Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ڏيکاءُ ڪري عبادت ڪرڻ کي پسند ڪونہ ڪندا آھن

نماز مسجد يا گھر ۾ پڙھي سگھجي ٿي. مسجد ۾ نماز پڙھي ماڻھو ھليا ويندا آھن ۽ مسجد بند ڪئي ويندي آھي. عيد نماز کانپوءِ بہ ايئن ٿيندو آھي.

چين ۾ ماڻھو پيئڻ توڙي وھنجڻ لاءِ گرم يا سڄر پاڻي استعمال ڪندا آھن ڇو تہ گرم پاڻيءَ جي استعمال سان بيماريون نہ ٿينديون آھن. اھو عمل مائوزي تُنگ شروع ڪرايو ھو

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

يارھين آڪٽوبر 2024 : اڄ صبح جيئن ئي جاڳ ٿي  تہ سڄي جسم ۽ ٻانهن ۾ سور ۽ سخت ٿڪاوٽ جو احساس ٿيو، جنھن ڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس. پيٽ به ڀريل لڳو. اصل ۾ جڏهن کان هتي آيا آهيون ته وشال کارائڻ سان حد ڪري ڇڏي آهي. مختلف قسم جا فروٽ، قسمين قسمين جوس، اکروٽ، بسڪوٽ، روٽيون. چيومانس پشو هيترو سارو ڪير کائيندو ته چيائين ”ابو اوهان ٻيئي پنھنجي حالت ته ڏسو، صفا ڪمزور ٿي ويا آهيو.“ جنھن تي کلي پيس. سو انهن مان چڱو چَٻڙاٽو ڪرڻ سبب پيٽ صفا ڀرجيو وڃي، معدي جي اڳ ۾ ئي ٿوري گهڻي تڪليف اٿم. سو صفا وٺجي ويو آهيان. ٻيو ته ڪالهه ڇائويانگ اسڪوائر تي هل هلان به گهڻي ڪئيسين، سو ڄنگھن ۾ سور پيو محسوس ٿئي. تنھنڪري اڄ سڄو ڏينھن نه بک محسوس ٿي، نه وري ڪجهه کاڌم.

ٻارهين بجي وشال ۽ آءٌ گڏجي هوٽل تي وياسين ته ڇوڪرن پھرين اچي گرم پاڻيءَ جو گلاس اڳيان رکيو، جيڪو پيتم. چين ۾ ماڻهو ٿڌو پاڻي نه پيئندا آهن. يا ته گرم پيئندا يا وري نارمل. سندن چواڻي ته ٿڌو پاڻي ماڻهوءَ کي سست ۽ بيمار ٿو ڪري، گرم پاڻي پيئڻ سان نه رڳو چرٻي ڳري ٿي وڃي، پر ماڻهو ڦڙت به ٿو رهي. سندن اها ڳالھ درست به آهي. جو مون هتي اڃا تائين ڪنھن به چينيءَ جا پيٽ وڌيل نه ڏٺا آهن. ماڻهو وهنجن به گرم پاڻيءَ سان. هر گهر ۾ گرم پاڻيءَ جي لائين لڳل آهي، جتان هر وقت گرم پاڻي ايندو آهي. ڪالھ آءٌ گرم پاڻي سان وهنتس ۽ اڄ به گرم پاڻي سان وهنتس، جنھن سبب ڪنھن حد تائين ٿڪاوٽ دور ٿي ويئي.

انقلاب کان پوءِ مائوزيتنگ چين جي هيلٿ جي ماهرن جي گڏجاڻي سڏائي ۽ کين چيو ته چيني ماڻهن جي صحت بھتر بنائڻ ۽ بيمارين جي خاتمي لاءِ ڪو پلان جوڙيو. ماهرن وڏي محنت ڪري اربين ڊالرن جو هڪ پروگرام جوڙيو. ان وقت چين وٽ پئسو ڪونه هو، ۽ نه وري ٻاهريان ملڪ چين جي انقلابي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا. سو مائوزيتنگ ، ماهرن کان پُڇيو ته بيمارين جو بنيادي سبب ڪھڙو آهي. ماهرن جواب ڏنو، پاڻي…اهو صاف نه هئڻ جي ڪري بيماريون ٿين ٿيون، جنھن تي مائوزيتنگ حڪم جاري ڪيو ته ’اڄ کان چيني ماڻهو پاڻي اوٻاري گرم ڪري پيئن.‘ ان حڪم تي عمل ڪرڻ سان ڪافي بھتر نتيجا نڪتا.

