Editor's pickMain Slideڪالم

قاضي فيض محمد: سنڌ جو اصول پسند سياستدان ۽ عوامي جدوجهد جو اڻ موٽ ڪردار

قاضي فيض محمد جي سموري زندگي اسان کي درس ڏئي ٿي ته سچي سياست جاگيرداري تحفظ يا اقتداري ڪرسيءَ جي حاصلات نه، بلڪه پنهنجي ڌرتي، ان جي وسيلن ۽ عوام جي حقن جي پاسداريءَ جو نالو آهي.

قاضي ساگر

​سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ اڀريا، پر قاضي فيض محمد جي شخصيت ۾ جيڪو خلوص، بي باڪي ۽ عوامي دردمندي هئي، سا کيس تمام مختلف ۽ ممتاز بڻائي ٿي. هو ان وقت سياسي ميدان ۾ نڪتو، جڏهن سياست وڏيرن ۽ نوابن جي جاگير سمجهي ويندي هئي. هن ان روايت کي ٽوڙي عام پورهيت، هاري ۽ پڙهيل لکيل وچين طبقي جو آواز بڻجڻ کي پنهنجو نصب العين بڻايو.

​​23 نومبر 1908ع تي هالاڻيءَ جي جنهن علمي خاندان ۾ سندس جنم ٿيو، اتان ئي کيس سچائي ۽ اصولن تي هلڻ جي تربيت ملي. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي ساٿ کان محروم ٿيڻ جي باوجود هن همت نه هاري. سندس سياسي شعور جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هو اڃان نوشهرو فيروز جي اسڪول ۾ پڙهندو هو، تڏهن ملڪ ۾ آزاديءَ جي لهر هلي رهي هئي. سائمن ڪميشن خلاف جڏهن احتجاج ٿيا ته هن شاگردن کي منظم ڪري نعريبازي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس تعليمي اداري مان به ڪڍيو ويو. اها سندس سياسي زندگيءَ جي پهرين قرباني هئي.

​مئٽرڪ کان پوءِ نوڪري ڪندي هن ماحول جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ محسوس ڪيو ته رڳو روزگار تائين محدود رهڻ بدران قومي فرض نڀائڻ ضروري آهي. 1930ع واري ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي عملي جدوجهد جي شروعات خاڪسار تحريڪ کان ڪئي. هو انهن تحريڪن جو حصو بڻيو جن جو مقصد ماڻهن ۾ نظم و ضبط ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪرڻ هو.

​سندس انساني همدرديءَ جو وڏو ثبوت 1942ع واري بنگال جي ڏڪار واري وقت ۾ ملي ٿو. جڏهن هزارين ماڻهو فاقاڪشيءَ جو شڪار هئا، تڏهن قاضي صاحب رڳو زباني همدردي نه ڪئي پر ان جڳهه تي پهچي امدادي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن نه رڳو اتان جي متاثرن جي مدد ڪئي پر يتيم ٻارن کي سنڌ آڻي انهن جي سنڀال ۽ تعليم جا انتظام پڻ سنڀاليا.

​​برصغير جي آزاديءَ جي ھلچل وقت هن ان اميد سان مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته هيءَ پارٽي ترقي پسند ۽ عوامي حڪومت قائم ڪندي. هن هاري ۽ مزدور طبقن کي تنظيم ۾ آڻڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي. انهي بنياد تي ئي قائد اعظم محمد علي جناح سان سندس ملاقاتون به ٿيون، جتي قاضي صاحب پنهنجا ترقي پسند خيال رکيا.

​پر جڏهن آزاديءَ کان پوءِ سياسي مسند تي جاگيردارن جو قبضو مضبوط ٿيندو ويو ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ “ون يونٽ” مڙھي سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود کي ختم ويو، تڏهن قاضي فيض محمد پنهنجي پارٽي وابستگيءَ کان مٿانهون ٿي ان حڪومتي فيصلي خلاف باقاعده جهاد جو اعلان ڪيو.

​هن ننڍن صوبن جي جائز حقن ۽ خودمختياريءَ لاءِ عوامي ليگ جو پاسو ورتو. حسين شهيد سهروردي ۽ بنگال جي ترقي پسندن سان گڏجي هن سنڌ جي حقن جي بحاليءَ لاءِ رٿابندي ڪئي ۽ کيس صوبي جو اهم عهديدار بڻايو ويو.

​قاضي صاحب جيل ۽ پوليس جي تشدد کان ڪڏهن به نه ڊنو. جڏهن اقتداري ڌريون چاھينديون هيون ته ون يونٽ خلاف ڪو به آواز نه اٿاري، تڏهن اليڪشن ۾ ايوب کهڙي جي مقابلي ۾ بيهڻ جو سڀ کان وڏو سياسي جرئت جو مظاهرو قاضي فيض محمد ڪيو.

​ان وقت جو حڪومتي مشينريءَ کيس فارم ڀرڻ کان روڪڻ لاءِ کيس اغوا ڪيو، کيس جهنگلن ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ جهلي جيل موڪليو ويو، پر هو جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هن ثابت ڪيو ته اصولن تان هٽڻ کان بهتر آهي ته جيل جون سختيون برداشت ڪيون وڃن.

​​قاضي فيض محمد جي پوري سوانح اسان کي هيءُ درس ڏئي ٿي ته سچي سياست جاگيرداري تحفظ يا اقتداري ڪرسيءَ جي حاصلات نه، بلڪه پنهنجي ڌرتي، ان جي وسيلن ۽ عوام جي حقن جي پاسداري جو نالو آهي. هو پنهنجي قول ۽ فعل جو سچو اڳواڻ هو، جنهن جي بيباڪي اڄ به سنڌ جي سياسي تاريخ جي صفحن تي ترقي پسنديءَ جو مشعل بڻجي چمڪي ٿي.

______________

Qazi Sagar-TheAsiaN

قاضي ساگر صحافي آھي ۽ نوشھري فيروز ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button