Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ادب جي جديد ليکڪا:شائو هونگ

شائو هونگ جو جنم 1911ع ۾ اتر اوڀر چين جي ’هيلونگ جيانگ‘ صوبي جي هڪ شاهوڪار زميندار گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيدائشي نالو ’چنگ ناين‘ هو ۽ اڃا نون سالن جي هئي جو سندس امڙ گذاري ويئي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

شاعري، ڪھاڻي ۽ ڊرامي وانگر ناول به چيني ادب جي اهم صنف آهي. چيني ٻوليءَ جا ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جن جي ڪتابن جا انگريزي سميت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪا آهن. انهن ۾ مشھور چيني ليکڪه ’شائو هونگ‘Xiao Hong or Hsiao Hung به شامل آهي.

شائو هونگ جو جنم 1911ع ۾ اتر اوڀر چين جي ’هيلونگ جيانگ‘ صوبي جي هڪ شاهوڪار زميندار گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيدائشي نالو ’چنگ ناين‘ هو ۽ اڃا نون سالن جي هئي جو سندس امڙ گذاري ويئي ۽ شائو يانگ جي ذميواري سندس سخت گير ۽ سرد مھر پيءَ تي اچي پئي، پر سندس پالنا سندس پيار ڪندڙ ڏاڏيءَ جي هٿان ٿي. جنھن کيس ڪلاسيڪي شاعري پڙهائي، شائو يانگ ’هاربن‘ جي ڀرسان ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ پنج سال تعليم پرائي. جنھن جي شروعات پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿي. چيني، روسي ۽ آمريڪي ادب پڙهڻ کان پوءِ سياسي طور تي ’لبرل‘ سوچ اختيار ڪيائين ۽ جمھوري خيالن جي حمايت ڪرڻ لڳي، پر سندس سرگرمين جي ڪري کيس اُتان ڪڍيو ويو.

سندس سخت مزاج رکندڙ پيءُ تڪڙ ۾ سندس شادي ڪرڻ ٿي گهري، ته متان هوءُ ڪُٽنب جي نالي تي ڪو ٽِڪو نه هڻي. زوري شادي کان بچڻ لاءِ ’شائو پنگ‘ پھرين ’هاربن‘ ڀڄي ويئي، جتي هوءَ هڪ پرڻيل ماستر سان رهڻ لڳي پوءِ سندس پويان بيجنگ هلي ويئي. بيجنگ ۾ سندس رهائش جي باري ۾ تفصيل نٿا ملن. ٿي سگهي ٿو ته اُتي هوءَ پنھنجي ماستر دوست کان ڌار ٿي ويئي هجي. ٻن سالن کان پوءِ هوءَ جڏهن واپس ’هاربن‘ آئي ته پيٽ سان به هئي، ته بي گهر به. هتي سندس واسطو هڪ صحافي ’شائو جون‘ سان ٿيو. جنھن کيس هاربن ۾ پنھنجو ادبي سفر شروع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1933ع ۾ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو، ’ڊگهو سفر‘ نالي سان ڇپيو. ايندڙ سال هو ٻيئي ’شيڊونگ‘ هليا ويا. جتي شائو هونگ ’زندگي ۽ موت جو ميدان‘ نالي ناول لکيو، جيڪو 1935ع ۾ شنگهائيءَ مان ڇپيو. جيتوڻيڪ شائو يانگ ڪيترن ئي قلمي نالن سان لکيو، پر هوءَ ”شائو يانگ“ جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳي. سندس ناول ”زندگي ۽ موت جو ميدان“ جيڪو جاپاني والار جي دوران اتر اوڀر چين جي زندگي بيان ٿو ڪري، شائو يانگ جي ڳوٺاڻي پرورش ۽ جاپاني جارحيت جي اڳيان سندس چيني حب الوطنيءَ جي عڪاسي ٿو ڪري، نِقادن ان ناول جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ ان ناول شائو هونگ کي شنگهائي ۾ هڪ مشھور شخصيت بنائي ڇڏيو. 1936ع ۾ سندس ٻيو نالو ”گهٽيءَ واري بازار“  ڇپيو. انهن ڏينھن جاپاني حملي جي  خلاف چيني جدوجھد جاري هئي. شائو هونگ ۽ شائو جون کي شنگهائي ڇڏي ’چونگ چنگ‘ ۾ آباد ٿيڻو پيو. جتي شائو هونگ هڪ اديب ’هوفينگ‘ سان گڏجي کاٻي ڌر جو هڪ رسالو Qu-yne جاري ڪيو.

