پاڪستان گڏيل عرب امارات جا فنڊ ھڪدم واپس ڪرڻ تي ڇو مجبور ٿيو؟
پاڪستان کي خليجي ملڪن، خاص ڪري سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي اندروني اختلافن جي ڪري سزا ڏني پئي وڃي، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري شمشاد خان جو خيال
آمريڪا-ايران جنگ ۾ ٽياڪڙي ھلندي پاڪستان سعودي عرب کان مالي مدد وٺي ابوظهبيءَ کي 3.5 بلين ڊالرن جو سمورو قرض واپس ڪيو. تجزيه نگار ان قدم کي وچ اوڀر تڪرار دوران “نئين علائقائي جوڙجڪ ۽ عالمي پوزيشننگ” سان ڳنڍين ٿا. اقتصادي ماھر سعودي عرب جي مالي مدد تي وڌيڪ انحصار بابت خبردار ڪري رهيا آهن. سعودي مالي مدد اسٽيٽ بئنڪ جي 16 بلين ڊالرن جي ڪل پرڏيهي ذخيرن جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو جي برابر آهي.

ليکڪ: عامر لطيف
پاڪستان گذريل هفتي گڏيل عرب امارات (UAE) کي 3.5 بلين ڊالر واپس ڪيا، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن وچ اوڀر بابت پاڪستان جي پاليسيءَ تي نار واري رياست جي ناراضگيءَ جي پس منظر۾ ڏٺو. سعودي عرب، جنهن گذريل سال پاڪستان سان گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، ھڪدم مدد لاءِ اڳتي آيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 3 بلين ڊالر داخل ڪيا.
تيل سان مالا مال بادشاهت (سعودي عرب)، جنهن جا يمن کان سوڊان تائين ڪيترن ئي پرڏيهي پاليسي معاملن تي گڏيل عرب امارات سان اختلاف رهيا آهن، 5 بلين ڊالرن جي موجوده قرض ۾ پڻ هڪ سال کان وڌيڪ جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪجهه تجزيه نگار انهن تبديلين کي احتياط سان ڏسي رهيا آهن، ۽ سعودي عرب جي مالي مدد تي وڌيڪ انحصار بابت خبردار ڪري رهيا آهن، جيڪا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 16 بلين ڊالرن جي ڪل پرڏيهي ذخيرن جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو جي برابر آهي.
ٻين وري گڏيل عرب امارات جي هن قدم کي گهٽ اهميت ڏيندي چيو ته اها صورتحال هن ڏکڻ ايشيائي ائٽمي ملڪ کي ڊگهي مدي واري استحڪام ڏانهن وٺي ويندي. ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ سياسي معيشت جي ماھر عمار حبيب خان تُرڪيءَ جي خبر ايجنسي ’انادولو‘ کي ٻڌايو ته “جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو وچ اوڀر تڪرار ھلندي نئين علائقائي ترتيب ۽ عالمي پوزيشننگ جو حصو آهي.”
عمار حبيب خان، گڏيل عرب امارات پاران پنهنجا ذخيرا واپس وٺڻ ۽ انهن جي جاءِ سعودي عرب پاران وٺڻ جي حوالي سان چيو ته “هي نئين صف بندي جنگ کان اڳ ئي طئہ ٿيل هئي، پر هاڻي اهو وڌيڪ واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي.” پاڪستان جي پرڏيهي وزارت، گڏيل عرب امارات کي رقم واپس ڪرڻ جي فيصلي کي صرف هڪ “معمولي مالي مٽاسٽا” قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته ان جو وچ اوڀر جي جنگ سان ڪو تعلق آهي، هنن زور ڀريو ته اسلام آباد ۽ ابوظهبيءَ جي وچ ۾ ڪوبه اختلاف ناهي.
عمار حبيب خان موجب، سعودي عرب سان گڏ بيهڻ جو پاڪستان جو فيصلو هڪ “عقلمندانه” قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي دفاعي معاهدو موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن توهان کي چونڊ ڪرڻي آهي، ته توهان مختصر مدي واري استحڪام جي بجاءِ ڊگهي مدي واري استحڪام کي ترجيح ڏيو ٿا، ۽ پاڪستان عقلمنديءَ سان چونڊ ڪئي آهي.”
هن چيو ته پاڪستان کي گڏيل عرب امارات جي قدم سان گهڻو نقصان نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سعودي عرب اڳتي نه اچي ها ته به اسلام آباد ٻين ذريعن کان اها رقم حاصل ڪري سگهي ها. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان دفاعي معاهدي کانپوءِ اسلام آباد کي دفاعي شين جي وڪري ذريعي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ڪمائڻ جو موقعو ملندو.
عمار خان چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي جاري ٽياڪڙي، خاص طور تي ايراني نار (Strait of Hormuz) جي امڪاني بندش جي حوالي سان، اسلام آباد جي جيو پوليٽيڪل حيثيت کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان کي خطي ۾ هڪ “نئين سيڪيورٽي ضامن” طور بيھاريو آهي. جيڪڏهن آمريڪا سان معاهدي جي صورت ۾ تهران تان عالمي پابنديون ختم ٿي وڃن ٿيون ته اسلام آباد وچ اوڀر ۾ متبادل مارڪيٽ ڳولي سگهي ٿو ۽ ايران سان پنهنجي واپار کي قانوني شڪل ڏئي سگهي ٿو.
