Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سائين يوسف شاهين:  سنڌ جي تاريخ، سنڌ جو اثاثو

ھي پيارا ماڻهو جيڪي ڌرتيءَ سان، دنيا سان، سموري ڪائنات ۽ انسانيت سان پيار ڪن ٿا، انھن لاءِ سوچن ٿا، لوچن ٿا، رت ولوڙن ٿا، پنھنجو نور نچوئي ھڪ تاريخ جوڙين ٿا ”ھجڻ“ جي حق کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ حق ادا ڪن ٿا.  اھي ڌرتيءَ جا دلبر ماڻهو اسان جي تاريخ آھن، اسان جو ورثو، اثاثو ۽ اسان جي سڃاڻپ آھن.

 ساڀيان سانگي

“يوناني ڏند ڪٿائن” کان وٺي، حقيقتن جي عالمگير نبض تي ھر وقت هٿ رکي ويٺل ھي شخص ڌرتيءَ جي درد کان وانجهيل ناهي.

جڏھن جڏھن ڌرتيءَ رت سان پاڻ رنڱيو آهي ۽ آڪاش مان بارودن جي باھ جا اُلا وسيا آهن تڏهن تڏهن سندس “اندر ۾اُھاء ٿيو” آهي ۽ “پاتال منجھ پيھي” سندس سوچن جا پکيئڙا ٻڏي ٻڏي امن جي اميد جا سفيد جهنڊا کڻي اڏاميا آھن، انسانيت جي اھنج تي ايذاءُ محسوس ڪندي قلم جي چھنب کان  باھ وسائڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي ۽  احساسن جو ڦڙو ڦڙو کڻي پنھنجي حصي کان وڌيڪَ ڳڻتيون ڳوھي ڪو سک جو ساھ لفظن ۾ ڦوڪيندو رھيو آھي ۽ ڦوڪيندو رھي ٿو .

اڄ ھن عمر ۾ بہ ھو ٿَڪُ نه ٿو ڀڃي، ساھ نه ٿو پٽي…

سائين يوسف شاهين صاحب کي مون ھميشه انسان جي فڪر ۾ ڏٺو آهي، اھو ئي سبب آهي جو هُو انسانيت جي ڳڻ ڳوت ۾ ان جي دردناڪ تاريخ تي ڳوڙھي نظر رکندي عالمي تاريخ جو مطالعو ڪري ڪري ان تي پنج جلد لکڻ کان پوءِ به چپ ڪري نه ويٺو.

ماڻهن جي ماڻهن لاءِ وحشت کي پرکيندي ڏوھن ۽ سزائن کي سھيڙي پنھنجو نور نچوئي قلم کي جنجهوڙي ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ Crime And Punishment جي تاريخ اسان جي اڳيان رکي.

جڏھن بہ ساڻس ملاقات ٿي،  انسان ، ان جي تاريخ ، آزادي، حملا، فتح ، فاتح، ھٿرادو سرحدون، طاقتون، قبضا، حڪومتون، قيد ۽ تھذيب جي اوٽ ۾ انسان جي وحشي پڻي جي فطرت  سندس موضوع رھيا آھن ۽ عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ڳڻتيءَ ۾ بہ کيس وڪوڙيل ئي محسوس ڪيو.

ھر ڪچھريءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جي ڳالهه، ڇا لکي رھيو آھي، ڇا لکڻو اٿس، ڇا ڇا تي ناھي لکيو ويو، ايندڙ ڪتاب ڪھڙو اٿس، عالمي ليول تي ڇا پيو ٿئي ۽ سنڌ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي ڇا لکجي ٿو ۽ پڙھجي ٿو.

پنھنجن دوستن جون ڳالهيون، شيخ اياز جون ڳالهيون پر پنھنجون بنھ گھٽ…

ھو انفرادي نه پر اجتماعي فڪرات ۾ رھي ٿو، سندس ڳالهيون تاريخ جي چوڌاري ڦرنديون رھنديون آھن

ٻه سال اڳ ھڪڙي ملاقات ۾ سندن گفتگو جو موضوع عورت ھئي، عورت جي حوالي سان ڳالهائيندي ھُن چيو: “عورت ھڪ مڪمل انسان آهي ان جي گواھي اڌ ڇو؟“

آنءُ ان تي لکندس، ھاڻي منھنجو اھو ڪتاب ايندو، مان ان ۾ ٻڌائيندس ته عورت جو ڪيڏو ڪنٽريبيوشن آھي، مغرب ۾ وري به عورت کي ڪجھ مان مليو آهي تنھين (توھين) ڏسو، ھتي اڄ به عورت کي اھا عزت اھو حق ناھي مليو جيڪو ھوءَ لھڻي ٿي، مرد ڳالهه ته ڪري ٿو پر عمل اڃا بہ نہ ٿو ڪري. ان جي گواھي اڌ نه ھجڻ گهرجي” جنھن تي مون کين پنھنجو ننڍڙو نظم “عورت” ٻڌايو، جيڪو پڻ عورت جي “اڌَ” واري تصور تي ئي لکيل آهي

“ھا!

مان تنھنجو اڌ آھيان

تڏھن

ئي ته

اڌو اڌ

آھيان “

جنھن کي ٻڌي ھو صفا حيران به ٿيا، خوش به ٿيا ۽ منھنجي تمام گهڻي ھمت افزائي پڻ ڪئي جنھن مون کي حوصلي جي اڏام ڏني ۽ دل وڏي ٿي وئي اھڙو ڪجهه وري وري لکڻ لاءِ.

۽ پوءِ مان حيران ٿي ويس جڏھن سائينءَ مون ڏي اھو  ڪتاب ڏياري موڪليو جو مان نه وڃي سگهي ھئس، جيڪو ھن عورت لاءِ لکڻ پئي گهريو “شارٽ اسٽوري آف اي وومن ٿرو دي ايجز” Short Story of a Woman through the Ages

ھر ڀيري جي ملاقات ۾ پنھنجو ڪو نه ڪو ڪتاب منهنجي نالي لکي بطور سوکڙي ڏيندا آهن، منھنجو وڃڻ نہ ٿي سگهي ۽ ڪتاب ڇپجي وڃي ته بنا دير جي موڪلي ڏين، جيڪو مون لاءِ ھڪ وڏو مان آھي.

سامھون ڪتاب ڏيندي ان جي باري ۾ به ٻڌائيندا وڏي معصوميت سان، ڌيرج سان مرڪندي ۽ وڏي نوڙت سان ته ڪٿي ڪٿي ڪنھن ڪنھن ملڪ ۾ ڇپيو، مقبول ٿيو  ناليوارن ماڻهن ان لاءِ ڇا ڇا لکيو, تعريف ڪئي. ايڏو وڏو ليکڪ، وڏو ماڻھو ۽ غرور جي رتي به نه…

پوئين سال جي آڪٽوبر ۾ ساڻن ملڻ وياسين, تڏهن به ھڪ ڪتاب ڏيندي معذرت ڪيائون ته لکي نه سگهيو آهيان اوھان جي لاءِ سو ايئن ئي وٺو، مون لاءِ اھو ئي گنج ھو جو سندن ھٿئون ڪتاب مليو،

مون به پنھنجو ڪتاب کين پيش ڪيو ته چيائون پنھنجي ڪتاب مان ڪجهه پڙھي ٻڌايو ، مون عورت لاءِ لکيل ھڪ ٻه ننڍڙا نثري نظم ٻڌايا ته انتھائي اچرج ۾ اچي ويا واکاڻ ڪندي چيائون ، “مار! ٻن ٽن جملن ۾ ھڪ مڪمل ڳالھ، پوري ڪھاڻي!!! ڪڏهن ڪڏھن ته ماڻهو پورو ڪتاب لکيو  ڇڏي پر ڳالھ بيان کان رھجيو وڃي، اوھان ته ڪمال ڪري ڇڏيو”

سندن ھي لفظ منھنجي نمرتا ۾ جيئندان برابر ھئا ۽ وڏو اتساھ آهن وک وڌائڻ ۽ نوان گس وٺڻ لاءِ.

ايئن ئي منھنجي ڪلماتي غزل کي ٻڌي گھري سوچ ۽ اچرج ۾اچي ويا، عورت تي لکيل نظم ته مون کان ورائي ورائي ٻڌائون،

ايڏا وڏا ماڻهو ، ايڏا عظيم ليکڪ پاٻوهه ۽ نياز منديءَ سان جڏهن اسان پتڪڙن جي حوصلا افزائي ڪن ته سچ پچ لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه اڀري ٿو.

تازو 3 مارچ تي سائين يوسف شاهين جو جنم ڏينھن ھو، ڪچڙي منجهند جو مون جڏھن ڪال ڪري کين جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏنيون ته خوشيءَ وچان مھرباني مھرباني چوڻ لڳا، سندن ھلڪڙا ، ننڍڙا ٽھڪ ٻڌڻ لاءِ مليا، ھڪ  سرھائي محسوس ڪيم.

ڪنھن مصروفيت سبب ڪيڪ کڻي وڃي نه سگهيم پر پڇيم ته ڪيڪ ڪٽيو ٿا؟ ته کلندي خوشيءَ وچان چيائون: “ھا! رات کان ھن مھل تائين ٻه ڪيڪ ڪٽي چڪو آهيان، سلسلو ھلي پيو. “

سو دعا آهي ته اھو سلسلو ھميشہ ھلندو رھي، اڃا کوڙ سالگراهون ملهائين. طبعيت جو پڇيم ته کلندي چيائون ” پراڻي گاڏي آھي سو مڙئي ڪڏھن ڪڏھن ڊھيو پوي، سو اسين مڙئي مرمت به ڪرايونس پيا “.

ھي پيارا ماڻهو جيڪي ڌرتيءَ سان، دنيا سان، سموري ڪائنات ۽ انسانيت سان پيار ڪن ٿا، انھن لاءِ سوچن ٿا، لوچن ٿا، رت ولوڙن ٿا، پنھنجو نور نچوئي ھڪ تاريخ جوڙين ٿا ”ھجڻ“ جي حق کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ حق ادا ڪن ٿا.

اھي ڌرتيءَ جا دلبر ماڻهو اسان جي تاريخ آھن، اسان جو ورثو، اثاثو ۽ اسان جي سڃاڻپ آھن.

فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي جو اسان اهڙن وڏن ماڻهن جي عھد ۾ساھ کڻون ٿا . رب سندن ساھن کي وسعتون عطا ڪري، جڳن تائين جيئندا رھن.

سائين يوسف شاهين صاحب!

اوھان کي جنم ڏينھن جون اڻ ڳڻيون واڌايون ھجن…

____________

شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button