چين ۾ لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ جي ھيلٿ انشورنس ٿيل آهي
حڪومت ماڻهن کي سھوليت ڏئي ٿي ته هُو ’هيلٿ انشورنس‘ ڪرائين جنھن لاءِ ڏهه هزار آر. ايم. بي تائين ايندڙ خرچ جو نوي سيڪڙو حڪومت ڏيندي آهي
چين ۾ نوڪري توڙي تعليم لاءِ رهندڙ پرڏيھي ماڻهو به پنھنجي انشورنس ڪرائين ٿا
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ايڪيھ آڪٽوبر 2024: گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان طبيعت ۾ مزو ڪونهي. ٻانهن جي سور سبب بي چيني رهي ٿي، ٽنگن ۾ پڻ سور ٿئي ٿو. ڪالهه صبح جو هوٽل تي ناشتو ڪرڻ وياسين ته وشال جو دوست ڊاڪٽر فيصل محمود ويٺو هو، فيصل پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽر آهي ۽ هتي گوانگسو مينزو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو. ان سان ذڪر ٿيو ته هن چيو ته مون کي به پُٺن ۾ سور پوندو هو، مساج ڪرايم ته بھتر ٿي ويو، نسن جو مسئلو هو. مون به ٻڌايو مانس ته حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن مون کي به ائين ئي چيو هو. وشال چيو ته پوءِ ڪو مساج وارو ڳولهيون ٿا، جنھن کان ابوءَ جي ٻانهن جو مساج ڪرائجي. ٿوري دير کان پوءِ ابوذر به آيو، جنھن سان به ذڪر ٿيو ته چيائين هتي مساج وارا جام آهن. هلو ته ڪو ڳولهيون. ائين اسان ٽيئي ٻن بائيڪن تي نڪري پياسين ۽ گهمندا ڦرندا نيٺ هڪ هنڌ اچي هڪ دڪان جي اڳيان بيٺاسين، جنھن ۾ هڪ ٻاڏو چيني موبائيل ۾ مُنھن وجهيو ويٺو هو.

وشال ان سان ڳالهايو، ان مساج جا ستر يوآن چيا. مون وشال کي چيو ته ستر يوان تمام گهڻا آهن، ته وشال چيو، ”ابو پئسن کي ڪونه ڏسبو، جيءَ خوش ته جھان خوش.“
ان مھل مون کي هڪ پھاڪو ياد آيو. ”پھرين صحت سرير جي، پوءِ پرينءَ جو پاڇو.“
آءٌ ڪرسيءَ تي ويٺس، پوءِ چيني ڄڻ مون تي چڙهي ويو. ڪلهن کي ٻانهن کي اهڙو ته اچي ورتائين جو بُت مان ٺڪاءَ ڪڍائي ڇڏيائين. وشال مون کي چيو ته جي سور ٿئي ته چئجنيس ”ٿونگ- ٿونگ“ معنيٰ ’مون کي سور پيو ٿئي.