Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

24 اپريل 1848 تاريخ جو اھم ڏينھن جڏھن سنڌ ۾ سنڌيءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو مليو   

اڄوڪو ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ‘آزادي ‘ جي حيثيت رکي ٿو ڇو ته 178 سال اڳ ھن ڏينهن تي سنڌي ٻولي فارسيءَ جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، پنهنجي ئي وطن جي دفترن، ڪورٽن ۽ روينيو رڪارڊ ۾ مالڪ جي حيثيت سان داخل ٿي.

ان وقت جي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر سر جارج رسل ڪلارڪ حڪم جاري ڪيو ھو ته سنڌ جي سرڪاري دفترن مان فارسيءَ جو قبضو ختم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو وڃي. گڏوگڏ هن پنهنجي سرڪاري ملازمن لاءِ پڻ اهو لازمي قرار ڏنو ته سمورا يورپي ۽ غير سنڌي آفيسر 18 مهينن اندر سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن.

 ليکڪا: ساڀيان سانگي

ٻولي رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر اها قوم جي بقا، غيرت ۽ ان جي تاريخي تسلسل جي امين هوندي آهي. ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو نالو ناهي، پر اها ان سماج جي مٽيءَ جي خوشبو، لوڪ گيتن جي لئه ۽ صدين جي ڏاهپ کي پاڻ ۾ سانڍي رکندي آهي.

ادب ۾ ٻوليءَ جو استعمال هڪ مصور جي رنگن وانگر هوندو آهي. شاعر ۽ اديب جڏهن ٻوليءَ کي پنهنجي تخليق جو ويس ڍڪائيندا آهن، ته عام لفظن ۾ به هڪ نئين زندگي پيدا ٿي پوندي آهي. استعارا، تشبيهون ۽ علامتون ٻوليءَ کي اهڙي جلا بخشيندا آهن، جو اها زمانن تائين امر ٿي ويندي آهي.

ٻولي هڪ وهندڙ درياءُ وانگر آهي، جيڪو پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر نئين خيال ۽ ويساهه کي پاڻ ۾ سموهي، هڪ سگهارو ورثو بڻجي ويندي آهي.

ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز اهو هوندو آهي ته اها پنهنجي ڌرتيءَ جي حاڪميت ۽ انتظاميه جي زبان بڻجي.

ٻولي صرف رابطي جو ذريعو ناهي هوندي، پر اها ڪنهن به قوم جي تهذيب، تاريخ ۽ ان جي وجود جي سڃاڻپ هوندي آهي. ٻوليءَ جي اهميت ان وقت وڌيڪ چٽي ٿي بيهندي آهي، جڏهن اها علمي توڙي دفتري سطح تي پنهنجا پير پختا ڪندي آهي. سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي گهرائيءَ ۾ هزارين سالن جي تاريخ سمائي بيٺي آهي،

جيڪا مهين جي دڙي جي تهذيب کان وٺي صوفين جي ڪلام تائين هڪ ڊگهو سفر طئي ڪري چڪي هئي،  تنهن کي جديد انتظامي ۽ دفتري صورت  ۾ آڻڻ لاءِ 19هين صديءَ جو برطانوي دور هڪ موڙيندڙ حيثيت رکي ٿو. ھيءَ اها صدي هئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي لکت جي هڪجهڙائي، دفتري وقار ۽ گھڻ رخي تعليمي وسعت عطا ڪئي.

1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيو، ته ان وقت دفتري ڪاروهنوار جي زبان فارسي هئي. جيتوڻيڪ فارسي صدين تائين علمي ٻولي رهي هئي، پر اها عوامي ٻولي نه هئي، جنهن ڪري عوام ۽ حڪمران طبقي جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ  هئي .انگريز انتظاميه محسوس ڪيو ته جيستائين مقامي ٻوليءَ کي دفتري حيثيت نه ڏبي، تيستائين انتظامي معاملن کي شفاف ۽ تيز نٿو بڻائي سگهجي. ان مقصد لاءِ سر جارج ڪلارڪ ۽ سر بارٽل فريئر جا نالا سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ياد رکڻ جھڙا آھن جن جي ڪم کي بنھ نه ٿو وساري سگهجي

ان ڏس ۾ سر جارج رسل ڪلارڪ Sir George Russell Clerkجي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪاوشن کي جي سونن لفظن ۾ لکجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.  

ان وقت جي بمبئيءَ جي گورنر سر جارج رسل ڪلارڪ پھريون ڀيرو اڄوڪي تاريخ تي يعني 24 اپريل 1848 تي ھي تاريخي ڪم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي اصلي حيثيت ڏيڻ جو سھڻو ڪم ڪيو. سو ان وقت سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻائڻ جي پهرين باقاعده ڪوشش  سر جارج رسل ڪلارڪ ڪئي. هن 24 اپريل 1848ع تي هڪ تاريخي حڪمنامو جاري ڪيو، جنهن تحت، فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ جو لاڳو ٿيڻ ھڪ اھم حڪمنامو ھو.

هن حڪم ڏنو ته سنڌ جي سرڪاري دفترن مان فارسيءَ جو قبضو ختم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو وڃي.

