No Kings in America: آمريڪا جي روڊن تي ٻيھر عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو
18 آڪٽوبر جي ڏينهن آمريڪا جي مختلف شهرن سميت يورپ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ “نو ڪنگز” نعري هيٺ مظاهرا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف تاريخي احتجاج ۾ “نو ڪنگز” جي نعري هيٺ لڳ ڀڳ ستر لک ماڻهو روڊن تي نڪري آيا
مُشتاق ٽانوري
آمريڪا، جيڪو دنيا ۾ جمهوريت، آزادي ۽ قانون جي بالادستيءَ جو علمبردار سڏجي ٿو، اُتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف تاريخي احتجاج ۾ “نو ڪنگز” جي نعري هيٺ لڳ ڀڳ ستر لک ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. 18 آڪٽوبر جي ڏينهن آمريڪا جي مختلف شهرن سميت يورپ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ “نو ڪنگز” نعري هيٺ مظاهرا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. اهي مظاهرا آمريڪا ۾ ٿيل تاريخ جي سڀ کان وڏي پرامن احتجاجن مان هڪ هئا. انهن تاريخي مظاهرن ۾ لڳ ڀڳ 70 لک کان وڌيڪ ماڻھن شرڪت ڪئي ,جيڪي 27 سئو کان وڌيڪ هنڌن تي گڏ ٿيا ۽ اهي جون ۾ ٿيل مظاهرن کان اٽڪل 20 لک وڌيڪ هئا. اهي ماڻهو اُستاد به هئا ۽ وڪيل بہ، ڪو اڳوڻو فوجي سپاهي هو، ته ڪو برطرف ٿيل سرڪاري ملازم، ٻارڙا، شاگرد ۽ رٽائرڊ بزرگ به ان احتجاج ۾ شامل هئا ۔ملڪ جي وڏن شهرن کان وٺي ننڍن ڳوٺن تائين، ماڻهو جُهنڊن جي صورت ۾ گڏ ٿيا۔ هي احتجاج لاس اينجلس , نيويارڪ ، شڪاگو، واشنگٽن ڊي سي، آسٽن، ٽيڪساس کانسواء دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ٿيو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڳاڙهين رياستن جهڙوڪ الاباما ۽ مونٽانا جهڙن هنڌن تي به احتجاج ٿيا. ڪينٽڪي ۾، جتي ٽرمپ مسلسل ٽي چونڊون کٽي چڪو آهي، اتي به ماڻهن ”نو ڪنگز، نو ڪنگز، نو ڪنگز اِن آمريڪا“ جا نعرا هنيا۔ انڊيزيبل تنظيم جي باني ايزرا ليون ۽ ليا گرين برگ بيان ۾ چيو تہ آمريڪين گڏ ٿي آمريت کي رد ڪيو ۽ دنيا کي ياد ڏياريو آھي ته هي جمهوريت عوام جي آهي، ڪنهن هڪ ماڻهو جي نه. نو ڪنگز احتجاجن کي مختلف سياسي ڌرين جي حمايت حاصل ٿي، جن ۾ اڳوڻيون صدارتي اميدوارو ڪمالا هيرس، هيلري ڪلنٽن، ترقي پسند نمائندا اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز ۽ آزاد سينيٽر برني سينڊرز شامل هئا. ڪمالا هيرس، جيڪا 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ کان هارائي چڪي آهي، ماڻهن کي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪندي چيو تہ ملڪ ۾ طاقت عوام وٽ آهي. سڀني کي گهرجي ته هو پرامن طريقي سان پنهنجي آواز بلند ڪن. واشنگٽن ڊي.سي ۾ اسٽيج تي ڳالهائيندي برني سينڊرز چيو تہ اسين هتي آهيون ڇاڪاڻ ته اسين آمريڪا سان پيار ڪريون ٿا. هي رڳو هڪ ماڻهو جي لالچ يا ڪرپشن جو مسئلو نه آهي، بلڪه انهن ارب پتين جو مسئلو آهي جن وٽ ايتري دولت آهي جو انهن اسان جي معيشت ۽ سياسي نظام تي قبضو ڪري ورتو آهي. مشهور ٽي وي شخصيت بل ناءِ دي سائنس گاءِ پڻ ڊي.