آمريڪا ۾ ڏکڻ ڪوريائي باشندن جي نظربندي: ڪوريا جي ذميواريءَ بابت سوال
ڪوريا کي ڇا ڪرڻ گھرجي جڏھن پرڏيھ ۾ سندس شھرين کي بيگناھ زنجيرن ۾ جڪڙي جيل ۾ واڙيو وڃي؟ ڏکڻ ڪوريا طرفان آمريڪا ۾ 150 ارب ڊالر سيڙپ ڪرڻ جي وعدي جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ اھو قدم کنيو ويو
لِي سانگ ڪِي، ڪوريا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر
سيئول
آمريڪي اِميگريشن ۽ ڪسٽمز اينفورسمينٽ پاران جاري ڪيل وڊيو، جنھن ۾ جارجيا ۾ ھُنڊائي ايل جِي بيٽري پلانٽ ۾ ھٿ ۽ پير ڪڙين ٻڌل پورھيتن کي ڍورن جيان بسن ڏانھن ھڪليندي ڏيکاريو ويو اھي، نھايت ڏھڪائيندڙ آھي. انھيءَ آپريشن ۾، جيڪو ڄڻ تہ ڪا فوجي ڪارروائي پي لڳي، چار سئو پنجھتر پورھيتن کي نظربند ڪيو ويو جن ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪوريائي پورھيت آھن. گرفتار ڪيل پورھيتن تي ان ڏھڪاءَ جو اثر ڪو جلد ختم ٿيڻ وارو ڪونھي.
آمريڪي ايجنسيءَ جو چوڻ آھي تہ انھن پورھيتن ويزا واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي ۽ انھيءَ حساب سان ھُو اُتي غيرقانوني طور ڪم ڪري رھيا ھئا. انھيءَ لحاظ کان ڏسجي تہ آمريڪي ايجنسي پنھنجي ملڪ جي قانون تي عمل ڪري رھي ھئي. پر اھو قدم ٻنھي ملڪن جي ڪامياب سربراھي گڏجاڻي ٿيڻ ۽ ڏکڻ ڪوريا طرفان آمريڪا ۾ ڏيڍ سئو ارب ڊالرن جي سيڙپ جي وعدي کان ھڪدم پوءِ ڇو کنيو ويو. ٻيو تہ خاص طور ڪوريائي باشندن کي نمايان طور ڇو ڏيکاريو ويو؟ آمريڪي صدر ٽرمپ اھو چئي تہ اميگريشن ۽ ڪسٽم وارو ادارو پنھنجو فرض پورو ڪري رھيو آھي، پاڻ کي ان معاملي کان الڳ ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھ کي مڃڻ ڏکيو آھي تہ اميگريشن ۽ ڪسٽم اداري طرفان ايڏو وڏو قدم صدارتي آفيس کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ بنا کنيو ويو ھوندو.

ان وڊيو ۾ ڏيکاريل منظر ڏھ سال اڳ ڪئناڊا جو واقعو ياد ڏياري ٿو جيڪو ڪرسچن پادري جيان ڊاءِ گُئن سان پيش آيو ھو. اپريل 2015 ۾ ھُو نارٿ لائيٽ ڪاليج ٽورنٽو جي ايڊمنسٽريٽر طور ڪم تي وڃي رھيو ھو تہ وفاقي پوليس کيس اوچتو گرفتار ڪري ورتو. مٿس الزام ھنيو ويو تہ ھُو ايشيائي سيڪس ٽريفڪنگ ڪاروبار جو ڪرتا ڌرتا آھي. کيس مانٽريال ۾ ٻٽيھ مھينن تائين نظربند رکيو ويو ھو. عالمي نشرياتي ادارن کيس شڪي ڏوھاريءَ طور ڏيکاريو. نيٺ، سندس خلاف ڪو بہ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ تي کيس آزاد ڪيو ويو. پر انھيءَ کانپوءِ سندس اسڪول بند ڪيو ويو، سندس رھائش وارا دستاويز ضبط ڪيا ويا، جنھن کانپوءِ سندس صحت بہ خراب ٿي وئي. اڄ بہ ھو انھيءَ جا اثر ڀوڳي رھيو آھي.
آمريڪا ۽ ڪئناڊا وارن ھنن ٻنھي معاملن ۾ ھڪجھڙائي آھي. قانون لاڳو ڪرڻ نالي ۾ ڪوريائي باشندن سان زيادتي ڪئي وئي آھي، سندن عزت ۽ وقار کي ڌڪ ھنيو ويو آھي ۽ سندن زندگي برباد ڪئي وئي آھي. ٻنھي ڪيسن ۾ ڪوريائي حڪومت جا پنھنجي شھرين جي تحفظ لاءِ کنيل قدم انتھائي اڻپورا ھئا ۽ آھن.
سربراھي گڏجاڻيءَ ۾ مُرڪي فوٽو ڪڍائڻ ۽ سيڙپ جا ٺاھ ڪرڻ سان قومي وقار جو ماپو نٿو ڪري سگھجي. انھيءَ جو ماپو صرف انھن اُپائن منجھان ٿي سگھي ٿو تہ رياست پنھنجي شھرين کي پرڏيھ ۾ بيگناھ گرفتارين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌجڻ کان بچائي سگھي ٿي يا نہ. جيڪڏھن ڪوريا عالمي سطح تي ھڪ اھم رياست طور پان مڃائڻ گھري ٿي تہ کيس انھيءَ جي سروعات پنھنجي سھرين جي دفاع سان ڪرڻي پوندي.
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن AJA ۽ دي ايشيا اين The AsiaNانھيءَ ڏس ۾ ورھين کان واقعن کي قلمبند ڪندي رھي آھي ۽ ان جي شاھد آھي. جيڪڏھن اسان ايئن نہ ڪنداسين ۽ آواز نہ اُٿارينداسين تہ اھڙا واقعا ورجائبا رھندا. جارجيا ۾ بيگناھ زنجيرن ۾ جڪڙيل پورھيت ۽ مانٽريال وارو پيسٽر اسان کان سوال ڪن ٿا تہ: ”رياست، سماج ۽ ميڊيا ڪٿي آھن؟“ انھيءَ سوال جو جواب ڏيڻ جو وقت آھي.
______________

لِي سانگ ڪِي سينئر صحافي، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ دي ايشيا اين جو چيف ايگزيڪيٽو آھي.
دي ايشيا اين The AsiaN جي ٿورن سان