Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سُئيڊن ۾ سنڌ جي سانوڻ واري مينهن ۽ مٽيءَ جي سُڳنڌ جي ياد

سنڌ ۾ سانوڻ جي مينهن جي پهرين ڪڻي پوڻ کان پوء جيڪا دل کي وڻندڙ خوشبو نڪرندي آهي اها سنڌ کان سواء مون ڪٿي به محسوس ناهي ڪئي

مينهن وسڻ سان سنڌ جي مٽيءَ مان جيڪا خوشبو نڪري ٿي سا رڳو مٽيءَ جي نه پر هڪ قديمي واعدي، صديون پراڻين يادگيرين، هڪ روحاني رسم ، محبتن، محنتن ۽ دعائن جي خوشبو هوندي آهي

جڏهن آسمان تان پهريون ڦڙو وسندو آهي ته ڄڻ سنڌ جي زمين جي دل ڌڙڪندي آهي. ان وقت سڄي سنڌ، شهرن جي ريتن کان وٺي ڳوٺن جي وٿاڻن تائين هڪ اهڙي خوشبوءِ ۾ ڍڪجي ويندي آهي جنهن کي ڪو به عطر ڪري وڪڻڻ يا بوتل ۾ بند ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي

عبدالله عثمان مورائي

گذريل هفتي اسٽاڪهولم کان ذري گهٽ ڇهه سئو ڪلوميٽر مٿي اتر واري پاسي ويسترنورلينڊ جي صوبي ۾ ويڪ ائنڊ تي گهمي ڦري واپس پي ٿياسين. واپسيء واري ڏينهن صبح ساڻ ئي مينهن وسڻ شروع ٿيو جيڪو ڪافي تيز هو. تقريبن ڪو ڏيڍ ٻه سئو ڪلوميٽر تائين اهو مينهن لڳاتار وسندو ۽ اسان جو پيڇو ڪندو رهيو. هڪ ٻن جاين تي بيهي ساهي به پٽڻي پئي. ان مينهوڳيءَ واري مند ۾ مونکي سنڌ ڏاڍي ياد آئي.

سنڌ ۾ سانوڻ جي مينهن جي پهرين ڪڻي پوڻ کان پوء جيڪا دل کي وڻندڙ خوشبو نڪرندي آهي اها سنڌ کان سواء مون ڪٿي به محسوس ناهي ڪئي. ننڍپڻ جي هڪ ياد به تري آئي جڏهن ڪو ٽنڊڻ ۽ ڀڳڙو زمين ۾ پوريندا هئاسين ۽ خيال هوندو هو ته ائين ڪرڻ سان مينهن وسندو. اها ننڍپڻ واري ڳالهه ياد ڪري ٿورو مشڪيس به ۽ سوچڻ لڳس ته مينهن وسڻ سان سنڌ جي مٽيءَ مان جيڪا خوشبو نڪري ٿي سا رڳو مٽيءَ جي نه پر هڪ قديمي واعدي، صديون پراڻين يادگيرين، هڪ روحاني رسم ، محبتن، محنتن ۽ دعائن جي خوشبو هوندي آهي.

جڏهن آسمان تان پهريون ڦڙو وسندو آهي ته ڄڻ سنڌ جي زمين جي دل ڌڙڪندي آهي. ان وقت سڄي سنڌ، شهرن جي ريتن کان وٺي ڳوٺن جي وٿاڻن تائين هڪ اهڙي خوشبوءِ ۾ ڍڪجي ويندي آهي جنهن کي ڪو به عطر ڪري وڪڻڻ يا بوتل ۾ بند ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي. اها خوشبو رڳو اسان جي روح ۾ رسجي ويندي آهي. ڳوٺن جا ٻار ميدانن ۾ کلندا ۽ ڊوڙندا آهن ۽ پوڙها پڪا وري چپ چپاتيءَ سان چوندا آهن ته، “رحمت اچي وئي.”

 مينهن سنڌ لاءِ رڳو موسم نه آهي، اهو احساس آهي، زندگيءَ جي علامت آهي ۽ اميدن جو نئون دروازو آهي.

