Editor's pickMain Slideماحول

سونامي  ڪيئن ٿي پيدا ٿئي ۽ انھيءَ کان ڪيئن بچجي؟

سونامي جهڙين خطرناڪ قدرتي آفتن کي روڪڻ ناممڪن آهي، پر بهترين حڪمت عملين ۽ اڳواٽ خبرداريءَ ذريعي جاني نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو.

سال 2004 ۾ ٿائلينڊ ۾ آيل سوناميءَ جو منظر (وڪيپيڊيا)

ڊاڪٽر حسن حميدھ

ڪيل، جرمني: سونامي جي پيدائش ۾ اهم سوال ھيءُ آھي تہ ساحلي علائقا خطري ۾ ڇو آهن.  سونامي اڪثر سمنڊ جي اندر گهڻو پري شروع ٿيندي آهي ۽ منٽن يا ڪلاڪن بعد ساحلي علائقن کي تباهه ڪري سگهي ٿي. ڪڏھن تہ پنهنجي مرڪز کان هزارين ڪلوميٽر پري به تباھي آڻي سگھي ٿي .

پاڻيءَ جون اهي وڏيون لھرون زمين تي سڀ کان خطرناڪ قدرتي آفتن مان آهن. پئسفڪ ۽ هندي سمنڊن جي چوڌاري علائقا خاص طور تي خطري جي زد ۾ آهن، پر ميڊيٽرينين ۽ ڪيريبين کي پڻ سوناميءَ جو خطرو رھي ٿو.

تنهن ڪري اهم سوال صرف اهو ناهي ته سونامي ڪيتري طاقتور ٿي سگهي ٿي، پر اهو پڻ آهي ته ساحلي پٽي ڪيتري قدر تيار آهي.

لفظ “سونامي” جپاني ٻوليءَ مان ورتل آهي ۽ عام طور تي ان جو ترجمو “بندرگاهه واري لهر” طور ڪيو ويندو آهي. طبعي لحاظ کان، جيتوڻيڪ، سونامي ڪا هڪڙي لهر ناهي پر عام طور تي وڏي مقدار ۾ پاڻي جي اوچتي بي ترتيبيءَ سبب پيدا ٿيندڙ ڊگهي عرصي وارين لهرن جو هڪ سلسلو آهي جڏهن سمنڊ جي هيٺان ڪو زلزلو اچڻ سان سامونڊي تَھ اوچتو مٿي يا هيٺ ٿي ويندو آهي.

عام طوفان سان پيدا ٿيندڙ لهرن جي برعڪس، سوناميءَ ۾ پاڻيءَ جو پورو تھ  پنهنجي گهڻي گهرائيءَ کان حرڪت ڪندو آهي.

سمنڊ جي اونھائيءَ ۾، سونامي مشڪل سان ئي محسوس ٿيندي آهي، جنهن جي لهر جي اوچائي هڪ ميٽر کان به گهٽ هوندي آهي ۽ ان جي موج جي ڊيگهه سوين ڪلوميٽرن تائين پکڙيل هوندي آهي، پر اها پاڻيءَ جي گهرائيءَ جي لحاظ کان 700 ڪلوميٽر في ڪلوميٽر کان وڌيڪ رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿي.

جيئن ئي سونامي گھٽ اونھائيءَ واري پاڻيءَ ۾ داخل ٿئي ٿي، اها آهستي ٿي وڃي ٿي جڏهن ته ان جي توانائي ساڳي رهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ موج جي ڊيگهه ننڍي ٿي وڃي ٿي ۽ لهر جي اوچائي ڊرامائي انداز ۾ وڌي وڃي ٿي. ساحل جي ويجهو، پاڻي ڪيترائي ميٽر مٿي چڙهي سگهي ٿو – يا، غير معمولي حالتن ۾، ان کان به گهڻو مٿي.

سڀ کان وڌيڪ سوناميءَ جو خطرو سبڊڪشن زونز (Subduction zones) جي ويجهو هوندو آهي، جتي ٽيڪٽونڪ پليٽون ملن ٿيون ۽ وڏو دٻاءُ جمع ٿيندو آهي، جتي اوچتو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ سامونڊي تھ جي عمودي حرڪت ٿئي.

