مسئلو ھتي جبل تائين پھچڻ جو رستو آھي. جيستائين اھو رستو نٿو ٺاھيو وڃي تيستائين جبل تائين پھچڻ مشڪل آھي. لڳي ٿو ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ھي ماڳ مڪان به ٻين قديم ماڳن جيان بالڪل ميسارجي ويندو.

__________

Latif Rawlani-TheAsiaN

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button