Editor's pickMain Slideدنيا

عالمي صورتحال ۽ سنڌ: آئون نه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو

روس ۽ انڊيا آمريڪا جي ٽارگيٽ تي آھن. عالمي سطح تي ڪير ٿو هارائي ڪير ٿوکٽي اهو ايندڙ وقت فيصلو ڪندو.

تاريخي طور سنڌي سچ ۽ ڪمزور جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ پنجاپي طاقتور جي پاسي بيهندا آھن پر عالمي تاريخ جي هن موڙ تي اتفاق سان سنڌي ۽ پنجاپي هڪ رياست جا شھري آھن

 ادريس چانڊيو

ٽرمپ ۽ موديءَ جي ويڙھ ۾ مان مودي جو حامي آھيان, ڇو ته انڊيا اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي ۽ مودي دراوڙ آھي ۽ مان به دراوڙ آھيان.

انڊيا آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پهريون نمبر ملڪ آھي, دنيا جي وڏي جمهوريت ۽ چوٿين عالمي معيشت آھي. انڊيا آمريڪا سان واپار جي مد ۾ ساليانو چاليه ارب ڊالر ڪمائيندو آھي. آمريڪا جو معاشرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مارڪيٽ آھي. آمريڪا جي ماڻھن وٽ خريداري جي سگهه تمام وڏي آھي ۽ 37 ٽرلين ارب ڊالر جو مارڪيٽ دنيا جي ملڪن لاء وڏي ڪشش جو مرڪز آھي.

انڊيا وٽ هڪ پاسي وڏي آمريڪي مارڪيٽ, ٻئي پاسي روس سان تاريخي دوستي ۽ ٽئين پاسي پنهنجا قومي مفاد آھن. ڪجھ عرصو اڳ مارڪيٽ ايڪاناميءَ سوشلسٽ ايڪانامي کي شڪست ڏني. سوشل ازم جي مقابلي ۾ سرمائيداري آزاد واپار جي حامي آھي. هن وقت آمريڪا جو صدر آزاد واپار خلاف سڄي دنيا سان اقتصادي جنگ جوٽي وڌي آھي. روس ۽ انڊيا آمريڪا جي ٽارگيٽ تي آھن. دنيا جي 45 سيڪڙو آبادي ۽ 32 سيڪڙو معيشت ڊالر جي هڪ هٽي جو مقابلو ڪرڻ لاء برڪس (Brics) جو محاذ جوڙي ورتو آھي. عالمي سطح تي ڪير ٿو هارائي ڪير ٿوکٽي اهو ته ايندڙ وقت فيصلو ڪندو. تاريخي طور سنڌي سچ ۽ ڪمزور جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ پنجاپي طاقتور جي پاسي بيهندا آھن پر عالمي تاريخ جي هن موڙ تي اتفاق سان سنڌي ۽ پنجاپي هڪ رياست جا شھري آھن.

_________________

ادريس چانڊيو سينئر سياسي ڪارڪن آھي. ھيءُ سندس ذاتي راءِ آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button