متڀيد ڇو؟ پنجابين جو بسنت حلال ۽ سنڌين جي هولي حرام !!
اسان وارن سنڌي مسلمانن کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن هُو پنهنجي تاريخ، ڪلچر ۽ ثقافتي ڏهاڙن سان جُڙندا ته سندن ايمان ڪمزور ٿي ويندو ۽ هو “ڪافر” ٿي ويندا.
هي هوليون، ڏياريون، چيٽي چنڊ اهي سڀ اسان جا، اسان جي ابن ڏاڏن جا ۽ اسان جي پاڪ، پَوِتر، مقدس ماتر ڀُوميءَ جا تهوار آهن.
عامر عمراڻي ايڊووڪيٽ
پنجاب ۾ لڳ ڀڳ 19 سالن جي پابنديءَ کانپوءِ سرڪاري سطح تي بسنت جو تِهوار ملهايو پيو وڃي.
پنجاب جو هي ثقافتي ڏهاڙو، سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادو نوٽيس کان اڳ آخري دفعو سرڪاري سطح تي 2007ع ۾ ملهايو ويو هو. ان کانپوءِ لغڙن جي تيز ڌار واري ڌاڳي جي ڪري ٿيندڙ حادثن ۾ واڌارو ٿيندي ڏسي، سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادو نوٽيس کانپوءِ پنجاب سرڪار بسنت ملهائڻ تي پابندي عائد ڪري ڇڏي هُئي. هيءَ پابندي 27 فيبروري 2007ع تي لاڳو ٿي ۽ هينئر مريم نواز جي پنجاب حڪومت ۾ Punjab Kite Flying Ordinance 2005 يعني لغڙ اڏائڻ تي قانون تحت بسنت کي خاص طور تي لاهور ۽ عام طور تي پوري پنجاب ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

هن ڀيري پنجاب جي هِن ثقافتي تهوار جون بي.بي.سي (انگريزي) کان ويندي الجزيره تائين جهڙن خابرو ادارن ۾ خبرون ڇپجن پيون، ڇاڪاڻ ته مريم نواز جي پنجاب سرڪار هن “بسنت” کي عالمي سطح جي تقريبن ۽ انتظامن وسيلي ملهائي رهي آهي.
پر بسنت آهي ڇا…؟؟
هن تهوار جو اصلي نالو “وسنت پَنچَمي يا وَسنت اُتسَوُ (Vasantotsav) آهي. اُتسَوُ مطلب تهوار.
هي هڪ هندو (هتي هندو مان مطلب “غير اسلامي” تهوار آهي) تهوار آهي. سَنسڪرت ۾ وسنت، بَهار کي چوندا آهن ۽ هن تهوار کي “وَسنت پنچمي” انهي جي ڪري چيو ويندو آهي ته هي تهوار هندي ڪئلينڊر جي “ماگهه يا ماگها” مهيني جي پنجين تاريخ تي شروع ٿيندو آهي.
بهار جي شروعات سان شروع ٿيندڙ هِن تهوار کي سَرنهن جي فصل جي ڦِڪي (پيلي) رنگ جي گلن سان منسوب ڪندي پيلي رنگ جا ڪپڙا، چُنريون ۽ پٽڪا وغيره پائي ملهايو ويندو آهي. هن رنگ کي بَسَنتي رنگ به چوندا آهن.
۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته هِي تهوار علم ۽ ڏاهپ جي ديوي “سَرَسوَتي ديوي” ڏانهن منسوب ٿيل آهي. جنهن کي هندو ڌرم ۾ ڀڳوان برهما جيتري حيثيت حاصل آهي.
هن تهوار ۾ ديوي سرسوتي جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، مٺايون ورهايون وينديون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ اُهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو آهي جيڪو مسلمان عيد تي ڪندا آهن.
ها، هن تهوار ۾ لغڙ اُڏائڻ جي رسم پنجابي راجا رنجيت سنگهه جي دورِ حڪمرانيءَ ۾ رنجيت سنگهه پاڻ آندي.
بهرحال، پنجاب، جيڪو اسلامي ڀائيچاري ۽ سُٺي مسلمان ٿيڻ جو راڳ ڳائيندي نٿو ٿَڪجي اُهو “بسنت” کي وڏي جوش، جذبي ۽ فخر سان ملهائي پيو پر اُن (پنجاب) جي پيروي ڪندي اسان وارا ديسي ساخت جا عربن کان به وڏا مسلمان “هولي” ملهائڻ تي سراپا (مٿي کان وٺي پيرن تائين) ڳاڙها ٿيو وڃن اُن کي چون ته هولي ملهائڻ حرام آهي ۽ اهو هندن جو تهوار آهي.
پنجاب جيڪو پاڪستان ۽ اسلامي ڀائيچاري جي نالي ۾ مُني صديءَ کان خاص طور تي سنڌ جا قدرتي ۽ معاشي وسيلا پنهنجي فوجي طاقت جي ذريعي سموري دنيا ۾ نيلام پيو ڪري، اُهو پاڻ “بسنت” پيو ملهائي، اُن کي پنهنجو ثقافتي تهوار ٿو سَڏي ۽ اڃان تائين راجا رنجيت سنگهه وارا لغڙ نٿو ڇڏي پر اسان وارن سنڌي مسلمانن کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن هُو پنهنجي تاريخ، ڪلچر ۽ ثقافتي ڏهاڙن سان جُڙندا ته سندن ايمان ڪمزور ٿي ويندو ۽ هو “ڪافر” ٿي ويندا.
ڀائي جان!
پنجاب ته ڪافر نٿو ٿئي!! سنڌي ڪيئن ٿا جلدي ڪافر ۽ هندو ٿيو وڃن؟
هي هوليون، ڏياريون، چيٽي چنڊ اهي سڀ اسان جا، اسان جي ابن ڏاڏن جا ۽ اسان جي پاڪ، پَوِتر، مقدس ماتر ڀُوميءَ جا تهوار آهن. اهي حرام آهن!! ۽ اهي اسان کي ڪافر ڪندا..؟ نه!
حرامي ۽ حلالي هجڻ ڪي ڪَسوَٽي ڌرتي ماءُ طئہ ڪندي! نه پنجاب ڪندو نه ئي ڪو اهڙو عقيدو ڪندو جنهن جي نالي تي اسان کي صدين تائين پنهنجي تهذيب، تاريخ ۽ شاندار ماضيءَ کان نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هُجي.
اُن ڪري ٿورو عَقل سِکو.
_____________
سوشل ميڊي مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ کنيل ليک