گڏوگڏ هن پنهنجي سرڪاري ملازمن لاءِ پڻ اهو لازمي قرار ڏنو ته سمورا يورپي ۽ غير سنڌي آفيسر 18 مهينن اندر سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن.

ڏسجي تہ اهو هڪ انقلابي قدم هو، جنهن ذريعي حاڪم طبقي کي عوام جي زبان سکڻ تي مجبور ڪيو ويو، ته جيئن هو عوام جي مسئلن کي سڌي ريت سمجهي سگهن.

روينيو ۽ عدالتي رڪارڊ کي سنڌي زبان ۾ منتقل ڪرايو ويو، جنهن سان سنڌي ٻولي “روزگار جي ٻولي” بڻجي وئي.

اڄ کان پورا 178 سال اڳ، اڄوڪي ڏينهن تي ئي سنڌي ٻوليءَ جي دفتري بقا ۽ مڃتا جو بڻياد رکيو ويو هو.

 24 اپريل 1848ع جو ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ‘آزادي ‘ جي حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ھن ڏينهن تي سنڌي ٻولي فارسيءَ جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، پنهنجي ئي وطن جي دفترن، ڪورٽن ۽ روينيو رڪارڊ ۾ مالڪ جي حيثيت سان داخل ٿي.

پر افسوس جو اڄ سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجن جي ئي ھٿان پنھنجي ئي ديس ۾ آزاد رياست جي غلام قوم جي اوپري ٻولي سمجھيو ويو آھي. جتي دفتر ته دور ھاڻي گھرن ۾ بہ ڌاريون ٻوليون ڪاھي پيون آهن  ۽ ڌارين ٻولين جي حڪمراني هيٺ سنڌي ٻولي غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهي.  

1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل “سنڌي ٻوليءَ جو بل” سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم، يادگار ۽ فيصلائتو قدم ثابت ٿيو. جيڪو 7 جولاءِ 1972ع تي منظور ٿيو، ان قانون جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي جائز ۽ حقيقي حيثيت واپس ڏياري، ان کي سرڪاري ۽ تعليمي مقام ڏيارڻ ھو.

هن قانون تحت سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. تعليمي ادارن ۾ ان جي پڙهائي کي لازمي بڻايو ويو، جڏهن ته سرڪاري دفترن، عدالتن ۽ اسيمبليءَ ۾ به سنڌيءَ جي استعمال کي قانوني تحفظ  ڏيڻو ھو. وڌيڪ اهو به طئي ڪيو ويو ته جيڪي آفيسر سنڌي نٿا ڳالهائين، تن لاءِ مقرر مدي اندر سنڌي سکڻ لازمي هوندو.

بل پاس ٿيڻ جي باوجود به نه سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جو درجو ماڻي سگهي نه ئي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي ٿي سگهي . نه ئي اسڪولن ۾ سنڌي زبان لازمي سبجيڪٽ طور لاڳو ڪرائي وئي…

غلاميءَ جي دور ۾ ٻوليءَ کي اڏام جا پر حاصل ھئا پر آزاديءَ جي اڱڻ تي ٻوليءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي ۽ ان کي ڪٿي به عام اجازت ناھي تہ ھوءَ پاڻ کي  پنھنجي ديس ۾ وڌندي ويجھندي ۽ جيئندي ڏسي.

ويتر اھو ٿيو جو بل جي منظوريءَ کان پوءِ سنڌ جي فضا ۾ ڪجهه عرصي لاءِ لساني حساسيتن جي لهر اڀري. خاص طور اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ جي ڪن حلقن هن قدم کي پنهنجن خدشن جي نظر سان ڏٺو. نتيجي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن اهم شهرن ۾ ڪجهه ناخوشگوار واقعا پيش آيا، جن سبب انساني جانين جو به نقصان ٿيو. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ دانائي ۽ تدبر سان اڳتي وڌندي، اردو ٻوليءَ کي به سنڌيءَ سان گڏ هڪ مناسب حيثيت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيئن صوبي ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل هم آهنگيءَ جو ماحول قائم رهي.

پر افسوس سنڌي ٻوليءَ سان سھڻو سلوڪ نه پيو رکيو وڃي . نتيجي ۾ اڄ جو سنڌي ٻار سنڌي ٻوليءَ کان ڪوهين ڏور آھي ڇو ته نه کيس اسڪول ۾ سنڌي پڙھائي ٿي وڃي نه ڳالھائي ٿي وڃي.

اسڪولن ۾ سنڌيءَ کي اها اهميت نه ملي آهي جيڪا ملڻ گهرجي. نوجوان نسل ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ٻوليءَ کان فاصلو نظر اچي ٿو.

تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي زنده به رهي آهي ۽ ترقي به ڪئي آهي، پر اها ترقي مڪمل ۽ برابر ناهي. جيڪڏهن تعليم، ميڊيا ۽ روزمره زندگيءَ ۾ وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ته سنڌي ٻولي اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي.

جنهن قوم کان سندس ٻولي کسي وڃي، اها قوم پنهنجو تاريخي حافظو وڃائي ويهندي آهي. ڏسون پيا ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مسلسل مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ڪوشش پڻ ڪئي وڃي ٿي.

الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

(نارائڻ شيام)

___________________

Saabhiyan Sangi-TheAsiaN

شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button