مٽيءَ جو ڇُھاءُ ۽ سنڌيءَ جو احساس

سنڌ جي مٽي عام مٽي ناهي. هي اها مٽي آهي، جيڪا صدين کان سنڌ جي ماڻهن جي پيرن سان لڳي، سندن محنت ۽ پگهر جي گواهه رهي آهي. اها رڳو ڌرتيءَ جو ٽڪرو ناهي، پر اها ماڻهپي جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هر ذرو ڪنهن نه ڪنهن جي قربانيءَ، پيار يا ڪهاڻيءَ سان ڀريل آهي. جڏهن مينهن پوڻ بعد مٽيءَ مان خوشبو اچي ٿي ته اها ڄڻ هزارين سالن جي تاريخ جو آواز آهي، جيڪو چوندو آهي ته ”مان آهيان، مان سنڌ آهيان، مان انھن ماڻهن جي ڌرتي آهيان جن محبت پوکي ۽ سچ لڻيو.“

اسان جي مٽيءَ مان صوفي بزرگن جي بيتن جي خوشبو اچي ٿي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سازن جي مڌر ڌن ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ صوفي فڪر جي نرمي محسوس ٿئي ٿي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ انساني درد، پيار ۽ اميد گڏجي هڪ اهڙو سنگيت بڻجي وڃن ٿا، جيڪو روح کي ڇُهي ٿو.

مينهن جو پيغام

مينهن سنڌ لاءِ ڪڏهن به رڳو پاڻيءَ جا ڦڙا نه رهيو آهي، اهو هميشه رزق، بخشش ۽ رحمت جي نشاني رهيو آهي. جڏهن خشڪ پٽ تي پهريون مينهن وسندو آهي ته زمين سان گڏ ماڻهن جون دليون به تر ٿي وينديون آهن. مينهن سان گڏ ڄڻ ٻج به ڳالهائين ٿا، وڻ به کلن ٿا ۽ ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ٿي.

سنڌي سماج ۾ مينهن وسڻ سان گڏ خوشيءَ، گڏجڻ ۽ شڪر جو احساس وڌي وڃي ٿو. ڳوٺاڻا يا شهري ماڻهو ڇت تي چڙهي آسمان ڏانهن هٿ کڻي چون ٿا، “يا الله، تو مهرباني ڪئي.” اهو منظر سنڌي روح جي سادگي ۽ عقيدت جو سڀ کان سچو اظهار آهي.

يادن جي خوشبو

مينهن اڪثر هجر ۽ وصال جون يادون تازيون ڪندو آهي. مينهن ۽ مٽيءَ سان گڏ يادون به تر ٿي پونديون آهن. ڪنهن پرديسي جي دل ۾ اهو پنهنجي گهر جي آڱڻ تي ٽانڊن جي ڇارکي ياد ڪندو ۽ ڪنهن سنڌ ۾ ويٺل جي ذهن ۾ اهو ڪنهن وڇڙيل دوست سان ڪيل واعدا تازا ڪندو.هر ڦڙو ڪنهن پراڻي ڏينهن، ڪنهن دوست، ڪنهن وڇوڙي، يا ڪنهن گذريل لمحي کي زندهه ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ننڍپڻ جي آنگڻ ۾ وسندڙ مينهن ياد اچي ٿو، جتي “امّان” برساتي موسم ۾ پاپڙ، ڳڙ جي طاهري جو ڀت يا ڪڻڪ جي اٽي جي چوري ۽ چانهه ٺاهي ٻارن کي ڇت تان هيٺ سڏيندي هئي.

 ڪڏهن ڪڏهن وڏڙن جون ڳالهيون ياد اچن ٿيون، جيڪي چوندا هئا ته “مينهن جي پهرين خوشبو، جنت جي خوشبوءَ جهڙي هوندي آهي.” ۽ سچ ۾ اها جنت جي خوشبو مون سنڌ کان سواء ڪٿي به محسوس ناهي ڪئي.

 اهي يادون مٽيءَ سان گڏ ڪنهن ڪتاب جي صفحن وانگر کلن ٿيون ۽ اسان کي ٻڌائين ٿيون ته زندگيءَ جا سڀ کان سچا احساس اڪثر سادن لمحن ۽ گهڙين ۾ لڪل هوندا آهن.

سنڌ ۽ برسات، هڪ محبت جو رشتو

سنڌ ۽ مينهن جو رشتو محبت جو آهي. جڏهن مينهن جو پاڻي دٻن ۽ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿئي ٿو تڏهن ٻار انهن ۾ ٽپا ڏين ٿا، ڳوٺ جون عورتون ڇتين تان وسندڙ برسات ڏسي کلنديون آهن ۽ هوائن ۾ گوجندڙ پَن پڻ کلندا آهن ۽ ڳوٺن ۾ هر پاسي تازي خوشبو ئي خوشبو ملندي آهي.