سي جي مظاهري ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن ٽرمپ انتظاميه پاران سائنسدانن سان ناروا سلوڪ تي افسوس جو اظهار ڪيو، خاص طور تي صحت کاتي ۾ ٿيل وڏي پيماني تي بجيٽ ڪٽوتين جي مخالفت ڪئي. هڪ عورت، جيڪا پنهنجي ٻار سان گڏ مظاهري ۾ شريڪ ٿي، ٻڌايو ته هوءَ يهودي آهي ۽ ننڍپڻ کان فاشزم جي مخالفت ڪندي آئي آهي، هاڻ هتي اها صورتحال ڏسي دل ٽٽي پئي آهي. هي منهنجي روح تي حملو آهي. پٽسبرگ جي 17 ورهين جي لِبي سمٿ چيو ته جيڪڏهن اسان احتجاج نه ڪبو ته آواز ڪير ٻڌندو؟ پورٽلينڊ ۾ استادن، والدين ۽ ٻارن به شرڪت ڪئي۔ هڪ استاد چيوته ڏيکارڻو آهي ته هي شهر پرامن آهي، جنگ جو ميدان نه۔ سڄي ملڪ ۾ ماڻهن پنهنجي شڪايتن جي لسٽن جو ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ ٽيريف پاليسي، عورتن جي حقن ۾ گهٽتائي، ۽ نسلي برابريءَ وارن ادارن جي بندش کي موضوع بڻايو ويو. واشنگٽن ۾ ٻارن ۽ خاندانن جي وڏي شرڪت هئي۔ هارورڊ ۽ ڪنٽيڪٽ يونيورسٽيءَ جي ماهر جيرمي پريسمن موجب ٽرمپ جي سخت پاليسين تي ردعمل هاڻي وڌيڪ تيز ٿي رهيو آهي۔ ميمفس ۾ هڪ ميڊيڪل منتظم چيو ته هر هڪ کي لڳندو آهي ته سندس آواز ننڍو آهي، پر اڄ ڏٺو ته ماڻهو ڪيترا پرجوش آهن۔ نيويارڪ ۾ ٻن ڀينرن چيو: ته شايد احتجاج سڀ ڪجهه نه بدلي، پر چُپ نٿ ٿو ويهي سگهجي. رستو ڪهڙو آهي؟ بس اهو ئي جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي. برسات جي باوجود ڊلاس ۾ ماڻهن ”نو ڪنگز“ جي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، ڪن جي هٿن ۾ ”وي دي پيپل“ جا بينر هئا۔ سالٽ ليڪ سٽي احتجاج ۾ شامل وڪيل ڪرس شارمن جو چوڻ هو ته پاليسين تي بحث ڪري سگھجي ٿو، پر ان جي قيمت انسان نه هجڻ گھرجي.
صدر ٽرمپ جي آمراڻي حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ روڊن تي سندس آمراڻن فيصلن خلاف سخت نعري بازي ڪري رهيا هئا. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ اهي آئين سان وفاداري جو اظھار ڪري رهيا هئا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت پاران آمراڻن فيصلن ,اميگريشن پاليسين ۽ بنيادي جمهوري قدرن تي حملن خلاف آواز اٿارڻ ضروري هو. انهن جو مطالبو هو ته پهرين ترميمي حقن ,اظھار جي آزادي , پريس جي آزادي ,احتجاج جي آزادي جي تحفظ لاء قدم کنيا وڃن . احتجاجي ريلين ۽ مظاهرن دوران تقريرون ڪيون ويون، موسيقي جون ڌنون وڄائي احتجاج ڪيو ويو . مظاهرن ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن هالووين جا ڪپڙا پائي صدر ٽرمپ خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا. انهن احتجاجن ۾ آمريڪا جي آئين تحت ڏنل حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪي مظاهرين جي خيال ۾ ٽرمپ انتظاميا پاران خطري ۾ آهن. مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ رنگين پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي مختلف قسمن جا نعرا لکيل هئا.