’شائو جون‘ سان سندس 1936ع ۾ لاڳاپو ختم ٿي ويو ۽ هوءَ هڪ اديب ’ڊينمو هونگيانگ‘ سان هانگ ڪانگ هلي آئي، جنھن سان پرڻو ڪيائين. صحت جي خرابي جي هوندي به شائو هونگ لکڻ جاري رکيو. هن پنھنجي دوست ۽ سرپرست ’لوهسون‘ جي ياد ۾ هڪ ناول ”قوم جو روح“ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو 1940ع ۾ ڇپيو. اڳتي هن پنھنجو مشھور ناول “هولن دريا جون ڪھاڻيون“ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪنھن حد تائين سندس پنھنجي جيون ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هُن پنھنجي اُداس ننڍپڻ کي بيان ڪيو آهي.

شاعراڻي ۽ تاثراتي اسلوب ۾ لکيل اهو ناول اُترين اوڀر چين جي هڪ ڳوٺ جي اندرين دنيا کي بيان ڪري ٿو. ماحول جي قدرتي ۽ سماجي بيان کان مٿي ان احاطي جي تصويرن تائين، جتي ٻڌائيندڙ جي رهائش هئي. ڪھاڻيءَ کي هڪ ننڍي ٻارڙي جي اکين سان پيش ڪيو ويو آهي.

1936ع ۾ جڏهن شائو هونگ اڃا جاپان ۾ هئي ته هن اهو ناول لکڻ جو سوچيو هو ۽ ’چنگ چونگ‘ منتقل ٿيڻ کان پھرين 1937ع ۾ هن اهو لکڻ شروع ڪيو هو. جاپاني جنگ جيئن ته ’چونگ چنگ‘ تائين پکڙجي چڪي هئي ،  تنھنڪري هوءَ هانگ ڪانگ هلي آئي، جيڪو ان وقت برطانوي ڪالوني هو. هانگ ڪانگ ۾ هوءَ پنھنجي جنم هنڌ کان ڪوهين ڏور هئي، اُتي رهي هن پنھنجي اباڻي ڳوٺ کي ياد ڪندي پنھنجي زندگيءَ جو آخري ناول لکيو. هوءَ وري پنھنجي ڳوٺ وڃي نه سگهي.

1930ع واري ڏاڪي ۾ جڏهن هوءَ چين منظرنامي تي اُڀري ته چيني ليکڪن جي گهڻائي جاپاني حملي آورن خلاف جدوجھد خاطر پاڻ کي جنگي ادب لاءِ وقف ڪري چڪي هئي. تنھنڪري گهڻيون تخليقون فن جي دائري مان نڪري نعريبازي جي صنف ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. پر شائو هونگ پنھنجي منفرد تحريري انداز کي جاري رکيو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ فنڪاراڻو ۽ فيلسوفياڻو ادب تخليق ڪندي رهي.  اسان چئي سگهون ٿا ته ’شائو هونگ‘ پنھنجي وقت کان گهڻو اڳتي هئي. ان زماني ۾ کانئس ۽ سندس هم وطن ساٿي ’شياؤ جون‘ کان ”جاپان مخالف ادب“ جي اميد ڪئي ويئي هئي ۽ مٿن زور ڀريو ويو ته هوءَ به پنھنجو ادب ان خاص تناظر ۾ پيش ڪن. پر ادب ۾ جاپان مخالف پروپينگنڊه ڳولهيندڙن ۽ اڇي کي ڪارو ڪري ڏسندڙن وارن کي فطري طور تي ’شائو هونگ‘ کان مايوسي ٿي، ڇو ته شائو هونگ جو مقصد جاپان مخالف ليکڪا بنجڻ جو بنھه نه هو. ٿي سگهي ٿو ته سندس لکڻين ۾ جاپان مخالف جذبا به پيش ڪيا ويا هجن، پر اهو سندس ناولن جو رڳو هڪ ننڍو پھلو آهي.

جڏهن ”هولن دريا جون ڪھاڻيون“ منظرعام تي آيو ته مٿس ڪميونسٽ نقادن ڇتي تنقيد ڪئي، پر ماؤڊن جھڙي وڏي اديب ۽ نقاد پاران اهو ناول گهڻو ساراهيو ويو، جنھن 1946ع ۾ ناول جو مھاڳ لکيو.

اهو ناول پھرين ’هانگ ڪانگ‘ جي هڪ اخبار ۾ قسطوار ڇپجندو رهيو ۽ ان کان اڳ جو اهو ناول مڪمل ڪتابي صورت ۾ ڇپجي، بدقسمتيءَ سان 1942ع ۾ شائو هونگ گذاري ويئي.

شائو هونگ ڊسمبر 1940ع ۾ هانگ ڪانگ تي جاپان جي چڙهائيءَ دوران بيمار ٿي پئي. هن پنھنجي آخري ڏينھن ’ڪُئين ميري‘ اسپتال ۾ گذاريا ۽ 22 جنوري 1942ع تي گلي جي انفيڪشن سبب جديد چيني ادب جي هيءَ اهم ليکڪا گذاري ويئي.

_______________

يوسف سنڌي نالي وارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button