جمع جو ڏينھن هئڻ ڪري وشال چيو ته نماز مسجد ۾ هلي پڙهنداسين. هڪ بجي ڌاري ٽئڪسي ڪري ’نئنگ اسلامڪ سينٽر‘ پھتاسين. جيڪو تمام وڏو ۽ پنج ماڙ هو، سينٽر جي ٻاهران حلال گوشت ۽ ٻين شين کي وڪرو ڪندڙ بيٺا هئا. اندر گهڙياسين ته وڏي هال ۾ ڪيفي ٺھيل هو، جيڪو حلال کاڌي پيتي جو هو ۽ مايون ۽ مرد اتي کائي پي رهيا هئا. ڪيفي جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳل شيلف ۾ ڪتاب رکيا هئا، جيڪي ڏاڍا خوبصورت ڇپيل ۽ سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا، اهي ڪتاب اتي ان ڪري رکيا ويا هئا ته ڪير به کڻي پڙهي سگهيو ٿي، مون نظر ڦيرائي ته سڀ کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا هئا. ڪنھن جو به ڪتاب کڻي پڙهڻ ڏانھن ڌيان نه هو ۽ نه پڙهي رهيو هو.

اسان مٿي چڙهياسين، ٻي ماڙ تي چيني زبان ۾ مسجد جي هسٽري لکيل هئي. ٽي ماڙ تي وضو خانو ۽ نماز جو هال هو. اسان وضو ڪري، وڃي مسجد هال ۾ ويٺاسين. جتي ڪيترائي چيني، افغاني، آفريقي، پاڪستاني وغيره نمازي موجود هئا. پوڙهن سان گڏ ڪافي نوجوان چيني به هئا، اتي وشال پنھنجي دوست ناصر سان تعارف ڪرايو، جنھن سان ڪچھري ڪندي مون پڇيو ته ’هي چيني مسلمان باءِ برٿ آهن، يا نوان.‘ ته چيائين هي سڀ باءِ  برٿ مسلمان آهن. نوان چيني تمام گهٽ مسلمان ٿين ٿا. هن اهو به ٻڌايو ته نماز کان پوءِ فوري طور تي هتان سڀ هليا ويندا آهن ۽ مسجد بند ڪئي ويندي آهي. عيد جي موقعن تي عيد نماز کان پوءِ پيش امام اعلان ڪندو آهي ته نماز پڙهي هٿ ملائي سڀ هليا وڃو. هتي هر سرگرمي تي نظر رکي وڃي ٿي ۽ چيني ظاهر ظھور نماز پڙهڻ يا ٻي عبادت کي پسند نه ٿا ڪن. وشال ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ دڪان ۾ ڪير نماز پڙهي رهيو هو ته هڪ چينيءَ ان جو فوٽو ڪڍي پوليس کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پوليس هڪدم پھچي ويئي ۽ ان کي ظاهر ظھور نماز پڙهڻ کان منع ڪيائون. البت گهرن ۾ پڙهڻ جي ڪابه جهل پل ڪونهي. مسجد ۾ مردن کان سواءِ عورتن جي نماز پڙهڻ جو پورشن به هو، جتي ڪيتريون ئي عورتون نماز پڙهڻ جي لاءِ آيون هيون. وشال ٻڌايو ته هو اڳ کشين کي نماز پڙهڻ جي لاءِ وٺي ايندو هو، پر نوڪري تان موڪل نه ملڻ سبب هاڻ هوءَ نه ايندي آهي. مسجد ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت هلي رهي هئي. خطبي کان اڳ ٻانگ آئي، پوءِ جن سنت نه پڙهي هئي، انهن سنت پڙهي ۽ مولويءَ خطبو ڏنو پوءِ امام نماز پڙهائي. امام چيني هو، کيس ننڍو پٽڪو ٻڌل هو ۽ پھراڻ ۽ پاجامون پاتل هئس. البت ڏاڙهي ۽ مڇيون نه هئس. مولويءَ جي قرات ڏاڍي چٽي هئي. نماز پوري ٿي ته امام دعا نه گهري. ۽ پوءِ هر ڪو باقي سنتون ۽ نفل پڙهڻ لڳو.

چين ۾ سرڪاري طور تي پڌرائي موجب مسلمانن جو تعداد  25 ملين آهي، پر ذريعن جي دعوي آهي ته ان کان وڌيڪ آهن. جو اڪثر نون ٿيندڙ مسلمانن کي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، يا هو لھرائين ٿا، جو کين حڪومت جو ڊپ هوندو آهي، خود منھنجي چينائڻ ننھن کشين مسلمان ٿي، پر هن مٿين خدشن سبب مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن نه ڪرائي آهي. منھنجي پوٽي مريم فاطمه جي به مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن ٿي نه سگهي آهي.

_____________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ ھو چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button