نو ڪنگز مظاهرا آمريڪا جي تازي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ جي حيثيت رکن ٿا. مظاهرين جو چوڻ هو ته هي تحريڪ عوام جي ان لاڳيتو جدوجهد جو حصو آهي، جيڪا جمهوريت، انصاف، آزادي ۽ انساني وقار لاءِ آهي. مظاهرو ڪندڙ ان عزم کي ورجائي رهيا هئا ته ڪنهن به سماج ۾ شهري سجاڳي ۽ اتحاد ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. آمريڪا جي تاريخ ۾ ٿيل “نو ڪنگز” مظاهرا صرف هڪ احتجاج نه، پر هڪ پڪار هئي . اهڙا احتجاج دنيا جي هر ڪنڊ ۾ انهن ماڻهن لاءِ حوصلي جو ذريعو بڻجي رهيا آهن، جيڪي ظلم، آمرانه رويي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف بيهڻ چاهين ٿا. انهن مظاهرن کي خطاب ڪندڙن جو چوڻ هو ته آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل نوڪنگز تحريڪ آمريڪا ۾ وڌندڙ آمراڻي طرز حڪمراني، آئين جي پائمالي ۽ اظهار جي آزادي تي ٿيندڙ حملي خلاف هڪ اهم ۽ اثرائتي مزاحمت آهي، جيڪا شايد ايندڙ مڊ ٽرم چونڊن تي به اثر ڇڏيندي. ان سان گڏو گڏ ان سوال کي به هٿي ملي آهي ته ڇا آمريڪي جمهوريت خطري ۾ آهي؟ ۽ عوام جو اهو ردعمل هڪ نئين تبديليءَ جي شروعات ته ناهي؟ “نو ڪنگز” تحريڪ لاء سياسي ۽ انساني حقنجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته هي صرف هڪ نعرو ناهي، پر آمريڪي سياست ۾ عوامي شعور جي بيداري جو نئون باب آهي ـ اهڙو باب جيڪو اقتدار جي مرڪز کي ياد ڏياري ٿو ته آمريڪا عوام جو ملڪ آهي، بادشاهن جو نه! صدر ٽرمپ خلاف نڪتل انهن مظاهرن ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽرن ۽ نمائندن پڻ شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيون، جن ۾ چيو ويو ته آمريڪا ڪنهن بادشاهه لاءِ ناهي، پر ماڻهن جي لاءِ آهي. آمريڪا ۾ ٿيل اهي مظاهرا عالمي ,علائقائي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمس انسٽا گرام، يوٽيوب،ٽڪ ٽوڪ ۽ ٽئيٽر تي احتجاج جون تصويرن ۽ ويڊيوز سان نو ڪنگز ٽرينڊ ٽاپ تي رهيو. نو ڪنگز تحريڪ آمريڪي سياسي ۽ شهري شعور جو زنده مثال آهي. هي رڳو صدر ٽرمپ خلاف نه پر هر ان طرزِ حڪمراني خلاف احتجاج هو جتي فرد واحد ادارن ۽ عوامي راءِ کي لتاڙي آمراڻو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو. اهڙين تحريڪن جو اهم پيغام آهي ته جمهوريت صرف ووٽ نه پر سوال، احتساب ۽ آزاديءَ جو نالو آهي. صدر ٽرمپ هن احتجاج بابت گهڻو ڪجهه نه چيو، پر مختصر تبصرو ڪيو تہ هو چون ٿا ته مان بادشاهه آهيان. مان بادشاهه نه آهيان. هڪ صحافي وائيٽ ھائوس جي ذميوار کان پڇيو ته وائٽ هائوس جو ردعمل ڇا آهي، ته ترجمان مختصر جواب ڏنو ته ڪنهن کي ڪا پرواھ ناهي.
__________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو



