Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

حفيظ شيخ: سنڌ جو ھڪ ترقي پسند ڪھاڻيڪار ۽ صحافي

اڄ جي دنيا، جتي اڻبرابري، جبر ۽ وسارڻ جا رويا وڌي رهيا آهن، اتي حفيظ شيخ جو ادب وڌيڪ معني خيز ٿي اڀري ٿو. سندس لکڻيون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته ادب رڳو سونهن جو اظهار نه، پر سماج جو ضمير هوندو آهي

گمبٽ ۾ سندس نالي سان ھلندڙ ڪتابي ميلي تي ڀيٽا

تحرير: رميش راجا

حفيظ شيخ اُن اڻ وسرندڙ سنڌي ليکڪن مان ھڪ ھو، جن لاءِ لکڻ رڳو لفظن جي رٿا نه، پر زندگيءَ جي سچائين سان سڌي مُکا مُک ھو. ھن ذاتي ڏکن، سماجي تڪليفن ۽ داخلي بيچينيءَ کي اهڙي فڪري سگهه سان لفظن جو روپ ڏنو، جو اُهي اڄ به سنڌي سماج جي ضمير کي جاڳائين ٿا. حفيظ شيخ 10 ڊسمبر 1931ع تي سنڌ جي اوائلي شھر گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. غربت، محرومي ۽ اڻبرابريءَ جي سخت راهن تان گذري، ھو ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو نمايان ۽ اٽل آواز بڻجي اڀريو. ھو ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ گمبٽ جي تعارف جو اھڃاڻ بڻيو ۽ پوء ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي گمس اسپتال ٺاھي گمبٽ کي ڏيھان ڏيھ تعارف ڏنو. ٻنھي کي سلام ھجي.

Hafeez Shaikh-TheAsiaN-2

غربت سندس ننڍپڻ کي تعليم کان جدا ڪيو، پر علم سان سندس رشتو ڪڏهن به ختم نه ٿيو. اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ هن جوتا پالش ڪرڻ، دُڪانن تي ڪم ڪرڻ ۽ مزدوريءَ جهڙا ڪم ڪيا، پر اندر ۾ پڙهڻ جي تڙپ سدائين جيئري رهي. غيرمعمولي همت سان هن وري تعليم ڏانهن واٽ ورتي؛ ڪراچي مان اعلي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ لاھور مان صحافت ۾ ايم اي ڪئي. هي علمي سفر سندس فڪري ۽ سياسي شعور کي گهرو بڻائي ڇڏيو. صحافت جي ميدان ۾ هن نواءِ سنڌ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (APP) سان وابستگي رکي، محمد ايوب کهڙي جو ذاتي اسسٽنٽ رهيو ۽ پوءِ فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

1951ع ۾، مٺارام هاسٽل جي فڪري فضا ۾، حفيظ شيخ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادن ۾ پنهنجو فڪري حصو وڌو. اها سنگت پوءِ ترقي پسند، انسان دوست ۽ سماج سان ڳنڍيل ادب جي سگهاري تحريڪ بڻجي وئي. سندس افسانا صحافتي مشاهدي، سماجي سچائي ۽ داخلي بغاوت جو سنگم آهن، جتي سماجي ناانصافي، اداراجاتي تشدد، طبقاتي فرق ۽ آمرانه روين جي انساني قيمت بي نقاب ٿئي ٿي.

Hafeez Shaikh-TheAsiaN

حفيظ شيخ جون مشھور ڪھاڻيون “امان مان اسڪول ڪونہ ويندس”، “ٻہ پاڇا”، “مبارڪون”، “اديب” ۽ “ٽوٽو” سنڌ جي سماجي حقيقت نگاريءَ جا روشن سنگ ميل آهن. خاص طور تي “امان مان اسڪول ڪونہ ويندس”، جيڪا اڄ يونيورسٽين جي نصاب جو حصو آهي، خوف ۽ تشدد تي ٻڌل تعليمي نظام خلاف زوردار احتجاج آهي. اها ڪھاڻي ڏيکاري ٿي ته جڏهن اختيار تشدد سان گڏجي ٿو، تڏهن تعليم انسان جي روح کي سنوارڻ بدران، ان کي ميساري ڇڏي ٿي.

حفيظ شيخ جو ڪم محترم رسول بخش پليجي جھڙن نقادن جي سراڻ تي چڙھيو. سن 1970 ۾ حفيظ شيخ پنھنجي ڇپجندڙ ڪھاڻين جي ڪتاب “ساگر جي لھرن تي” جي ٻئي ڇاپي, جيڪو سندس وفات کانپوء 1976 ۾ ڇپيو، ۾ ارپنا ڏيندي لکيو ھو ته:

Hafeez Shaikh-Book-TheAsiaN

”ارپيان ٿو سنڌ جي مشھور نقاد رسول بخش پليجي کي، جنهن جي کيسي ۾ ٺٽي کان ڪراچي اچڻ جو ڀاڙو به ڪونه ھو پر منهنجو افسانو “مبارڪون” پڙهي، هڪڙي دوست کان پنج رپيا اُڌارا وٺي اچي ڪراچي سھڙيو. مون کي اچي ڳولي لڌائين ۽ جڏھن ھڪ ٻئي سامھون ٿيا سين ته چيائين: ماءُ جا…… ڀيڻ جا……اهڙي سٺي افساني جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿئي. پڻھي جو افسانو ھو جو ائين ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيئي”؟

”ايڏو ڇو ڪاوڙيو آھين. ويھ ڳالھيون ٿا ڪريون. ممڪن آھي تون درست ھجين ۽ ممڪن آھي آءُ درست ھجان” مون چيو.

ايراني ھوٽل تي ڇھين پئسي واري چانھن تي محفل مچائي سين. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اسان جڏھن چانھن جا ٽي دور پورا ڪري اٿيا سين ته مون کيس چيو ته ”تون ٺيڪ ٿو چوين. مبارڪون وري ڇپبو ته پڄاڻي بدلائي ڇڏيندو مانس“.

پوءِ جڏھن مبارڪون اردوءَ ۾ ڇپيو ته پڄاڻي بدلجي چڪي ھئي ۽ نالو به “گاڏيون گڙڪنديون رھيون” ٿي ڇپيو. تنقيد جو ھي انداز ھڪ آزمائش ھئي. منھنجي انا ۽ ليکڪ جي محبت ۾ چٽاڀيٽي ھئي. پليجي جي تجويز آڏو منھنجي انا ڪنڌ ھيٺ ڪيو.

حفيظ شيخ ادب ۾ رومانوي فرارپسنديءَ کان پري رهيو. هن بنا ڪنهن ٺاهه جي، زندگيءَ کي جيئن هوءَ هئي، تيئن لکيو. سندس ڪھاڻيون روزمرهه جي زندگيءَ، ڳوٺاڻن منظرن، احساساتي خاموشين ۽ اخلاقي ٽڪراءَ مان جنم وٺن ٿيون. اهي اُنهن ماڻهن کي آواز ڏين ٿيون، جيڪي سماج جي ڪنارن تي بيٺل آهن. ان ڪري نقاد سندس افسانن کي آتم ڪٿائي سڏين ٿا. انھيءَ ڪري نه جو اهي واقعا بيان ڪن ٿا، پر ان ڪري جو اهي مزاحمت سان جيئري ويل زندگيءَ جي جذباتي سچائيءَ سان ڀرپور آهن.

يادگيريءَ جي واٽ: حفيظ شيخ ڪتابي ميلو

وقت جي بي حسيءَ جي ابتڙ، تازن سالن ۾ حفيظ شيخ جي فڪري ورثي کي سندس جنم ڀومي گمبٽ ۾ سنڌ فڪري فورم گمبٽ پاران منعقد ٿيندڙ حفيظ شيخ ڪتابي ميلو وسيلي نئين زندگي ملي آهي. هي ميلو هاڻي رڳو هڪ تقريب نه، پر فڪري مزاحمت ۽ ادبي بيداريءَ جي روايت بڻجي چڪو آهي، جيڪو نون پڙهندڙن کي ترقي پسند سوچ ۽ تنقيدي شعور سان ڳنڍي ٿو.

هن ادبي تحريڪ جي اڳواڻي اويس منگي، صالح ناريجو، دربان اڄڻ، رفيق سنڌيار، عمر علي، عدنان سومرو، سورِھ سنڌي، محسن کهڙو، عدنان لطيف، ڪليم الله، مهدي حسن، ڪاشف اُڄڻ ۽ سندن ساٿين ڪئي آهي، جن گمبٽ کي فڪري ڏي وٺ ۽ ڪتابي محبت جو مرڪز بڻايو آهي.

گمبٽ جي ادبي فضا کي سگهارو بڻائڻ ۾ الطاف ڀٽي، نذير سروهي، رميش راجا، راز علي گل ڀٽو، گوهر شيخ، بشارت ناريجو، ڀاون سنڌي، ڊاڪٽر يار مارکند، منظور اڄڻ، لطيف سھتو، عديل ڀٽي، علي گل کهڙو، ثنا جکڙ ۽ ٻين ڪيترن دوستن جو مسلسل سهڪار شامل آهي، جيڪو سنڌ جي ادبي روايت کي زنده رکڻ جو گڏيل اعلان آهي.

اڄ حفيظ شيخ جي اهميت

اڄ جي دنيا، جتي اڻبرابري، جبر ۽ وسارڻ جا رويا وڌي رهيا آهن، اتي حفيظ شيخ جو ادب وڌيڪ معني خيز ٿي اڀري ٿو. سندس لکڻيون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته ادب رڳو سونهن جو اظهار نه، پر سماج جو ضمير هوندو آهي. هن سچ ۽ همدرديءَ سان ڀرپور لفظن ذريعي طاقت کي للڪاريو، رواجن تي سوال کنيا ۽ انساني وقار کي مرڪز بڻايو.

اڄ حفيظ شيخ رڳو ڪتابن ۾ نه، پر انهن زنده ادبي عملن ۾ موجود آهي، جيڪي پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همت پيدا ڪن ٿا. کيس ياد ڪندي، سنڌ پنهنجي اُن آواز کي ٻيهر پنهنجو بڻائي ٿي، جيڪو ڪڏهن به خاموش نه ٿيو.

______________

رميش ياجا سِول انجنيئر ۽ فري لانس ليکڪ آھي ۽ اخبارن رسالن لاءِ لکندو رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button