هن وقت پاڪستان جي ڏکڻ اولهه واري صوبي بلوچستان ۾ هزارين ماڻهو ايران مان غير قانوني مڇي جي برآمد ۽ تيل جي درآمد ۾ ملوث آهن. 1700 ڪلوميٽر ڊگهو پاڪ-ايران گيس پائپ لائن منصوبو، جنهن جو مقصد پاڪستان کي روزانو 750 ملين ڪيوبڪ فٽ گيس فراهم ڪرڻ آهي، 2013 کان اڻپورو پيل آهي. هي منصوبو 2015 ۾ مڪمل ٿيڻو هو. چيو وڃي ٿو ته آمريڪا ايران واري هن رٿا کان پري رهڻ لاءِ پنهنجي اتحادي (پاڪستان) تي دٻاءُ وڌو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان سرڪاري طور تي ان جي ترديد ڪري ٿو.
‘وڌيڪ انحصار‘
ذخيرن جي واپسي کان علاوه، گڏيل عرب امارات اسلام آباد کي هڪ ٻي اهم رٿا جي خاتمي بابت پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. مالي وزارت جي ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گڏيل عرب امارات 1 بلين ڊالر جي قرض کي فوجي فائونڊيشن جي سيڙپ ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي تان هٿ کڻي ورتو آهي.
ڪراچي جي هڪ ٻئي اقتصاديات جي ماهر شاهد حسن صديقي چيو ته جيتوڻيڪ سعودي مالي مدد پاڪستان کي پرڏيهي ذخيرن جي حوالي سان “فوري صدمي” کان بچائي ورتو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسلام آباد جو پرڏيهي مالياتي مدد، خاص طور تي سعودي عرب تي وڌيڪ انحصار وڌي ويو آهي. صديقيءَ ٻڌايو ته “ان کي ملڪ جي پرڏيهي ذخيرن کي درپيش فوري خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف هڪ عارضي رليف طور ڏسڻ گهرجي.”
پر صديقيءَ جي مطابق، تازن واقعن “اقتصادي خطرن” کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اسلام آباد جي مالياتي وسيلن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. هن سوال ڪيو ته “اسان پنهنجا سڀئي آنا هڪ ئي ٽوڪريءَ ۾ رکي ڇڏيا آهن. ڇا ٿيندو جيڪڏهن سعودي عرب سڀاڻي اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ مان ناخوش ٿي وڃي يا آمريڪا کي اسان جي ضرورت نه رهي؟”
هن تسليم ڪيو ته سعودي عرب جي تازي مالي مدد سان پاڪستان کي پنهنجا پرڏيهي ذخيرا برقرار رکڻ ۾ مدد ملي آهي، پر هن چيو ته ملڪ کي پنهنجي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ “پرڏيهي پاليسي تي سمجهوتي” کان بچڻ لاءِ سڌارن سان گڏ مختصر ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته “هڪ ائٽمي ملڪ اهڙي طرح نٿو هلي سگهي، جتي ان جي درآمدات برآمدات کان ٻيڻيون هجن، ۽ پرڏيهي پئسن (Remittances) کي واپاري خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، بجاءِ ان جي ته انهن کي سيڙپ ۾ لڳايو وڃي.”
صديقيءَ مني لانڊرنگ جي حوصلي شڪني لاءِ وڏي پرڏيهي رقم تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته “هن وقت پرڏيهي رقم تي ڪو به ٽيڪس ناهي، چاهي اها 10 ڊالر هجي يا هڪ لک ڊالر.” هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي پئسن تي مڪمل ٽيڪس جي ڇوٽ ملڪ جي اڳ ئي ڪمزور ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهي آهي. هن تجويز ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو پرڏيهي پئسا سيڙپ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن ته جيئن قرضن ۽ ذخيرن جي بجاءِ “پنهنجي پئسي” سان پرڏيهي ذخيرا وڌائي سگهجن.
اقتصادي لاڳاپا
اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري شمشاد خان چيو ته اسلام آباد کي صرف خليجي ملڪن، خاص ڪري سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي اندروني اختلافن جي ڪري سزا ڏني پئي وڃي. شمشاد خان چيو ته “پاڪستان نه رڳو ايران تي جنگ جي مذمت ڪئي آهي پر گڏيل عرب امارات ۽ ٻين خليجي ملڪن تي حملن جي به مذمت ڪئي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ عرب ملڪن سان هڪ ئي وقت سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته “پاڪستان گڏيل عرب امارات بابت پنهنجي روايتي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي.”
پاڪستان جا خليجي ملڪن سان لاڳاپا بنيادي طور تي معيشت تي ٻڌل آهن. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل وڏي رقم ملڪ جي معيشت تي نمايان اثر وجهندي آهي. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات گڏجي 3.5 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ڪن ٿا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، سعودي عرب جتي 2.7 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ پئسا موڪليندڙ ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي، جتان 2025 ۾ 9.64 بلين ڊالر موڪليا ويا. ان کان پوءِ گڏيل عرب امارات آهي، جيڪو 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي، جن گذريل سال 8.21 بلين ڊالر موڪليا.
سرڪاري انگن اکرن موجب، 2025 ۾ پاڪستان جي مختلف ملڪن ڏانهن ڪل مين پاور ايڪسپورٽ (انساني وسيلا موڪلڻ) 762,499 هئي، جنهن ۾ اڪيلي سعودي عرب جو حصو 69.5 سيڪڙو هو. ان کان علاوه، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پاڪستان جا وڏا علائقائي واپاري ڀائيوار آهن، جيڪي پاڪستان کي بنيادي طور تي تيل برآمد ڪن ٿا. 2025 ۾ گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي برآمدات ترتيبوار 2.1 بلين ڊالر ۽ لڳ ڀڳ 750 ملين ڊالر رهيون.
______________
ڪراچيءَ ۾ رھندڙ عامر لطيف سينئر صحافي ۽ تُرڪيءَ جي خابرو اداري انادولو ايجنسيءَ جو عيوضي آھي