‘ اها مالش مُني ڪلاڪ جي هئي، سو وشال ۽ ابوذر چيو ته ڀرسان ٿورو ڪم آهي، سو لاهي ٿا اچون. اڌ ڪلاڪ مھٽ سھٽ کان پوءِ مون کي چيائين ته ”شرٽ لاهي“ شرٽ لاٿم ته هڪ پلاسٽڪ جي ننڍي وٽي کڻي ڪلهي تي ان هنڌ فٽ ڪيائين ته سور جي سٽ اُڀري ته چيومانس ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ“ جنھن تي کليو، پوءِ الائجي ڪھڙا تيل کڻي اچي ٻانهن ۽ ڪنڌ کي مالش ڪيائين. سور ٿيو ته چيومانس، ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ.“ جنھن تي هٿ جهليائين ۽ مون ڏانھن ڏسي چيائين، ”نه پانا.“ جنھن تي کل اچي ويم ۽ چيومانس ”اڙي چنڊا… ٿونگ ٿونگ.“ مون کي کلندو ڏسي پاڻ به کلڻ لڳو ۽ وري ڪم تي چڙهي ويو. نيٺ وقت پورو ٿيو ته هٿ ڪڍيائين ۽ ڪلهي مان دٻلي به ڪڍيائين. جتي ڏٺم ته رت مِڙي آيو هو ۽ وڏو نشان ٿي ويو هو. چيائين ته صحي ٿي ويندو. پوءِ هڪ ٻه ورزش ڏسيائين ۽ اسان واپس موٽي آياسين. مون ٻانهن ۾ ڪافي بهتري محسوس ڪئي، پر وشال چيو ته سڀاڻي اسپتال هلي ڊاڪٽر کي به ڏيکاريون ٿا. سڀاڻي اٺين بجي هلنداسين. پر اڄ اٺين بجي وشال جي سالي ’وانگ ين ڇنگ‘ ته جاڳي تيار ٿي ويئي، جيڪا اسان کي اسپتال وٺي وڃڻي هئي، پر وشال دير سان نوين بجي جاڳيو، سو پروگرام ڪئنسل ڪري سڀاڻي جو رکيوسين. پر اڄ ٽين بجي چيائين ابو هل ته ڊاڪٽر ڏانھن هلئون. وشال ايپ ذريعي ٽئڪسي گهرائي ۽ اسان چار ئي ڄڻا يعني ’وانگ ين ڇنگ‘، وشال، ابوذر ۽ آءٌ چارئي ’گوانگسي مينزو هاسپيٽل‘ پھتاسين. پھرين ڪائونٽر تي پھچي هڪ سلپ ڀريسين، جنھن ۾ منھنجو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ جنم جي تاريخ لکي، پوءِ اها سلپ ڪائونٽر واري کي ڏنيسين. جنھن هڪ ٻي پرچي ڪمپيوٽر تان ڪڍي ڏني ۽ پندرهن يوان في ورتي. جنھن تي مون وشال کي چيو ته في ته مناسب آهي. ”هائو، باقي اها ڪسر دوائون لکي ڏيڻ ۾ ڪڍندا.“ وشال جواب ڏنو. هيءَ خانگي ۽ تمام وڏي اسپتال هئي. جيڪا انڊر گرائونڊ به هئي ته مٿي به ڪيترائي ماڙ هئس. چين جو صحت پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٻنهي سطح تي هلايو پيو وڃي، ثقافتي انقلاب کان پوءِ چين جي هيلٿ سسٽم کي هڪ حد تائين پرائيويٽ ڪيو ويو هو.

حڪومت ماڻهن کي اها سھوليت ڏي ٿي ته هو ’هيلٿ انشورنس‘ ڪرائين ۽ ڏهه هزار آر. ايم. بي تائين ايندڙ خرچ جو نوي سيڪڙو حڪومت ڏيندي آهي. چين ۾ لڳ ڀڳ هر ماڻهو انشورنس ٿيل آهي، ان کان سواءِ چين ۾ رهندڙ پرڏيھي ماڻهو به جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ پڙهن ٿا، پاڻ کي انشورنس ڪرائين ٿا.

