سنڌ جي تھذيب ڪنھن سرمائيدار جي نہ پر ھارين، نارين ۽ پورھيتن جي جوڙيل آھي
سنڌ جي سيڪيولر اديب ۽ شاعر ايوب کوسي سان رھاڻ ۽ سندس آتم ڪٿا واري ڪتاب ”تاريخ جو ٻاريل ماڻھو“ جو جائزو
ايوب کوسي سموري زندگي سچائي ۽ نھٺائيءَ سان گذاري ۽ سدائين سچ جو ساٿ ڏنو. سندس سفر جا ساٿي بہ ھاري ۽ مزدور طبقي جا ماڻهو آھن. ھُن بيروزگاريءَ ۾ ٻڪريون بہ چاريون تہ ٻنين ۾ بہ پورھيو ڪيو
فاروق سرگاڻي
ڪراچيءَ جي مصروف زندگيءَ کان بيزار ٿي سوچيوسين تہ ڪنهن ڳوٺ جو رُخ ڪجي، فطرت جي ويجھو وڃي زندگيءَ جا رنگ ڏسجن، وڻن ھيٺان ويهي ڪچريون ڪجن. اھو سوچي مون ۽ منهنجي دوست محمد حنيف ٻرڙي جُھڏي ڏانھن رُخ رکيوجتي حنيف جي اسڪول جو دوست ضمير جوڻيجو موجود ھو. صبح جا منظر ڏسي دل خوش ٿي وئي. ڇا تہ موسم ھئي ۽ منظر ھئا. ھاري ناري ٻنين ۾ مصروف ھئا، تيز ھوا گُھلي پئي. اھو منظر وِسُرڻُ جهڙو نہ آھي. ان جي ڪري، اسان جا تہ ٿڪ ئي لھي پيا.
پر اسان کي تاريخ ۽ ادب جي موضوع تي ڪچھري پڻ ڪرڻي ھئي ۽ خوش نصيبيءَ سان ضمير جي اوطاق تي اھڙي ڪچھريءَ جو موقعو ملي ويو. اُتي ئي خبر پئي تہ ايوب کوسي جو ڳوٺ بہ جھڏي شھر جي ويجهو آھي. ايوب کوسي جو نمبر ملڻ تي ترت فون تي ساڻس رابطو ڪيوسين، ۽ شام ڌاري وٽس پھچي وياسين ۽ ساڻس جھڏي جي تاريخ ۽ ٻين گھڻن موضوعن تي ڪچھري ٿي. آخر ۾ ايوب کوسي پنهنجي آٿم ڪٿا جو ڪتاب ڏنو.

ايوب کوسو بنيادي طور تي شاعر ۽ نثر نويس آھي، جيڪو ڪيترن ڏھاڪن کان لکندو رھي ٿو. ايوب کوسي جي آتم ڪٿا “تاريخ جو ٻاريل ماڻهو” پڙھڻ شروع ڪيم تہ اندازو ٿيو تہ ھن ڪيئي وڇوڙا ڏٺا آھن پر ڪڏھن بہ مايوس ڪو نہ ٿيو آھي.
ايوب کوسي جنهن طريقي سان مثالي زندگي گذاري آھي، تنھن تي کيس فخر آھي. ھن سڄي ڄمار سخت پورھيو ڪيو آھي ۽ دنيا جي انيڪ لقائن کي باريڪ بينيءَ سان سمجهيو آھي. ھُن ھميشہ دل جي ڳالھ ٻڌي آھي. سموري زندگي سچائي ۽ نھٺائيءَ سان گذاري اٿس. سندس سفر جا ساٿي بہ ھاري ۽ مزدور طبقي جا ماڻهو آھن. سندس نظر ۾ ھر ھڪ ماڻهوءَ جي زندگي جي اھميت آھي. آٿم ڪٿا پڙھڻ سان خبر پئي تہ سندس وڏي خوبي اھا آھي تہ ھو جيڪو واعدو ڪندو آھي ان تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آھي.
ايوب ڪتابن جي مطالعي جو ڏاڍو شوقين آھي، سندس پوري زندگي ڪتابن پڙھڻ ۾ گذري آھي، ۽ حقيقت ۾ اھو ڪتابن جو عشق ھو جنهن سندس خيالن ۽ سوچن کي نئين واٽ ڏني. ھڪ ھنڌ اھو بہ لکي ٿو تہ انگريزي نہ اچڻ جي ڪري ھُو شاھوڪار انگريزي ادب پڙھي نہ سگهيو آھي.
آٿم ڪٿا ۾ ھن پنهنجي زندگيءَ جا انيڪ اھڙا قِصَا ۽ ڪهاڻيون لکيون آھن جو پڙھڻ سان ڪٿي کل ڏيارن ٿيون تہ ڪٿي وري ڏکارو ٿيون ڪن. ھن پنهنجي زندگيءَ جي ھر پَل مان ڪجھ سکيو آھي ۽ ڪي نتيجا ڪڍي ٿو. سندس پنهنجي عشق جي باري ۾ سچائيءَ سان لکيل ڳالهيون پڙھڻ جهڙيون آھن.
ھن نفيس انسان کي جڳ جهان جا ڏک پنهنجا لڳن ٿا. ھن بدبودار سماج جي سخت مخالفت ڪئي آھي. ھُو افسوس بہ ڪري ٿو تہ سندس نظمن سماج ۾ ڪا اٿل پٿل ڪونہ آندي آھي.

سندس ڪھاڻين ۽ ڳالھين جا ڪردار عام ماڻهو ۽ انهن جو نہ وِسُرڻُدر درد آھي، جيڪو پڙھڻ سان انسان کي جهِنجهوڙَي ڇڏي ٿو. واقعي اھو احساس ٿئي ٿو تہ ايوب تاريخ جو ٻاريل ماڻهو آھي.
ايوب کي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو ھو، سندس دشمن آزاد سوچ، جديد فڪر ۽ شاعري جو فن آھي، مُلن ۽ وڏن ماڻهن کان اھا ڳالھ برداشت نہ ٿي، نتيجي ۾ کيس ڦاسايو ويو. ھن سنڌ جو سندر سپنو ڏٺو ھو، اھو الائي ڪڏھن پورو ٿيندو.
ھن ڪتاب ۾ سماج ۽ تاريخ قيد آھي. ڪھڙيءَ ريت ٻھراڙيءَ جي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ڪهڙي ريت ماڻهن مان قوميت جو جذبو ختم ٿيو، پنهنجائپ ختم ٿي، ان جو چٽو داستان آھي . ان سان گڏوگڏ ھارين، نارين جو درد پڻ آھي.
ايوب بيروزگاريءَ ۾ ٻڪريون چاريون ۽ ٻنين تي پورھيو ڪيو، پر ڪڏھن بہ انهن کي حقارت جي نظر سان ڪونہ ڏٺو. ھن اڻھوند ۾ بہ ھر وقت غريبن جو ساٿ ڏنو. جھڏي شھر ۾ ھڪ واقعو ٿيو، ھڪ ڇوڪري ساحران کي نازڪ عضوي ۾ مرچ وڌا ويا. مٿس چوريءَ جو الزام ھو. سڀني کي ھيسايو ويو، پر ايوب سندرو ٻڌي لھي پيو ۽ انصاف جي آخري حد تائين نياڻيءَ سان گڏ بيٺو.
ايوب سنڌي قوم ۾ سيڪولر ۽ نظرياتي فڪر جي پٺڀرائي ڪئي آھي. ھن هميشہ تھذيب ۽ تاريخ جي حفاظت لاء جاکوڙ ڪئي آھي. ھن تاريخي ماڳ ٻرڙائي ڪوٽ جي وارثيءَ لاء آواز اٿاريو آھي. ھو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “سنڌ جي تھذيب ياد رکو تہ سرمائيدارن ڪو نہ اڏي ھئي، اھا تھذيب ھارين، نارين ۽ پورھيتن جي جوڙيل آھي.” ايوب کوسو واقعي اھو کاھوڙي ڪردار آھي، جنهن مفلسيءَ ھوندي بہ علم ادب جو در نہ ڇڏيو ۽ ڪنهن لالچ ۾ اچي قوم کي وڪڻي ڪي فائدا نہ ورتا.
_________________
فاروق سرگاڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي شعبي جو شاگرد آھي