Editor's pickاوڀر ايشياڏکڻ ايشياڪالم

ڳالھيون پاڻ پڏائيندڙ خود پرستن ۽ ٻين خلاف سندن بڇيل ”اڏامندڙ ڀولڙن“ جون

اڏامندڙ باندر يا  ڀولڙا (Flying Monkeys) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي جيڪي ڪنهن ٻئي جي طرفان مخالف خلاف ڪم ڪندا آهن. اهي بڇيل ڀولڙا يا ٻولڙيا اڪثر ڪري ڪنهن کي تنگ ڪرڻ، ضابطي ۾ آڻڻ يا اثرانداز ٿيڻ لاءِ سرگرم هوندا آهن. اهي ڪنهن ماڻهو يا خودپسند شخص جا بڇيل ڀولڙا يا ٻولڙيا ڪنهن کي ذهني دٻاءُ ۾ آڻي يا نفسياتي ۾ آڻي بڇيل ماڻهو جي طابع بڻائڻ ۾ رُڌل ھوند آهن.

خودپرست ماڻھو. مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

ليکڪ: عزيز ڪنگراڻي

خود پرست، خود پسند، پاڻ کي عقل ڪُل، مڪمل سمجهندڙ يا پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو (Narcissist) بنيادي طور نفسياتي مريض شخص هوندو آهي. خودپرستي يا خودپسندي اهڙو نفسياتي مرض آهي جيڪو ڪنهن هڪ سبب جي ڪري نه وچڙندو آهي. ان جا ڪيئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. خود پرستي (Narcissism) جو مرض عام طور تي شخصيت جي خاصيتن، پرورش ۽ زندگي جي تجربن جي نچوڙ يا نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ڪنهن شخص جي ذهن ۾ خود پرستي يا خودپسندي واري سوچ انتها کي ڇُهي ٿي تڏهن ان جي خودپرستي واري شخصيت جي بيماري (Narcissistic Personality Disorder) طور تشخيص ڪئي وڃي ٿي، ليڪن اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته کوڙ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي انهيءَ  بيماري جو شڪار نه هئڻ جي باوجود به انهن ۾ خودپرستي واريون هاڪاري خاصيتون محسوس ٿينديون آهن. اهڙا ماڻهو هاڪاري خوداعتماد هوندا آهن. جڏهن ته جڏهن ته خودپسند شخص ناڪاري خوداعتمادي جو شڪار هوندو آهي. خودپرستي يا خودپسندي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا ڪجھ هيٺ ڏنل اهم سبب ٿي سگهن ٿا.

منتشر ٻالڪپڻ: ابتدائي ٻالڪپڻ ۾

ڪنهن فرد جي پرورش وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. ننڍپڻ جي پرورش ۾ انتشار يا کوٽ جا هيٺيان نُڪتا ذهن نشين ڪرڻ جوڳا آهن.

(الف) ننڍپڻ ۾ حد کان وڌيڪ ساراھ يا اهميت ڏيڻ: مسلسل کيس ٻڌائڻ ته هو ٻين کان وڌيڪ خاص يا بهتر آهي. اها ساراھ منجهس خود پرستي يا خودپسندي جي اهميت کي وڌائي سگهي ٿو.

(ب) سخت تنقيد يا لاپرواهي: ٻالڪپڻ ۾ مناسب يا متوازن  روش جي ابتڙ ڪنهن فرد کي محبت جي کوٽ جو احساس ٿيڻ، کيس نظر انداز ڪرڻ يا مٿس هروقت تنقيد ٿيڻ سان ٻالڪپڻ ۾ ماڻهو جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿي جنهن ڪري اڳتي هلي پنهنجي عزت نفس بچائڻ لاءِ “مان ئي آهيان” جو کاڄ ٿي سگهي ٿو.

(ج) غير مستقل پرورش: فرد جي ڪڏهن ساراھ ۽ ڪڏهن تنقيد ڪرڻ سان منجهس عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ سندس ذهن ۾ ان جي تصديق جو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ساراھ جوڳو آهيان يا تنقيد لائق؟ ايئن تنقيد کان باغي ٿئي ٿو.