پرچي وٺي اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٻي ماڙ تي آرٿو پيڊڪ ڊاڪٽر وٽ پھتاسين. ٻاهر انتظار گاهه ۾ آرامده ڪرسيون رکيون هيون جن تي ڪافي ٻيا ماڻهو به ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ويٺل هئا، ماحول ڏاڍو سٺو هو، لڳي ئي ڪانه پئي ته ڪا اسپتال آهي. ڄڻ ڪنھن ايئرپورٽ تي يا ڪنھن آفيس جي انتظار گاهه ۾ ويٺل هجون. سامھون لڳل اسڪرين تي مريض جو نالو اچي رهيو هو ۽ نالي جي انائوسمينٽ به ٿي رهي هئي. ’وانگ ين ڇنگ‘ پرچي کڻي وڃي ڊاڪٽر جي ڪمري جي ٻاهران بيھي رهي. اسپتال جي ڊوڙ ڊوڙان ۾ وانگ ين ڇنگ اسان جي ڏاڍي رهنمائي ۽ مدد ڪئي. ٿوري ئي دير ۾ وارو اچڻ تي مون کي اندر سڏيو ويو، جتي هڪ چيني ڊاڪٽر ڊاڪٽرن وارو اڇو ايپران پايو اڳ ۾ ويٺل چينائڻ مريض کي ليٽائي گوڏن ۾ انجيڪشن هڻي رهيو هو. اتان واندو ٿيو ته مون کي ڏٺائين. اتي منھنجي ٻانهن چيڪ ڪري هلائي، اٿلائي پٿلائي ڏٺائين. مون ٻڌايومانس ته 5 جنوري 2023ع تي منھنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، پوءِ اهو مسئلو ٿيو. بھرحال سڄا تفصيل ڏنامانس، جيڪي وشال کيس ترجمو ڪري ٻڌايا. پوءِ مون کان شرٽ لھرائي اهو هنڌ چيڪ ڪيائين، پوءِ موبائيل کولي، جسم جي ان حصي جو ذرو پرزو ڏيکاريائين ۽ چيائين ته مون کي شڪ آهي ته هتي انجري آهي. ايم. آر. آءِ ڪرايون ٿا، جيئن خبر پوي ته دوائن ذريعي ٺيڪ ٿيندي يا آپريشن ڪجي. بھرحال هن ڪابه دوا وغيره لکي نه ڏني. ٻاهر نڪري وشال چيو جي پاڪستان ۾ هجو هان ته ’ايم. آءِ آر‘ کان اڳ ئي دوائن جي وڏي پرچي لکجي ملي ها، پر هتي به اڪثر ٽيسٽن کان سواءِ هڪ گوري به نه ٿا ڏين.
اسان وري ڏاڪڻيون لھندا ۽ چڙهندا ٻي ڪائونٽر تي پھتاسين، جتي ايم. آءِ. آر ڪرائڻ جي فيس ڏني سين، جيڪا چار سئو يوان هئي. اتان پرچي وٺي مذڪوره هنڌ تي پھتاسين، جتي ويٺل مائيءَ پرچي وٺي ڪمپيوٽر ۾ نوٽ ڪري، پوءِ ٻي پرچي ڪڍي ڏنائين ته سڀاڻي شام جو ستين بجي اچجو. يعني ايم. آءِ. آر سڀاڻي ٿيندي. ٻاهر نڪرندي وشال مون کي چيو، ”ابو، آپريشن به هتي ڪرائينداسين. هتي علاج جي گارنٽي آهي.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”ٺيڪ ٿيڻ، مرڻ ۽ جيئڻ جي گارنٽي ته فقط الله وٽ آهي. باقي ايم. آءِ. آر ٿئي ته پوءِ فيصلو ڪنداسين.“
ٻاهر ديدي لاءِ بيٺاسين (چينيءَ ۾ ٽئڪسي کي ديدي چوندا آهن، وري زير ڏيڻ يعني ٻي آواز ۾ ديدي چوڻ سان ان جي معنيٰ ننڍوڀاءُ ٿيو وڃي). اتي ڪجهه پاڪستاني نوجوان اڳ ۾ بيٺا هئا. جن مان هڪ کي وشال اڳ ۾ سڃاڻندو هو. وشال انهن سان وڃي مليو. جڏهن ان وشال جو ٻين سان تعارف ڪرايو ته انهن چيو ته ”اسان وشال جو نالو ٻڌو آهي.“ مون وشال کي چيو هتي توکي ته سڀ سُڃاڻن، ان ڏينھن ياسين سان ملاقات ٿي ته ان به مون کي چيو، ”انڪل يھان وسال بڙا پاپولر هي.“ [هتي انڊين ۽ بنگالي همراهه وشال کي وسال چون. هو-ش- بدران س جو استعمال ڪن] منھنجي ان ڳالهه تي وشال ڏاڍو کليو.
اڄ شام جو ڇھين بجي کشين جي ٻن چاچين هڪ هوٽل ۾ ”بوفي ڊنر“ جي دعوت ڏني آهي. ٿوري دير ۾ اوڏانھن روانا ٿينداسين.
____________________
يوسف سنڌي ھڪ ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي