بغاوتن کي چيڀاٽڻ لاءِ انگريز حڪمرانن 200 قبيلن کي ”ڏوھاري“ پڌرو ڪيو ھو
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھندستان ۾ اچڻ کانپوءِ ارڙھين صديءَ کان ئي اھڙا ڪارا قانون مڙھڻ شروع ڪيا ھئا
انگريزن جڏھن مختلف رياستن ۾ زرعي زمينن ۽ ٻيلن تي والار شروع ڪئي تہ لوڌي ۽ ٻين قبيلن سندن خلاف ھٿيار کنيا ۽ گوريلا ويڙھ ڪئي
نصير اعجاز
تازو انڊيا جي ھڪ اڳوڻي ڪاموري ڊاڪٽر بي ڪي لوڌيءَ جو نھايت معلوماتي تحقيقي آرٽيڪل ھٿ آيو، جيڪو لوڌي قبيلي جي تاريخ ۽ برطانوي راڄ ۾ انھيءَ کي ”ڏوھاري قبيلو“ پڌرو ڪرڻ جي حوالي سان آھي، پر انھيءَ آرٽيڪل کي پڙھڻ سان خبر پوي ٿي تہ بيٺڪي حڪمرانن ڪھڙي نموني انھن سمورن قبيلن کي ”ڏوھاري قبيلا“ پڌرو ڪيو ھو، جن بيٺڪيت خلاف آواز اُٿاريو ۽ مزاحمت ڪئي ھئي.
ڊاڪٽر لوڌي لکي ٿو تہ بيٺڪي حڪمرانن ھندستان جي ذري گھٽ ٻہ سئو برادرين يا قبيلن کي ”ڏوھاري قبيلو“ ھجڻ جو ٺپو ھڻي انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ماڻھن کي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ھيون تہ جيئن بغاوت کي دٻائي سگھجي. انھن ۾ لوڌي قبيلو بہ شامل ھو. برطانوي بيٺڪي حڪمرانن اُڻويھين کان ويھين صديءَ تائين مختلف وقتن تي ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ مڙھي مختلف قبيلن کي ڏوھاري پڌرو ڪري سزائون ڏنيون ھيون.

ھُو لکي ٿو تہ لوڌي راجپوتن جون سينٽرل ۽ اُتر انڊيا ۾ مختلف رياستون ھيون جتي انگريزن خلاف بغاوت ٿيندي رھي. اھڙي ئي ھڪ بغاوت لوڌي، گوند ۽ بنديلا قبيلن 1842 ۾ ڪئي جنھن جي اڳواڻي راجا ھِرديشاھ ڪئي. تاريخ جي پنن ۾ انھيءَ بغاوت کي ”بنديلا بغاوت“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جڏھن انگريز جارح بغاوتن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿيا تہ ھنن انھن قبيلن کي ”ڏوھاري قبيلا“ پڌرو ڪري ماڻھن کي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. انگريزن ھٿيار ڦٽا ڪرڻ تي معافي ڏيڻ جي پاليسي بہ اختيار ڪئي پر ناڪام ويا.
اصل ۾ بغاوتن جو سلسلو تڏھن شروع ٿيو جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ روھيلکنڊ، بنديلکنڊ ۽ انڊيا جي ٻين علائقن ۾ زرعي زمينن ۽ ٻيلن تي والار ڪرڻ شروع ڪئي. لوڌي قبيلي جي ماڻھن 1870 ڌاري بہ انگريزن خلاف روھيلکنڊ علائقي ۾ بغاوت شروع ڪئي ۽ ھٿيار کنيا. جيئن تہ انگريزن سان گھڻو وقت سڌو مقابلو ڪرڻ جي منجھن سگھ نہ ھُئي تہ ھنن گوريلا ويڙھ ذريعي انگريزن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. انھيءَ کان اڳ 1857 واري بغاوت ۾ بہ لوڌين ۽ ٻين قبيلن سرگرميءَ سان حصو ورتو ھو.
ڊاڪٽر لوڌيءَ موجب انگريزن پھريون ڀيرو ڪرمنل ٽرائيبس قانون 1793 ۾ لاڳو ڪيو ھو. انھيءَ کانپوءِ وقت بوقت انھيءَ قانون کي سخت ڪري غير انساني عمل شروع ڪيا ويا ۽ انھيءَ جو دائرو گجرات، اُتر پرديش، بنگال ۽ مدراس ۽ ٻين رياستن تائين وڌايو ويو. اُڻويھين صديءَ ۾ 1871 توڙي انھيءَ کانپوءِ 1924 تائين انھيءَ ڪاري قانون ۾ تبديليون اينديون رھيون تہ ڏوھاري قبيلن جي فھرست ۾ بہ واڌارو ٿيندو ويو جيڪو ٻہ سئو کان مٿي ٿي ويو. انگريزن جي ھندستان مان وڃڻ کانپوءِ 1950 واري ڏھاڪي جي شروع کان انھيءَ ڪاري قانون کي رد ڪيو ويو.
ھندستان جي مختلف رياستن ۾ جن ٻين قبيلن يا ذاتين کي ڏوھاري قبيلا پڌرو ڪيو ويو ھو، تِن ۾ اَھير، ڪڇي، گُجر، ٺاڪر، برھمڻ، ڪُڙمي، ڪنور، رائو، چوڌري، ملاح، ڪَيوت، راموشي، بنجارا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون شامل آھن.
ھن آرٽيڪل ۾ ڪٿي بہ سنڌ ۽ حُر ھلچل توڙي حُر جمائت جي ماڻھن کي ڏوھاري قبيلا پڌرو ڪرڻ جو ذڪر ڪونھي، جنھن جو سبب شايد اھو ئي اھي تہ ليکڪ پنھنجي تحقيق جو دائرو گھڻو ڪري انڊيا ۽ خاص طور لوڌي راجپوت قبيلن تائين محدود رکيو آھي، پر انھيءَ سان ھيءَ ڄاڻ ضرور ملي تہ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي اچڻ سان ئي سندن خلاف مزاحمتن ۽ بغاوتن جو سلسلو سموري ھندستان ۾ شروع ٿي ويو ھو ۽ انھن بغاوتن کي چيڀاٽڻ م ناڪاميءَ تي باغي قبيلن جي ماڻھن کي ڏوھاري قبيلا پڌرو ڪري سزائون ڏنيون ويون.
ھي اُھي ئي ڪارا قانون ھئا جن ھيٺ سنڌ مان حُر جمائت جي ماڻھن کي اُڻويھين صديءَ کان پڪڙي ھندستان جي مختلف علائقن ۾ قائم لوڙھن (کُليل جيلن) ۾ واڙيو ويو ۽ پوءِ سنڌ ۾ ئي اھڙا لوڙھا قائم ڪيا ويا. ڪاري بيٺڪي راڄ جي ھيءَ اُھا داغدار تاريخ اھي جنھن تي گھڻو تحقيقي ڪم ڪرڻ جي گھرج آھي.
______________