شخصيت ۽ مزاج

۾ ڪجھ ماڻهو فطري طور تي، وڌيڪ ڌيان حاصل ڪرڻ جي سوچ رکندڙ، تنقيد کان حساس يا لهرائيندڙ ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ وقت پنهنجي حيثيت گهٽ هئڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آهن. اهي خاصيتون وقت گذرڻ سان خودپرستي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون.

دفاعي طريقو (Defense Mechanism)

خودپرستي يا خودپسندي وارو رويو فرد ۾ اندروني عدم تحفظ يا شرمندگي لڪائڻ، پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ کان بچائڻ ۽ رشتن تي ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ خودپسندي کي اڪثر هڪ ڍال طور ڪم آڻي ٿو. تنهنڪري جيڪو منجهس ظاهر اعتماد نظر ايندو آهي، سو سندس اندران ان جي بلڪل ابتڙ ۽ کوکلو هوندو آهي.

سماجي ۽ ثقافتي اثر

هاڻوڪي دور ۾ ماحول به خودپرستي کي وڌائي سگهن ٿا. مثال طور، ادبي يا سماجي حلقن ۾ سکڻي ساراھ، سوشل ميڊيا تي  لائيڪس، فالورز، ڪمينٽس ذريعي اهميت جي تصديق، اهڙا لاڙا جيڪي ڪاميابي، حيثيت ۽ ڏيک يا اتم هئڻ جو احساس پيدا ڪن ۽ ٻين سان ڀيٽ ڪندي کيس اعلي هئڻ واري  منجهس سوچ اُڀارن. جنهن سان خودپسند پاڻ کي وڌائي ڏيکارڻ سان يا خالي مُزرا ملڻ واري عمل کي ڪاميابي سمجهي ته اهڙا ماحول پڻ خودپرستي جو اهم ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.

لا شعور ۾ گَھر ڪري ويل صدمو يا احساساتي چوٽ جن ۾ ٻالڪپڻ جا صدما، رد ٿيڻ يا نظر انداز ٿيڻ يا نظر انداز ڪيو وڃڻ ۽ ذلت آميز روش جهڙيون ڳالهيون پڻ ماڻهو کي پنهنجي اهميت وڌائي پيش ڪرڻ يا ساراھ جي بُک ۽ خودپرستي جي ڌُٻڻ طرف ڌڪي سگهن ٿيون.

دماغي ۽ نفسياتي عنصرن جي حوالي سان

تحقيق واضح ڪري ٿي ته ذهن سان سلهاڙيل مامرا، خاص طور ٻين جي ڀيٽ ۾ اتم هئڻ نه هئڻ جو فرق محسوس ڪرڻ، جهڙوڪ: ڪيل ڪم ۾ ذهانت سان لاڳاپيل همدردي (ساراھ) يا مڃتا جو فرق، عزت نفس تا ضابطي ۾ ڏکيائي يا فرق، پاڻ ۽ ٻين بابت بگڙيل تصور (مان اُتم ٻيا گهٽ) وارو فرق به خودپرستي جو ممڪن ڪارڻ آهن.  خود پرست وٽ حقيقي خود اعتمادي (Real self confidence)  نه پر ڪمزور يا غير ضروري يا اضافي (Over self confidence) هوندو آهي ته ٻين سڀني کان مان صحيح ۽ اتم آهيان.

سوال اڀرن ٿا ته ڪيئن سڃاڻجي؟ ڪيئن لَکائجي؟ يا خودپرستي (Narcissism) ۽ صحتمند اعتماد (Healthy Confidence) ۾ فرق ڪيئن سمجهجي؟

خودپرستي يا خودپسندي وارن ماڻهن جون حقيقي ۽ عملي زندگيءَ ۾ نشانيون ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون؟ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ مضبوط خودپرستي جون خاصيتون (Narcissistic Personality Disorder) هجن سي عام طور تي هيٺين ريت سڃاڻي سگهجن ٿيون.