اهي سڀ منظر گڏ ٿي هڪ اهڙي شاعري ٺاهين ٿا، جيڪا ڪنهن ڪتاب ۾ ناهي لکيل، پر هر سنڌي جي دل ۾ زندهه آهي. سنڌ جون نديون، ڪئنال، شاخون ۽ ٻنيون مينهن جي وسڻ سان ڄڻ جيئريون ٿي پونديون آهن. مٽيءَ جو هر ذرو، پاڻيءَ جي هر ڦڙي سان گڏ زندگيءَ جي نئين سُر ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.

شهري سنڌيءَ لاءِ برسات جو احساس

اڄ جڏهن ڪيترائي سنڌي وڏن شهرن يا مون وانگر ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا ته به مينهن وسڻ تي ساڳي خوشبو خيالن ۾ محسوس ڪن ٿا جيڪا ڳوٺ جي مٽيءَ مان ايندي هئي. ڪراچي هجي، اسلام آباد هجي، اسٽاڪهولم هجي، لنڊن هجي، ٽوڪيو هجي، سڊني هجي، وينڪوور هجي، انهن شهرن ۾ به جڏهن مينهن جي بوند ڪنڌ تي پوي ٿي ته هڪ پل ۽ گهڙيء لاءِ ماڻهو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي ياد ڪري ٿو. اهو احساس ڄڻ اندر جي ٿڌ ۾ هڪ گرم ڪپڙي وانگر لپيٽي وٺي ٿو.

مٽي، مينهن ۽ اسان جي سڃاڻپ

مينهن ۽ مٽي سنڌي سڃاڻپ جا تارا آهن. انهن ۾ محنت، صبر، سادگي ۽ شڪر جو فلسفو لڪل آهي. سنڌي ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مٽيءَ سان جڙيل هوندو آهي ۽ مري وڃڻ بعد به مٽيءَ ۾ ئي ملي ٿو. هي ڌرتي فقط اسان جي رهائش نه آهي، پر اسان جي وجود جو حصو آهي. مينهن وسڻ سان جيڪا سڳنڌ اچي ٿي اها رڳو زمين مان نه پر اسان جي اندر مان به نڪري ٿي ۽ اهو ياد ڏياري ٿي ته ڌرتي اڃا جيئري آهي، اسان اڃا به زندهه آهيون، احساس رکندڙ آهيون ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت اڃا به قائم آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين قائم رهندي. هي اها خوشبوءِ آهي، .جيڪا اسان کي پنهنجي اصل سان ڳنڍي ٿي ۽ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته پاڻ رڳو مانيءَ جا محتاج ناهيون پر ڌرتيءَ جي مامتا جا قرضدار به آهيون

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته مينهن، مٽي ۽ يادون، هي ٽيئي شيون سنڌ جي زندگي جا بنيادي حصا آهن. مينهن اميد جو نالو آهي، مٽي صبر ۽ بقا جو نالو آهي ۽ ياد اسان جي ماضي جي پُل آهي، جيڪا اسان کي دائمي حال سان ڳنڍي ٿي. انهن ٽنهي شين جي خوشبوءَ ۾ سنڌ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. زندگي، تاريخ، محبت ۽ اميد جي ڪهاڻي. هيءَ ڌرتي هر وسندڙ ڦڙي سان پنهنجو پاڻ کي نئون ڪندي رهي ٿي، جيئن ماڻهو به پنهنجن جذبن کي هر برسات سان نئون ڪرڻ سکي ٿو.

 سنڌ جي مٽيءَ جو هر ذرو، هر خوشبو، ۽ هر ياد اسان کي اهو سيکاري ٿي ته زندگي جون سڀ کان خوبصورت شيون ڏسڻ ۾ نه پر محسوس ڪرڻ ۾ ملنديون آهن. مينهن ختم ٿي ويندو آهي، مٽي سُڪي ويندي آهي، پر ان گڏيل لمحي جي خوشبوءِ دير تائين هوا ۾ موجود رهندي آهي. اها خوشبوءِ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جو روحاني ورثو ڪيترو گهرو ۽ حقيقي آهي. جيستائين هي مينهن هن مٽيءَ تي پوندو رهندو ۽ هي خوشبوءِ اٿندي رهندي، تيستائين سنڌي قوم جي يادگيري به هميشه تازگي سان ڀريل رهندي.

مينهن ته ٻه سئو ڪلو ميٽرن کان پوء بند ٿي ويو پر سنڌ جون مينهوڳي واريون يادون مون سان گڏ اسٽاڪهولم تائين گڏيون آيون ۽ سنڌ سان اڃا به روح جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو.

_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائوند واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توري اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button