دنيا جي اهم ترين سونامي جي خطري وارن علائقن مان هڪ انڊونيشيا، جپان، اولهه ڏکڻ آمريڪا، ۽ هندي سمنڊ جي حصن سان گڏ آھن. ميڊيٽرينين ۽ ڪيريبين پڻ زلزلن، سمنڊ اندر لينڊ سلائيڊنگ، يا آتش فشان جي ڦاٽڻ سبب پيدا ٿيندڙ سوناميءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. سونامي جي پيدائش زلزلي جي گهرائي، جڳهه، فالٽ جي سائيز، ۽ ڪافي عمودي سامونڊي تھ جي حرڪت تي منحصر آهي.

هندي سمنڊ جي سونامي (2004): سوماترا جي ويجهو سمنڊ جي اندر هڪ زلزلي (Mw ~9.1) وڏين لهرن کي پيدا ڪيو جنهن هندي سمنڊ جي چوڌاري ساحلي پٽين کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو، جنهن ۾ 227,000 کان وڌيڪ ماڻهو مئا يا گم ٿي ويا.

توهوڪو زلزلو ۽ سونامي، جاپان (2011): هڪ Mw ~9.0 زلزلي انتهائي خطرناڪ لهرون پيدا ڪيون، جنھن جي نتيجي ۾ اٽڪل 18,500 موت ٿيا ۽ فوڪوشيما دائيچي نيوڪليئر حادثو رونما ٿيو.

ڪراڪاتوا جو ڦاٽڻ (1883): آتش فشان سبب پيدا ٿيندڙ سونامي 36,000 کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگي ختم ڪئي.

انسان لهر کي روڪي نٿا سگهن پر اهي نقصان کي گهٽائي سگهن ٿا. ڳتيل ساحلي ترقي، نازڪ انفراسٽرڪچر سمنڊ جي بلڪل اڳيان واقع هجڻ، ۽ انھن علائقن مان نڪرڻ جي رستن جي کوٽ جاني نقصان کي تمام گهڻو وڌائي ڇڏيندي آهي. ان کان علاوه، سمنڊ جي سطح جي واڌ سونامي جي لهرن کي زمين اندر وڌيڪ اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿي. جڏهن ته قدرتي ساحلي ماحولياتي نظام جهڙوڪ مينگرووز ۽ دڙا مقامي طور تي پاڻيءَ جي وهڪري کي گهٽ ڪري سگهن ٿا، پر اهي وڏن واقعن جي خلاف مڪمل تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهن.

ابتدائي خبرداري زندگيون بچائيندي آهي. سوناميءَ جي ايمرجنسيءَ ۾ وقت سڀ کان قيمتي وسيلو آهي. عالمي زلزلي ماپيندڙ منٽن اندر سمنڊ جي اندر زلزلن جو پتو لڳائين ٿا، جڏهن ته سمنڊ جا اندروني آلات (جيئن ڊارٽ سسٽم) سونامي جي پيدائش جي تصديق لاءِ پاڻي جي دٻاءَ جي تبديلين کي ماپيندا آهن.

خبرداريون تڏهن ئي ڪارائتيون آهن جڏهن اهي وقت تي ماڻهن تائين پهچن. ڀڄي جان بچائڻ جا منصوبا، نشان لڳل فرار جا رستا، اوچي زمين وارا گڏ ٿيڻ جا هنڌ، باقاعده مشقون (ڊرلز)، ۽ عمودي عمارتون زندگيون بچائڻ لاءِ اهم آهن.

سمنڊ اهڙيون طاقتون پيدا ڪرڻ جاري رکندو جيڪي انساني ضابطي کان ٻاهر آهن، پر سماج پنهنجي تياري کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا. بهتر نگراني، قابل اعتماد خبرداري وارا سسٽم، سمجھدار ساحلي منصوبابندي، ۽ ڀڄي نڪرڻ جا اثرائتا طريقا انساني نقصان کي ڊرامائي انداز ۾ گهٽ ڪري سگهن ٿا. مقصد سامونڊي لھرن کي روڪڻ نه، پر اهو يقيني بڻائڻ آهي ته جڏهن اهي اچن ته ماڻهو ان جي رستي کان پري هجن.

____________

Dr-Hassan-Humeida-310x330

ڊاڪٽر حسن حميدھ، جرمني

ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button