تعريف جي گهرج: خود پرست يا خودپسند شخص کي هميشه تعريف جي ضرورت پوندي آهي. کيس هميشه صحيح هئڻ جي تصديق جي گهرج يا ان ڏانهن ڌيان چاهيندو آهي. جيڪڏهن ڌيان يا توجھ جو مرڪزِ نه ٿو رهي ته پريشان يا ناراض ٿي وڃي ٿو.

همدردي جي کوٽ: خودپرست ٻين جي احساسن کي سمجهڻ يا خيال ڪرڻ ۾ ڏکيائي يا تڪليف محسوس ڪندو. مطلب ٻين سان سندس ڪا همدردي نه هوندس. ٻين جي ساراھ تي ارهو ٿيندو آهي. ٻين جي جذبن کي نظر انداز ڪندي رد ڪري سگهي ٿو

برتري جو احساس: خود پرست يا خودپسند پاڻ کي ٻين کان بهتر، وڌيڪ هوشيار يا اهم سمجهي ٿو ۽ ٻين کي گهٽ سمجهي يا سندن باري ۾ حقارت سان ڳالهائي ٿو. ٻين جي حقيقي حيثيت کي رد ڪري ڇڏي ٿو يا ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهي.

هٿ چراند وارو رويو (Manipulative):

خودپرست يا خودپسند پنهنجو مطلب ڪڍڻ لاءِ ٻئي کي غلطي يا ڏوھ جو احساس ڏياري يا دلڪشي ظاهر ڪري ٿو يا دٻاءُ استعمال ڪري ٿو. هيءُ حالتن کي موڙي پاڻ کي سٺو ۽ ساڌ پاڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

ڪمزور سهپ يا انا:  خودپسند وٽ سهپ گهٽ انا وڌيڪ هوندي آهي خودپرست تنقيد تي تپِي يا تيز ٿي ويندو آهي. يعني ردعمل ۾ ڪاوڙ، انڪار، الزام تراشي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس اندروني طور تي خوداعتمادي غير مستحڪم هوندي آهي. وٽس حقيقي خود اعتمادي هرگز نه هوندي آهي.

مٿين ڳالهين کي مجموعي طور هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته خودپرستي يا خودپسندي واري خود اعتمادي ۽ حقيقي خود اعتمادي ۾ فرق اهو به آهي ته حقيقي يا هاڪاري خوداعتمادي صحتمند اعتماد واري خاصيت آهي پر خود پرستي واري ناڪاري ۽ کوکلي خود اعتمادي هوندي آهي ۽ خودپرست وٽ صرف پاڻ بابت خيال هوندو آهي. خود اعتمادي حقيقت پسند جڏهن ته خودپرستي وڌاءُ تي مبني ۽ ڪمزور هوندي آهي. خودپرست جي پاڻ کان سواءِ ڪنهن سان به همدري نه هوندي آهي. خودپرست تنقيد برداشت نه ڪندو آهي. کيس ساراھ ئي پسند هوندي آهي. سندس سماجي لاڳاپا مفاد سان ڳنڍيل هوندا آهن. حقيقت پسند پاڻ سان گڏ ٻين کي به سٺو سمجهندو آهي پر خودپسند صرف پاڻ کي ئي بهتر سمجهندو آهي.

خودپسندي  واري ماڻهو سان ڪيئن نڀائجي؟

ساڻس واضح حدون مقرر ڪجن.

صاف ٻڌائجيس ته ڇا قبول آهي ۽ ڇا نه. کيس بار بار سمجهائڻ يا جواز ڏيڻ کان پاسو ڪجي.

انهن جي انا کي نه وڌائجي.ضرورت کان وڌيڪ تعريف يا ڪنهن غلط عمل جي درست هجڻ جي تصديق نه ڪجي.اهي ڌيان حاصل ڪرڻ چاهن ته ان وقت غير جانبدار رهجي.

ساڻس جذباتي ردعمل گهٽ رکجي. اهڙا ماڻهو اڪثر ردعمل مان فائدو وٺن ٿا. سو پرسڪون رهجي ۽ سندن چالبازي ۾ نه ڦاسجي.

انهن کي “ٺيڪ” ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ڇاڪاڻ ته ڪُهني خودپسندي کي بدلائڻ ڏکيو هوندو آهي.

پنهنجي ذهني صحت جي حفاظت ڪجي.

ضروري هجي ته کانئس فاصلو اختيار ڪجي.

اڏامندڙ ڀولڙا (Flying Monkeys)

ڪنهن ماڻهو خاص طور تي خودپسند يا خودپرست ماڻهو جا به واٺا، ٻولڙيا يا لاٺڙيا هوندا آهن جن کي اڏامندڙ باندر چئي سگهجي ٿو. دراصل، اڏامندڙ باندر يا  ڀولڙا (Flying Monkeys) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي جيڪي ڪنهن ٻئي جي طرفان مخالف خلاف ڪم ڪندا آهن. اهي بڇيل ڀولڙا يا ٻولڙيا اڪثر ڪري ڪنهن کي تنگ ڪرڻ، ضابطي ۾ آڻڻ يا اثرانداز ٿيڻ لاءِ سرگرم هوندا آهن. اهي ڪنهن ماڻهو يا خودپسند شخص جا بڇيل ڀولڙا يا ٻولڙيا ڪنهن کي ذهني دٻاءُ ۾ آڻي يا نفسياتي ۾ آڻي بڇيل ماڻهو جي طابع بڻائڻ ۾ رُڌل ھوند آهن. هيءُ اصطلاح فلم The Wizard of Oz مان ورتل آهي، جنهن ۾ هڪ شرارتي جادوگرياڻي يا ڏائڻ، اڏامندڙ ڀولڙن يا باندرن کي  بڇي پنهنجا ڪم ڪرائڻ لاءِ موڪليندي هئي.

هاڻوڪي دور ۾ اهو اصطلاح نفسيات سان گڏ گندي ذهنيت وارن انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيڪي ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي عمل ڪن ٿا. اهي ڪنهن خوددار ۽ شريف شخص خلاف افواھ، دٻاءُ يا گناھ جو احساس يا سوچ  ڦهلائن ٿا. اهي ٻولڙيا ڪنهن جي ڪردار ڪشي لاءِ پيغام رسائيندڙ، جاسوس يا عمل ڪرائيندڙ طور ڪم ڪن ٿا.

اهو اصطلاح گهڻو ڪري اهڙن حالتن ۾ استعمال ٿيندو آهي جتي ڪو شخص خودپسندي سوچ وارو (Narcissistic) يا ضابطو ڪندڙ يا منتظم هجي، جيڪو سڌي طرح مقابلو ڪرڻ بدران ٻين ماڻهن کي استعمال ڪري پنهنجي اثر کي برقرار رکڻ يا ڪنهن تي نفسياتي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ضابطو ڪندڙ شخص سان لاڳاپو ختم ڪري ڇڏي ۽ اوچتو گڏيل دوست ان کي هڪ طرفي معلومات جي بنياد تي تنقيد يا دٻاءُ وجهڻ لڳن، ته انهن دوستن کي اُڏامندڙ ڀولڙا ٻين لفظن ۾ ٻولڙيا يا ڇاڙتا سڏي سگهجي ٿو. سندن ڪم ئي ڪنهن خوددار خلاف پريشاني وارو ماحول جوڙڻ هوندو آهي ته جيئن خوددار منتظم يا خودپسند آڏوجهُڪي ۽ هاءُ ۾ هاءُ ملائي. جڏهن خوددار شخص مضبوط اعصابن وارو هوندو آهي ته جهُڪڻ بجاءِ پُرسڪون ۽ پُراعتماد رهي ٿو ته اٽلندو انهن ۾ شڪست جي احساس جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ کوڙ خودپرست يا خودپسند ۽ اڏامندڙ ڀولڙا آيا ۽ ناڪامي جو احساس پنهنجي پلاند ۾ ٻَڌَندا رهيا.

_________________

Aziz-Kingrani-TheAsiaN-1

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button